مانجھند لڳ ڳوٺ ۾ پوليس جون قھري ڪاروائين تي آواز- حيدر ملاح

ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي!

اڄ صبح کان ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ خاصائي کان انڊس هاءِ وي بند آهي.
ڳوٺ راڄڙي، ڳوٺ سنگھار کوسو مان عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، کوسا قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گهرن مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي پئي وڃي.
هي علائقو ڪوئلي (ڪاري سون ) سان مالا مال آهي پر مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ملي، هن علائقي ۾ لکن جي تعداد ۾ وانا، وزيرستان ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو رهائش پذير آهن ۽ روزگار سان به لڳل آهن پر هي مقامي ماڻهو جن جون ست پيڙهيون هتي ئي دفن آھن ۽ جنھن زمين مان ڪوئلو نڪري ٿو ان جا مالڪ آهن ان کي روزگار ته ڇا پر روز پوليس جا ڪوڙا ڪيس نصيب ۾ آهن.
اڄ به هنن ڳوٺاڻن سان ائين ئي ٿي رهيو آهي.
جن ماڻهن کي هي ووٽ ڏين ٿا سي هنن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
اسان گهر ڪريون ٿا ته هنن ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي، هنن جي گرفتار ٿيل بي گناھ عورتن ۽ مردن کي آزاد ڪيو وڃي.

نينگري جو لاش مليو آھي

رحمان علي کوسو قانون جو شاگرد آهي ۽ مستقبل جو وڪيل آهي ۽ ڳوٺ سنگھار کوسو جو رهواسي آهي. هن پوسٽ ڪئي آهي ته پوليس جيڪي گهر بلڊوز ڪيا آهن انهن مان نينگري جو لاش مليو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته اها نينگري ڪالهه کان پوليس آپريشن کانپوءِ گم هئي.

هڪ ماءُ جي دانهن ٻڌو.


ڳوٺ سنگھار کوسو تي اڃان به پوليس جو ڪڙو چڙهيل آهي.
پوليس ڳوٺاڻن جو الهه تلهه کڻي ويئي آهي.
ايتري تائين جو ڪنوارِن جو ڏيج به هنن کان بچي نه سگهيو آهي.

پيرين اگھاڙيون نياڻين ھٿيار کسيا ھوندا؟

ڄامشورو پوليس جي داخل ايف آئي آر ۾ هي پيرين اگهاڙيون نياڻيون ۽ ٻار به ٿاڻي تان سرڪاري هٿيار ڦر ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شامل آهن. سنگھار کوسو جي هنن نياڻين ۽ ٻارن جو فقط ڏوھ اهيو آھي ته هنن جي زمينن مان ڪوئلو نڪتو آهي جنهن زمين تي پوليس جي مدد سان پريميئر ڪول ڪمپني جي نالي سان سرمائيدارن قبضو ڪيو آهي.

امجد شيخ صاحب
هنن عورتن، مردن، ٻارڙن تي، ٿاڻي تي حملي ۽ سرڪاري ڪلاشنڪوف جي ڦر جو ڪيس اوهان جي حڪم تي داخل ڪيو ويو آهي.
پڇا رڳو اها ڪرڻي آهي ته ڇا سرڪاري ڪلاشنڪوف پوليس کي ملي يا رڳو…….
ڳوٺاڻن جو چوپايو مال، سونا زيور، خالي ٿانوَن ۽ پيٽ ڀرڻ جي لاءِ اٽو مليو.

عالمي ضمير غور سان ڏسي

سنڌ ۽ عالمي ضمير غور سان ڏسي هي جهور پوڙها اڇي مٿي وارا ڳوٺاڻا جن تي ڄامشورو پوليس تشدد ڪري ڳوٺ راڄڙي ۽ سنگھار کوسو مان گرفتار ڪيو.
هنن کي ڌاڙيل ڄاڻايو ويو. هنن تي پوليس کان هٿيار ڦر ڪرڻ، ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته حقيقت اها آهي ته لاکڙا جي علائقي ۾ هنن جي ابن ڏاڏن جي زمينن ۾ ڪوئلو نڪتو آهي.
شروعاتي ڪجهه مهينن لاءِ هنن جي نوجوانن کي ڪول مائنر ۾ ملازم ڪري رکيو ويو.
بعد ۾ هنن کي اهيو چئي جواب ڏنو ويو ته في الحال پريميئر ڪول ڪمپني بند ڪريون ٿا.
مزدورن گهر ڪئي ته اسان کي رهيل پگهارون ڏيو ته ڪول ڪمپني جي مالڪن هنن ڳوٺاڻن مٿان پوليس جو زور وجهڻ شروع ڪيو جيڪو اڪثر انڊس ڪول ٿاڻي جي پوليس پاران مقامي مزدورن مٿان هر وقت زور رهندو آهي.
مزدورن جي جدوجھد تيز ٿي وئي ته مزدورن ڪوئلي جي کوهن تي قبضو ڪري ورتو ۽ پگهارن ڏيڻ جي لاءِ گهر ڪئي.
ائين سرمائيدارن پوليس کي استعمال ڪندي ڳوٺاڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا.
انهن ڪيسن خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ته پوليس ڌاڙيل ڄاڻائي ڳوٺاڻن خلاف آپريشن شروع ڪيو.
هي اوهان پاڻ ڏسو هڪ رسي ۾ ٻڌل ڊزن کان مٿي ڌاڙيل

ڪول ڪمپني جي مالڪن کي خوش ڪيو ويو آھي


پريميئر ڪول ڪمپني لاکڙا جي مالڪن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ مزدورن جي جدوجهد کي پوليس ذريعي ڪُچليو ويو.
پوليس چوي ٿي ته ڳوٺ راڄڙي ۽ سنگھار کوسو ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن جاري آهي.
هي جهور پوڙهيون عورتون، معصوم ٻارڙا ۽ نياڻيون به ڌاڙيل آهن؟! .
جن کي جيل موڪليو ويو آهي.

سنڌ پوليس کي مبارڪون.


سنگهار کوسو ۽ راڄڙي ڳوٺ جون عورتون، نياڻيون ۽ ٻار جيل حوالي.
اسان جي علائقي جو هي پهريون واقعو آهي ته پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين کي جيل ڏسڻو پيو آهي.

ظلم جي انتھا تہ ڏسو

منهنجي علائقي ۾ انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان لکين کوسا آباد آهن، جن کي کوسا اتحاد ۽ ٻين نالن ۾ فقط ووٽ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي مارو ماڻهو جن وٽ نه تعليم نه ئي مال ملڪيت، بارش پوي ته ويرو جبل ڏانهن منهن ڪن، ڪچو ٻڏي ته چار ٻڪريون ۽ لڏو کڻي وري واپس اچيو مڏن تي گذارو ڪن.
80 واري ڏهاڪي کان اسان جي علائقي م هنن جي ئي ابن ڏاڏن جي زمينن ۾ ڪوئلو نڪتو ته وانا ۽ وزيرستان مان ڪيترائي مزدور اچي ڪوئلي جون نه صرف کائڻيون کوٽڻ لڳا پر ڏسندي ڏسندي شهر آباد ڪرڻ لڳا.
ڪوئلو ڪاري سون جو واپار آهي جنھن تي به قبضو، پنجابي ۽ پختونن جو آهي، هي منهنجا مارو کوسا ڪوئلي نڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ عذاب ۾ اچي ويا هنن جي باراني زمينن تي قبضا ٿيا هنن کي ته بيلچي جي مزدوري لاءِ به سياسي ڀوتار جي بنگلي تان چٺي وٺڻي پوندي آهي.
هنن مٿان 80 واري ڏهاڪي کان ئي پوليس جا قهر شروع ٿيا.
مانجهند ٿاڻي جو لاڪپ ان جي گواهي ڏيندو ڪيئن انهن کوسن کي رات جي اونداهيءَ ۾ گرفتار ڪري اچي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو.
هنن مسڪين ماڻهن جي ننگن کي به ٿاڻن تي کڻي ايندا ھئا.
ان ئي دور ۾ پوليس وڏي رٿابندي سان ڌاڙيل پيدا ڪيا ڪي ذاتي دشمني ۾ ڌاڙيل ٿيا ڪي بک مان بندوق کڻي نڪتا. سمورو علائقو بدامني جي باھ ۾ سڙي رک ٿي ويو.
ان دور ۾ به کوسن کان گهڻو ڪجهه لٽيو ۽ ڦريو ويو.
مال ملڪيت نه رهي، چوپايو مال صوبيدار کائي ويا. فصل پوليس ڀيلائي ويئي.
گهڻي وقت کان پوءِ کوسن ٻيهر سوچي سمجهي ٿاڪ ٺاهيا.
نوان ڳوٺ آباد ڪيا.
سنگھار کوسو ۽ راڄڙي ڳوٺ به 80 جي ڏهاڪي کان پوءِ جا آباد ٿيل ڳوٺ آهن.
ڪجهه نوجوان پڙهي پيا ڪي واپار ۾ ويا ڪي ڀوتارن جي سياست جي لست جي ور چڙهي ويا.
ڪي وري ڪنڊ وٺي روزي نماز کي لڳي ويا.
ڪافي ماڻهن پٺاڻن کان وياج جي قسطن تي ٽرڪون ورتيون، ڏينھن رات ڪري قرض لاٿا، ٻيلن جون زمينون آباد ڪري ڪن وري سکيو ٽڪر کائڻ شروع ڪيو ته ٻيهر پوليس هنن جي پويان پئجي ويئي آهي.
هن تڪليف جي گهڙي م جن کي هي ووٽ ڏين ٿا اهي هنن جو ڀرجهلو ناهن، کوسا اتحاد واري چلڪڻو پني به ڪم نه آئي. نه ته اڄ هزارين کوسا هنن مسڪينن جي مدد لاءِ انڊس هاءِ وي تي هجن ها.
نه ئي هنن جي مدد لاءِ ڪا قومي ميڊيا ميدان تي لٿي.
هي هن وقت ننڌڻڪا ۽ اڪيلا مارو ماڻهو اوهان سڀني جي همٿن ڏانهن واجھائي رهيا آهن.
کوسن جي نوجوانن کي هن موقعي تي هڪ ڳالھ سمجهڻي آهي ته هنن کي پنهنجن وڏن جيان پوليس جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ڌاڙيل ناهي ٿيڻو. هنن کي ثابت قدم ۽ پرامن رهي جدوجهد ڪرڻي آهي.
نوجوانن کي اپيل ڪريون ٿا ته سياسي ڀوتارن جي بنگلن جي ڀر ڇڏي پنهنجي سياسي سگهه ٺاهيو.
ايس ٽي پي ۾ شامل ٿيو. ايس ٽي پي اوهان سان هر قدم تي گڏ بيهندي.

چونو ڪيئن لڳائجي ڪو رينڪ پروموشن پوليس وارن کان سکي.

جناب امجد شيخ صاحب!
مونکي اڃان اوهان جي اها تقرير ياد آهي، اوهان انهن کوسن جي ٻارن جي تعليم لاءِ پوليس پاران هينو بس ڏيندي چيو هو ته هي کوسا سرڪش آهن پر هنن کي ماضيءَ ۾ ڏوهاري بڻائڻ ۾ پوليس ۽ مقامي وڏيرن جو وڏو هٿ رهيو .
اوهان تقرير ۾ وڌيڪ چيو هو ته هنن کوسن جو نئون نسل پڙهي پوندو ته هي کوسا آفيسر ٿيندا، واپاري ٿيندا،ڊاڪٽر ۽ استاد ٿيندا ۽ ملڪ جا سٺا شهري ٿيندا.
اوهان جي انهن جملن تي پنڊال تاڙين سان گونجي اٿيو هو.
اڄ اوهان کي اوهان جا ئي رينڪ پروموشن وارا پوليس وارا چونو لڳائي ويا آهن.
اوهان جي ئي ڪمانڊ ۾ عورتن ۽ ٻارن کي زخمي ڪيو ويو، اوهان جي ڪمانڊ ۾ ڳوٺاڻن جا گهر ڊاٺا ويا.
اوهان جو هنن سپنو ئي ماري ڇڏيو جن کوسن جي ٻارن کي پڙهي، پوليس آفيسر ٿيڻو هو، ڊاڪٽر ٿيڻو، استاد ٿيڻو هو، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ٿيو هو سي ٻار هاڻي زخمي جسمن سان سرڪاري اسپتالن جي بدبوءِ دار وارڊن ۾ درد مان رڙيون ڪري رهيا آهن.
اوهان جي ڪيل سموري محنت تي هنن پاڻي ڦيري ڇڏيو، اوهان مانجهند تعلقي م موجود پوليس وارن جو رڪارڊ کڻو اڪثريت کي ساڳين ٿاڻن تي گهٽ م گهٽ ڏهه سال ته ٿيا هوندا. جيڪي مقامي سياسي ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جا واٺا ٿي ڪم ڪن ٿا هو پگهار پوليس ڊپارٽمينٽ کان کڻن ٿا پر ڪم عوام آزار ماڻهن جي لاءِ ڪندا رهن ٿا.
مونکي هڪ پڙهيل لکيل ايس ايڇ او ٻڌايو ته تعلقي مانجهند جي ٿاڻن جي اها حالت آهي جو ڪو ماڻهو فرياد کڻي اچي ٿو ته ان کي چيو وڃي ٿو ته فلاڻي وڏيري وٽ وڃي فيصلو ڪرائي اچ.
ائين هر ڳوٺ ۾ جرڳائي عدالت کليل آهي جتي فيصلا ٿين ٿا ۽ پوليس کي ٿاڻي تي ويٺي ئي ڏنڊ ۽ چٽي مان مقرر حصو ملي ٿو.
راڄڙي ۽ سنگھار کوسو جي ڳوٺاڻن جو ايڏو وڏو مسئلو نه هو جيڪو ڳالهين ذريعي حل نه پئي ٿي سگهيو.
اوهان جي انڊس ڪول مائنز جي پوليس مقامي ماڻهن لاءِ قهر بڻيل آهي. پوليس سرمائيدارن ئي ڌارين وانا وزيرستاني پختونن جي يونين اڳيان ڳيجهو بڻيل آهي.
اوهان ايمانداري سان جانچ ڪريو انڊس ڪول مائنز جي ٿاڻي جي حد ۾ اوهان کي هٿيارن ۽ منشيات جو ڪاروبار کلي عام ملندو.
پاڪستان جا مذهبي دهشتگرد اتي ملندا. تقريبن سڀ پوليس عملدار سفارشي ملندا.
مقامي ماڻهو جن جو ست پيڙهيون اتي ئي مري کپي ويون جن جي ابن ڏاڏن جي نالي تي زمينن جا کاتا آهن، جن جي زمينن مان ڪوئلو (ڪارو سون ) نڪتو آهي اهي ته بيلچي جي مزدوري لاءِ محتاج آهن. ان مزدوري لاءِ به انهن کي ڪنهن سياسي ڀوتار جي بنگلي تان چٺي وٺڻي ٿي پئي.
امجد شيخ صاحب
اوهان هن وقت به ذميوار ٿي ڪم ڪريو ته سنگھار کوسو ۽ راڄڙي ڳوٺن مان پوليس جي ڪيل ڦرلٽ ڳوٺاڻن کي واپس ٿي سگهي ٿي. عورتون آزاد ٿي سگهن ٿيون، ٻارن جو علاج ٿي سگهي ٿو.
جيڪي بي ڏوهي ڳوٺاڻا آهن اهي آزاد ٿي سگهن ٿا.
اوهان جي چند قدمن کڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ٻيهر هي علائقو ڌاڙيلن جو علائقو ٿيڻ کان بچي پئي.
کوسن جا ٻيهر ٻار اوهان جي ئي ڏنل بس ۾ چڙهي اسڪولن ۾ پڙهڻ وڃن ۽ مستقبل جا سٺا شهري ثابت ٿين.

سنڌ پوليس وٽ آخر مسئلن جي حل لاءِ گفتگو ڪندڙ ماهر ڇو ناهن؟

بيٺڪي راڄ جي جوڙجڪ ۾ ئي پوليس کي ٻڌايو ويو هو ته عام ماڻهن کي ائين ڪٽيو “جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آهي”
نئون ملڪ ٺهيو پر پوليس جا ڪم ساڳيا.
پڙهيا لکيا ايس ايس پي ڪميشنون پاس ڪري آيا پر سوچ ساڳي ته عوام رعيت آهي عوام هر صورت ۾ ڏوهاري ئي ٿيندو آهي.
سنڌ پوليس ته ان معاملي ۾ ملڪ جي ٻين صوبن جي پوليس کان ٻه وکون اڳ. تشدد پسند، رشوت خور، ڀوتارن جي چٺي اڳيان مجبور. معصومن مار ڪندڙ، عورتن جي شلوارن ۾ ٻليون وجهندڙ، ٿرڊ ڊگري تشدد ڪرڻ جي ماهر، ٻارن کي گوليون هڻندڙ، مردن کي نڪن ۾ نٿون وجهندڙ.
ڄامشورو ضلعي جي پوليس به ڪالهه کان انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن.
معصوم ٻارڙن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو آهي.
مزدورن جي پرامن احتجاج کي ڪول مائنز جي سرمائيدارن جي پٺو پوليس جي تشدد پسند عملدارن ڄاڻي واڻي پرتشدد بڻايو. سرڪاري هٿيار ڦر ڪرڻ جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي، پوليس جي اعلي عملدارن کي غلط رپورٽون ڏنيون ۽ ڳوٺ سنگھار کوسو ۽ ڳوٺ راڄڙي کي سوچي سمجهي ميدان جنگ بڻايو.
هاڻي ڳوٺاڻن جو مال ماريو پيو وڃي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي پوليس سونا زيور، روڪ رقم سان گڏ ڪڻڪ جو اٽو به گهرن ۾ نه ڇڏيو آهي.
مال غنيمت سمجهي لٽ ڦر ڪئي پئي وڃي. عورتون ۽ ٻار، رات کان ٿاڻن تي بند آهن. چوپايو مال گم ڪيو پيو وڃي.
آئون حيران آهيان ته هن ٻن ڏينهن جي ماڻهو مار مهم ۾ چونڊيل نمائندا ۽ ووٽ وٺندڙ ٻئي ڌريون مڪمل خاموش آهن.
وزير اعلي جو ضلعو هجڻ باوجود انھن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري.
ڇا پوليس ۾ هڪ به اهڙو آفيسر نه هو جيڪو احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڪامياب ڳالهيون ڪرڻ جي اهل هجي.
ماڻهن کي ديوار سان نه لڳايو، هن وقت به ماڻهن سان گفتگو ڪريو. قانون جو احترام سکو.
قانون لاڳو ڪندڙ، قانون کي ھٿ ۾ نه کڻو.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ سوشل ميڊيا جون مختلف ويب سائيٽ بند ڪيون ويون

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ سوشل ميڊيا جون مختلف ويب سائيٽ بند ڪيون ويون

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سماجي رابطن جون مختلف …