حيدرآباد ( پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ اڃا تائين سياسي توڙي معاشي بحران مان نڪري ناهي سگهيو. موجوده پيش ڪيل بجيٽ سان معاشي حالتون بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿينديون. ايس ٽي پي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران ڳالهائيندي ايس ٽي پي سربراهه چيو ته سنڌ کي پورهيت طبقي جي نمائنده سنڌ دوست اتحاد جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي پيش رفت ڪندي مختلف ڌرين سان رابطي ۾ آهي ۽ کين اميد آهي ته جلد سنڌي قوم کي اتحاد جي خوشخبري ملندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني طوفان ۽ برساتن جي اڳڪٿين باوجود سنڌ حڪومت عملي طور ڪجهه ناهي ڪري سگهي. رڳو وزير ۽ مشير سکڻا دورا ڪري فوٽو سيشن ڪري رهيا آهن پر متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائي کين رهائش توڙي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ناهي ڪيو ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته هو پاڻ کي تيار رکن ته جيئن مشڪل وقت اچڻ جي صورت ۾ پنهنجي قوم ۽ ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي سگهن. اجلاس دوران ايس ٽي پي پاران ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون جيڪي سڌي طرح عوام سان رابطي ۾ رهي ساڻن مددگار ٿينديون. سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 22 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ يوم شهداءِ ملهايو ويندو جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۾ واڌ ڪندي ڊاڪٽر مظهر ميمڻ ۽ اعجاز سنڌي ميمبر مقرر ڪيا ويا جڏهن ته اڄ به ايس ٽي پي جو اجلاس جاري رهندو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، خير محمد مگسي، خدابخش درس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
