مريم نواز 21 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي

 احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ 21 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. قومي احتساب بيورو مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڀائيٽي يوسف عباس کي احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو، نيب عدالت کان ٻنهي ڄڻن جي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت ٻنهي ڄڻن کي 12 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي 21 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته شريف خاندان پنهنجي چوڌري شوگر ملز وسيلي مني لانڊرنگ ڪئي، مريم نواز چوڌري شوگر ملز جي شيئر هولڊر آهي ۽ يوسف عباس جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيو. مريم نواز جي پيشي جي موقعي تري عدالت ۾ وڏي تعداد ۾ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن موجد هئا جن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس تشدد پڻ ڪيو. نيب مريم نواز ۽ يوسف عباس کي چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، نيب موجب چوڌري شوگر ملز سميت شريف خاندان جون سموريون ڪمپنيون مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيون.

وڌيڪ پڙھو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري

ڪراچي (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان …