مسنگ پرسن جي بازيابي جي لاءِ عيد جي ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيئمپ لڳائي وئي

ڪراچي (پ ر):
وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سڀا ۽ سنڌ سُجاڳي فورم پاران عيد الضحيْ جي ڏينھن صبح جو 12 وڳي کان شام 6 وڳي تائين سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ 6 ڪلاڪن جي بُک ھڙتال وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، وي پي جي ڊپٽي ڪنوينر سنڌو امان چانڊيو، وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوھار، سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري لطيف ميمڻ، سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي، عاقب چانڊيي جي امڙ مختيار بيگم، ڀيڻ شازيا چانڊيو، فضا چانڊيو، وني فروا چانڊيو، نسيم بلوچ جي مڱيندي ھاني بلوچ، انصاف دايي جي ڀيڻن اقصيٰ دايو، افسانا دايو، پٺان خان زھراڻي جي وني بشيران زھراڻي، پُٽ عرفان، محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول نوتڪاڻي، جبار سرڪي جي امڙ جنت خاتون، اعجاز ڳاھي جي ڀاڻيجي ۽ سنڌ نيشنل وائيس جي اڳواڻ ايس ڪي ڳاھي، جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليواري اديب جامي چانڊيي، ھيومن رائيٽس الائينس جي ڪنوينر مشتاق ميراڻي، جامي چانڊيي، مھيش ڪمار، ظفر جوڻيجي، ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيي، جسقم اڳواڻ، اشفاق ميمڻ، ھيومن رائيٽس اڳواڻ اسد بٽ، قاضي خضر، ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد، ڊي آر ايس آف اڳواڻ نغمہ شيخ، جسقم جي ڊي او الاھي بخش بڪڪ، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئر پرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سرمن بروھي، حمز علي چانڊيي، سھيل ڀُٽي، سليمان جتوئي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مختيار سومري، ايس يو پي ڊويزن اڳواڻ منير مگسي، ايس يو پي اڳواڻ امير جان چانڊيو، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر، ڊيلٽا ڊولپمينٽ آرگنائيزر شفيق مرگر، سنڌ سڀا جي پريس سيڪريٽري وفا حسين، سنڌ سجاڳي فورم جي ڪراچي ڊويزن جي ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، ضلعي ڪورنگي جي جنرل سيڪريٽري منصور جمالي، ميڊيا سيڪريٽري آفتاب گبول، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي ڊپٽي چيف ارگنائيزر ھمت ڦلپوٽي، آرگنائيزر عبدالرزاق ٽالپر، تعلقي ڪورنگي جي آرگنائيزر مجاھد سنڌي، شاھد سومري، جساف اڳواڻ سارنگ مغيري، صحافي رزاق عاصي، نيشنل ٽريڊ يونين جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور، جسقم ڪارڪن ڪامران سنڌي، دليپ ايسراڻي، مشتاق سرڪي، ۽ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي شريڪ اڳواڻن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن ڳالھائيندي چيو تہ، ”اسان جي اڄوڪي بک ھڙتال، سنڌ مان کنڀي ڪيل سنڌي، بلوچ ۽ پختون سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ آھي، سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو اڃا ناھي رڪيو، ھي رياست ۽ ان جي ادارن جو عمل انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ عدالتن کان مٿانھون عمل آھي، جيڪو عمل ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت جوڳو ناھي، حالت اھا آھي تہ انڊيا جي ايجنٽ ڪلڀوشن کي تہ پنھنجن مائٽن سان ملڻ جو حق ڏنو ٿو وڃي پر معصوم عاقب چانڊيي کي ان جي امڙ سان ملڻ نہ ٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن اسان جي پيارن تي ڪو بہ الزام آھي تہ اوھان پنھنجي قانون تحت انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو، ۽ اسان عالمي ضمير، يو اين او، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون تہ اوھان ھن انساني حقن جي سنگين لتاڙ خلاف نوٽيس وٺي ھن رياست تي دٻاءُ وجھي اسان جي پيارن کي باحفاظت آزاد ڪرايو، نہ تہ ٻي صورت ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ جيڪا ھي نفرت ۽ بغاوت جنم وٺي رھي آھي، ان کي اوھان روڪي نہ ٿا سگھو، ۽ ھيءَ جدوجھد ايسيتائين جاري رھندي جيسيتائين اسان جا پيارا آزاد نہ ٿا ڪيا وڃن، آخر ۾ گڏيل راءِ سان اھو فيصلو ڪيو ويو تہ عيد کان پوءِ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم، ۽ سنڌ سڀا جي ميزباني ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي، ان ۾ جبري گمشدگين جي مسئلي تي گڏيل راءِ سان لائحہ عمل جوڙي جدوجھد ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …

Leave a Reply

Your email address will not be published.