مريم نواز جي دعوت تي بلاول جاتي امراء پھتو-ملڪي سياست تي ڳالھين جي ڏي وٺ

جاتي امراء ۾ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دوران حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ جاتي امراء پهتو ته مريم نواز ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو سان گڏ قمر زمان ڪائره، چوڌري منظور ۽ مصطفيٰ نواز کوکر هئا، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻن ۾ راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ اياز صادق شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي گرفتاري توڙي اپوزيشن جي سرڪار مخالف تحريڪ جي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …