مانجھند -بجلي تہ موٽي آئي-گوتم چنا

خيرن سان اوهان جي گهرن ڏانهن لائيٽ موٽي آئي جيڪا 11 ڏينهن پاڻ کان رسي وئي ان جي رسڻ سان پاڻي به پاڻ کان ڪاوڙجي ويو هو جيڪو به اڄ رات يا سڀاڻ تائين پنهنجي گهرن ڏانهن ضرور موٽندو انهن کي مڃائڻ ۾ پاڻ شھر واسين وڏا وس ڪيا روڊ بند ڪيوسين تتل ڏينهن جو نٽهڻ اس ۾ پول کڻندا رهياسين رڳو پنهنجي حصي جا نه پر پاڙي اوڙي جو هٿ ونڊاياسون ۽ لائيٽ جو بلب به آخري پاڻ وٽ ٻريو جو پاڻ پوڇڙ ۾ آهيون يقينن هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آھي لائيٽ اچڻ سان گرمي جو احساس به گهٽيو هوندو مزدور طبقو پنهنجي روزگار سان لڳي ويو هوندو ائين زندگي پنهنجي معمول ڏانهن اچي وئي آھي 
مانجهند واسيو 
هن 11 ڏينهن جو حساب ڪتاب ضرور وٺجو عيد جي ڀلاري ڏينهن تي ڪنهن سان هلي وڃي ملڻ ۾ ڪو هرج ناهي پر ايترو ضرور ياد ڪجو جن کي ووٽ جي پرچي سان نوازيو ٿا اهو ڏکئي گهڙي ۾ اوهان سان بيٺو يا نه ان جو جواب جي ها ۾ آھي ته لک بار ملو بار بار ملو پر جي نه ۾ آھي هڪ بار سوچيو ۽ بار بار سوچيو.

وڌيڪ پڙھو

سگريٽ جي دونهي جهڙو عوام ۽ ايش ٽري جهڙي بجيٽ-حيدرملاح

سگريٽ جي دونهي جهڙو عوام ۽ ايش ٽري جهڙي بجيٽ-حيدرملاح

مانجهند جي ڇپرا هوٽل تي ڪٽ چانهه پيئندين صبح جو سويل اخباري سرخين تي بحث …