محبتن جي سرزمين تي نفرتن جي باھ نه ٻاريو

سنڌ جيڪا پنهنجي صدين جي تاريخ ۾ پيار، محبت، امن ۽ رواداري واري روايتن جي امين رهي آهي. جنهن جا رهاڪو سچل، سامي ۽ لطيف جي پيغام جا پيروڪار رهيا آهن. سنڌين پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ ڌارين جي حملن خلاف پنهنجي وطن ۽ ان جي وسيلن جي بچاءَ لاءِ ته هٿيار ضرور کنيا آهن پر، سنڌين پنهنجي سموري تاريخ ۾ ڪنهن به پاڙيسري ملڪ جي ڌرتي ۽ ان جي گذر جي وسيلن ڏانهن ڪڏهن به ميري اک ناهي کئين. ان جو سبب اهو آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ سنڌ سڀني کان وڌيڪ خوشحال ۽ وسيلن سان مالا مال هجڻ سان گڏوگڏ صوفين، فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي هجڻ ڪري هر قسم جي فرقيواريت، مذهبي انتهاپسندي، تعصب، نفرت ۽ مذهبي مت ڀيد کان بالاتر رهي آهي. هتي هندو، مسلم، سک، عيسائي، پارسين سميت ٻين مذهبن جا پيروڪار نه صرف گڏجي رهندا هيا، پر هڪ ٻئي جي مذهبي عقيدن جو دلي طور تي احترام ڪرڻ سميت هڪٻئي جي خوشين ۽ غمين عيدن ۽ ڏيارين سميت سمورا مذهبي ڏينهن ۽ تهوار به گڏجي ملهائيندا رهيا آهن. جنهنڪري سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي مذهبي نفرت ۽ جھيڙو ڪون هو. اتحاد انساني، امن عالم، ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي، ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سرزمين سنڌ جا رهاڪو لطيف سائين جي ”هو چون تو مَ چئو واتان ورائي“ واري پيغام جا پانڌيئڙا سدائين صبر، برداشت، درگذر ۽ رواداري واري روايتن کي اوليت ڏيندا رهيا آهن. سنڌي ماڻهن جي انهن عظيم روايتن، فڪر، فلسفي ۽ ”جيڪو مُڙيو سو جڙيو“ واري اصولن جي نتيجي ۾ ڌارين، ڦورو حاڪمن، ابن الوقت مقامي ڀوتارن، جاگيردارن ۽ سردارن سدائين ناجائز فائدا وٺندي سنڌ وطن ۽ ان جي وارثن خلاف ڏاڍ، جبر ۽ بربريت جي باھ ٻاري آهي. پر جڏهن ظلم ۽ زيادتون، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ پنهنجون سموريون حدون اورانگھي بربريتن ۽ وحشتن جو ننگو ناچ نچڻ شروع ٿو ڪري ته وري به اسان کي لطيف جي فڪر ۽ صلاح تي هلندي ”هڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين“ واري پيغام جي پوئواري ڪرڻي پوي ٿي. تاريخ ۾ ٿيندڙ تمام گھڻين بيواجبين، ڊوهن، ٺڳين ۽ ويساھ گھاتين جي باوجود به سنڌي ماڻهون ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري پاليسي جا قائل آهن. اڄ به سنڌي ”لڪم دينڪم ولي دين“ واري آفاقي اصولن تي ڪاربند آهن. سنڌ جا ماڻهون پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي محبت کي ايمان جو جزو سمجھن ٿا. سيڪيولر ۽ روادار سنڌ جا رهاڪو سڀني مذهبن، فڪرن ۽ نظرين جو مڪمل طور تي احترام ڪن ٿا. پر چند شر پسند عناصر، نفرتن جا پيروڪار محبتن جي سرزمين سنڌ تي تعصب، انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ هندو مسلم فساد برپا ڪري سنڌ جي ٻڌي، اتحاد، ايڪي ۽ وحدت تي وار ڪري کين ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا.
هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ اندر شهري آبادي ۽ تعليم ۾ هندو سڀني کان اڳتي هئا، جنهنڪري مسلمانن جي مقابلي ۾ تعيلم، ڪاروبار، واپار ۽ نوڪرين سميت سموري معشيت تي هندن جي بالادستي قائم هئي. مسلمانن جي تمام وڏي آبادي ٻهراڙين ۾ هجڻ سبب تعليم ۽ شعور جي اڻهوند جي ڪري جاگيرداري نظام جي چڪي هيٺ غلاميءَ واري زندگي گذارڻ سبب تمام گھڻي غربت ۽ جهالت واري زندگي گذاريندي هئي. مسلمان وڏيرا ۽ جاگيردار به تقريبن شهري زندگي، تعليم ۽ ڪاروبار کان پري ڀڄندا هئا. وڏيرا جيڪڏهن شهرن ۾ ايندا به هئا ته صرف عياشيون ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪي ٿورا ڪي گھڻا اختلاف هوندا به هيا ته انهن ۾ مذهبي عنصر گھٽ، پر معاشي مفادن جو ڪارڻ وڌيڪ هوندو هو. ڇاڪاڻ ته هندو صنعت ۽ تجارت ۾ اڳڀرا هجڻ سبب معاشي طور تي ڏينهون ڏينهن مظبوط ۽ مستحڪم ٿيندا پئي ويا. تعليم ۽ تجارت هنن کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي ڇڏيو هو جنهن ڪري هو پرآسائش شهري زندگي گذاري رهيا هيا. انهيءَ دور ۾ سنڌ جا شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد شهر هندو واپارين جي سرگرمين جي ڪري خوبصورت ۽ ترقي يافته شهر بڻجي چڪا هيا. هندو واپارين جي سرگرمين جي ڪري سنڌ ۾ نئون شهري ڪلچر جنم وٺي رهيو هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هندو مڊل ڪلاس سياسي، سماجي ۽ ادبي سرگرمين تي حاوي هوندو هو. جڏهن ته مسلمانن جي وڏي اڪثريت زميندارن جي غلامي ۽ ڳوٺاڻي زندگي سان جڙيل هجڻ سبب شهري معاشري سان پاڻ کي ذهني طور تي جوڙي نه پئي سگھي. جنهنڪري هڪ ئي ڌرتي ۽ وطن ۾ رهندڙ ٻن الڳ الڳ مذهبن کي مڃيندڙن جي وچ ۾ قائم ان طبقاتي فرق کي بدقسمتيءَ سان مذهبي اختلافن جو رخ وٺرائڻ جي سازش شروع ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ مذهبي اختلافن جنم ورتو هو پر، هندو مسلم مذهبي اختلافن ۾ تيزي انگريزن جي هتي اچڻ کان پوءِ آئي آهي. انگريزن پنهنجن سياسي، اقتصادي مفادن کي تحفظ ڏيڻ ۽ اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پراڻي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو“ واري آزمايل ۽ ڪامياب پاليسي اختيار ڪندي سنڌ ۾ هندو مسلم اختلافن کي وڌائي مذهبي فساد ڪرايا. مذهبي فسادن ۾ وڌيڪ تيزي ان وقت آئي جڏهن مسلم ليگ کي 1937ع جي اليڪشن ۾ شڪست آئي. هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ کي صرف هڪڙي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ٿي سگھي. اهو به ٿورڙن ڏينهن ۾ مسلم ليگ کي ڇڏي ويو. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ڪانگريس 8 سيٽون ۽ سنڌ اتحاد پارٽي 18 سيٽون کٽي اڪثريت حاصل ڪري، هندو ميمبرن سان گڏجي الله بخش سومري جي سربراهي ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جيئن ته جاگيردار سياست ۾ گھڻو ڪري اها روايت رهندي آئي آهي ته چونڊيل ميمبر ان پارٽي جو ساٿ ڏيندا آهن جيڪا اقتدار ۾ هوندي آهي. تنهنڪري اڪثر وڏيرا سنڌ اتحاد پارٽيءَ سان گڏ رهيا ۽ مسلم ليگ ۾ شرڪت نه ڪئي ڇو ته ان وقت مسلم ليگ ان پوزيشن ۾ نه هئي جو کين ڪو فائدو ڏئي سگھي ۽ هتي اقتدار ۽ اختيار وڏيرن جي سدائين ڪمزوري رهيو آهي. وڏيرو جيڪڏهن حڪومت ۽ طاقت ۾ نه هوندو ته هو ٻهراڙين جي اڻپڙهيل ۽ تعليم جي شعور کان وانجھيل ماڻهن تي پنهنجو روب، دٻدٻو، جبر ۽ بالادستي قائم رکي کين غلام ۽ محڪوم بڻائي نه سگھندو. اهڙي صورتحال کي ڏسندي مسلم ليگ جي اڳواڻن اهو منصوبو جوڙيو ته سنڌ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪجي ته جيئن مسلمان عوام روڊن تي نڪري اچي، ۽ پوءِ دٻاءَ سبب مسلمان ليڊرن کي پاڻ سان ملائي اليڪشن ۾ هارائن سبب پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪري سگھجي. مسلمانن جي جذبن کي اڀارڻ لاءِ مسلم ليگ جي ان وقت جي قيادت اهو منصوبو جوڙيو ته سکر جي مسجد منزل گاھ جي مسئلي کي اڀاري ”اسلام خطري ۾ آهي جيڪڏهن مسلمان متحد نه ٿيا ته کين هندو ختم ڪري ڇڏيندا“ جو نعرو بلند ڪري مذهبي فساد ڪرايا وڃن.
مسجد منزل گاھ سکر ۾ هندن جي مندر ساڌ ٻيلي جي ويجھو واقع هئي. هن مسجد کي اڪبر بادشاھ جي وزير مير معصوم تعمير ڪرايو هو. جيڪا بعد ۾ آبادي نه هجڻ ڪري ويران ٿي وئي هئي. برطانوي سرڪار سنڌ جي فتح کان پوءِ هن مسجد جي هجرن کي ڪجھ وقت آفيس طور به استعمال ڪيو هو. مسجد بلڪل مندر جي ويجھو هجڻ سبب فرقيواراڻن فسادن کان بچڻ لاءِ انگريز حڪومت 1938ع ڌاري مسجد کي سيل ڪري ڇڏيو هو. مسلم ليگ هن موقعي تي مسجد جي صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي پنهنجا سياسي مقصد ماڻڻ جو منصوبو جوڙيو. صوبائي مسلم ليگ مسجد منز گاھ بچايو ڪميٽي جو بنياد رکندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مسجد مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. مسلم ليگ هن مسئلي کي اهڙي ريت پيش ڪيو جو، مسئلو فررقيواڻي حيثيت اختيار ڪري ويو. هن مسئلي کي سياسي ايجنڊا بڻائيندي، مسلم ليگ جي مسجد منزل گاھ ڪميٽي 18 آگسٽ 1939ع تي مسجد منزل گاھ جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪندي الله بخش سومرو کان سندس ڪابينا سميت استعيفي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ جي مولوين به ان موقعي مان فائدو وٺندي زوردار تقريرون ڪيون ۽ دونهيدار بيان جاري ڪندي اهو عزم ڪيو ته هندن خلاف جهاد ڪندي هر صورت ۾ مسجد حاصل ڪنداسين. جڏهن ته هندن جو موقف هو ته جيسيتائين ڪو مناسب حل نڪري ان وقت تائين مسجد حڪومت جي تحويل ۾ هجي. پر اختلافن کي ايترو ته تيز ڪيو ويو هو جو ڪنهن به قسم جي صلح جي گنجائش ئي نه رهي هئي. 19 نومبر تي مسجد وٽ خوني فساد ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 165 ماڻهون قتل ٿيا جن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان شامل هئا. پوليس ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪندي سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو. انهن خوني جھيڙن جي نتيجي طور تي سنڌ ۾ مسلم ليگ هڪ مقبول سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ اڳيان اڀري آئي ۽ الله بخش سومري جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. انهن واقعن کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي مظبوط ٿيڻ سبب 1940ع ۾ لاهور واري ٺهراءَ جي حمايت ڪئي وئي ۽ 1943ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي قرارداد پاڪستان جي حمايت ڪري تحريڪ پاڪستان کي طاقت بخشي ڇڏي. مسلمان جاگيردار طبقي کي اها لالچ هئي ته هو سنڌ جي هندو واپارين کي شڪست ڏئي، سنڌ جي سياست تي پنهنجي اثر کي مستحڪم ڪندا ۽ اهڙي طرح هو سياسي ۽ معاشي طور تي وڌيڪ مظبوط ٿيندا. پر پاڪستان قائم ٿيڻ، هندن جي لڏي وڃڻ ۽ مسلمان ڀائرن جي اچڻ بعد ملڪ تي آفيسر شاهي ۽ مخصوص ادارن سميت جاگيردار طبقي جو قبضو قائم ٿي ويو. عام سنڌي مسلمان اڳي کان به وڌيڪ مذهبي فرقيواراڻي نفرت سان گڏ نسلي دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ سميت ٻين مصيبتن ۽ عذابن جو شڪار آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي هتي مذهب ۽ فرقن جي بنياد تي نفرت پيدا ڪري ماڻهن کي ويڙهائي، مارائي انگريزن واري ساڳئي ” ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو“ واري پاليسي اختيار ڪئي پئي وڃي. اهڙين پاليسين جي ڪري ملڪ کي اڳ ۾ به تمام وڏا نقصان برداشت ڪرڻا پيا آهن. پر بدقسمتي اها آهي هتان جي حاڪمن کي ملڪي مفادن ۽ عوام کي پرامن ماحول ڏيڻ ۽ انهن جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجا مفاد عزيز آهن. جنهنڪري پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي، نفرت، فرقيواريت ۽ دهشتگردي ختم يا گھٽ ٿيڻ بجاءِ وڌندي ئي رهي ٿي.
عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندڙ صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ هتان جي حاڪمن منظم رٿابندي ۽ گھري سازشن ذريعي مختلف وقتن تي مذهب ۽ فرقيواريت جي ذريعي نفرت، ڪدورت ۽ تعصب جي باھ ٻارڻ لاءِ ڪڏهن سني شيعا، ڪڏهن بريلوي ديوبندي اختلاف پيدا ڪرائي جھڳڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪڏهن وري سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ۽ وارثن هندن کي پنهنجي وطن تان بي دخل ڪرائڻ لاءِ انهن جي نابالغ ۽ معصوم نياڻن کي اغوا ڪري زبردستي مسلمان بڻائي شاديون ڪرڻ جھڙيون غليظ ۽ ڪريل حرڪتون ڪرايون پيون وڃن.
اڄ سموري دنيا ۽ پاڪستان سميت سنڌ کي جنهن فرقيواريت، تشدد، انتهاپسندي، مذهبي نفرتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان جو ٻج ان وقت پوکيو ويو هو جڏهن ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا ۽ سويت يونين جي وچ ۾ سرد جنگ جي شروعات ٿي هئي. آمريڪا، سعودي عرب ۽ پاڪستان، سويت يونين جو رستو روڪڻ لاءِ مذهب جو سهارو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. طيءِ شده پروگرام جي مطابق سعودي عرب کي سڄي دنيا مان مجاهدين کي پاڪستان پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻو هيو، آمريڪا کي ذميواري هئي ته ان جنگجوئن کي عسڪري تربيت ۽ مالي مدد ڪئي ويندي. جڏهن ته پاڪستان کي اها ذميواري کڻائي وئي هئي ته هو انهن سمورن مجاهدين کي مدرسن ۾ رهائڻ، انهن جي گوريلا تربيت ڪرڻ، کين باحفاظت افغانستان پهچائڻ سميت سندن علاج وغيره جو بندوبست ڪندو.
جيڪڏهن پاڪستان ۾ 1980ع کان اڳ ۾ يا پوءِ واري عرصي دوران مدرسن جي تعداد ۽ انهن جي خرچن جو جائزو وٺجي ٿو ته حيرت ۾ وجھندڙ سچائي سامهون اچي ٿي. 1980ع تائين پاڪستان ۾ تمام فرقن جي مدرسن جو تعداد 778 هيو. ليڪن 2009ع جي سروي مطابق مدرسن جو انگ 35000 کان مٿي آهي، جن ۾ رجسٽرڊ مدرسن جو انگ صرف 8000 آهي. پاڪستان سميت سنڌ ۾ به اهڙن اڻ رجسٽرڊ ۽ غير قانوني مدرسن جو اهو سلسلو ڏينهون تيزيءَ سان جاري آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن سميت سپرهاءِ ويز، نيشنل هاءِ ويز ۽ انڊس هاءِ ويز جي ٻنهي پاسن کان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ بغير ڪنهن وقفي جي مدرسا ٺهي رهيا آهن، جتي معصوم ٻارڙن جي ڪوري ڪاغظ جهڙن ذهنن ۾ فرقيواريت، انتهاپسندي ۽ مذهبي نفرتن جو ٻج پوکيو پيو وڃي. انڪري سنڌ جي سمورن روشن خيال، سيڪيولر، ترقي پسند ۽ قومپرست تنظيمن کي گھرجي ته هو ان سلسلي ۾ ڪن لاٽار، سستي ۽ ڪاهلي ڪرڻ بجاءِ عملي اپاءِ وٺن. عام سنڌين سميت پنهنجي پارٽين اندر جديد بنيادن تي ڪارڪنن جي تربيت ڪري انهن کي سنڌ جي شهرن ۽ خاص طور تي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ موڪليو وڃي ته جيئن هو ماڻهن کي هن وڌندڙ فرقيواريت، انتهاپسندي ۽ مذهبي نفرتن جي گھيري مان آزاد ڪرائي سگھن. انهيءَ سان گڏوگڏ قومپرست پارٽين کي گھرجي ته پنهنجن تنظيمي اجلاسن، عوامي ميڙاڪن يا پارٽي اڳواڻ پنهنجي روز مرھ جي زندگي، اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ مذهبي تاثر ڏيڻ بجاءِ سيڪيولر روايتن جي وڌيڪ پاسداري ڪن ته جيئن سندن پارٽي، جدوجهد ۽ تحريڪ سڀني مذهبن جي ماڻهن جو گڏيل خوبصورت گلدستي جو ڏيک ڏئي سگھي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …