پاڪستان مسلم ليگ نون پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ ٻه نالا گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.
پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز طرفان نگران وڏي وزير لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار احد چيما ۽ محسن نقوي جا نالا گورنر ڏانهن موڪليا ويا آهن.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حمزا شهباز نگران وڏي وزير واري معاملي تي وڌيڪ صلاح مشوري لاءِ ملڪ احمد خان کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ طرفان ڏنل ٽن نالن مان هڪ ناصر کوسا نگران وڏو وزير بڻجڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي.