
پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گادي واري هنڌ مري ۾ سخت برفباري سبب گاڏين ۾ ڦاٿل 21 سياح فوت ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن
مري ۾ شديد برفباري سبب صورتحال انتھائي خراب ٿي وئي آھي، شھر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڊيو بيان ۾ 16 کان 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ھئي
گهرو وزير شيخ رشيد احمد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 12 ڪلاڪن جي سخت محنت باوجود هزارين سياح مري ۾ ڦاٿل آهن، سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کان مدد طلب ڪئي وئي آهي