مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته مريم نواز ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن خلاف توهين عدالت جي درخواست مقامي وڪيل علي اعجاز بٽر طرفان داخل ڪئي وئي. مسلم ليگ(ن) اڳواڻن عطاءُالله تارڙ ۽ مريم اورنگزيب کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي.

h
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي خبر پئي آهي ته مريم نواز ۽ ٻين کي پاڪستان جي ادارن ۽ عدليه جو احترام نه آهي بدقسمتي سان ساڳيا ماڻهو حڪومتي معاملا به هلائي رهيا آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره ڌرين اعليٰ عدليه جي ججز جي باري ۾ توهين جوڳي زبان استعمال ڪئي. ان بيانن ذريعي انصاف جي نظام جي ساک تي سوال اٿاري عوام جو عدليه تان ڀروسو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. درخواست سان گڏ مريم نواز جي 25 جولاءِ جي پريس ڪانفرنس جو ٽرانسڪرپٽ به جمع ڪرايو ويو.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيمرا چيئرمين کي عدليه خلاف پريس ڪانفرنس جو ٽرانسڪرپٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. مريم نواز ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *