متحدہ باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس اهم مرحلي ۾

متحدہ باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس اهم مرحلي ۾

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان اسلام منتقل ڪيو ويو، گهرو وزارت ڪيس اسلام آباد موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو هو.

تفصيل موجب ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ متحده قومي موومنت جي سربراهه جي خلاف هلندڙ ايم ڪيو ايم جي فلاحي تنظيم خدمت خلق فائونڊيشن جي نالي تي مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد اماڻي ڇڏيو.

ڄاڻايل ڪيس اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اِهو ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.

جنهن بعد گهرو وزارت ڪيس اسلام آباد اماڻن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي جو جج شاهه رخ ارجمند ڪندو.

وڌيڪ پڙھو

پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري …