ماضي جي جھروڪن مان.

آگسٽ 1983 جي هڪ گگھ اوندهه واري رات اسان ڪو ويهارو کن دوست هڪ هڪ ٿي ملدسي ڳوٺ لڳ ڀٽ شاھ پهتاسين اسان سمورن دوستن جا سونهان ڪامريڊ غلام حسين ملوڪاڻي ۽ برڪت ملاح کيبر وارو هيا جڏهن ته ميزبان ڪامريڊ محمد خان ملاح ۽ اڄ جو مشهور صحافي هيا. ايم آر ڊي تحريڪ انتهائي عروج تي هئي ۽ رياستي تشدد اندها ڏند گرفتارين تشدد کان پوءِ آهستي آهستي عوامي ھلچل به ڪٿي ڪٿي عملي ويڙهه وارو رخ اختيار ڪري رهي هئي سرڪاري عمارتن ادارن تي ۽ فردن تي ڪٿي ڪٿي حملا ٿي رهيا هئا. مان ان وقت هالا ۾ رهندو هيس ۽ ڄڻ مڪمل روپوشي واري زندگي گذاريندو هيس هالا سڪرنڊ کيبر مٽياري ۽ سڄو سانگهڙ ضلع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کي پارٽي طرفان مونٽي غلام حسين ملوڪاڻي. غلام قادر عرف پپو ميمڻ. غلام نبي ڏاهري شاهپور چاڪر. سونهارو رند مقصودورند ۽ عبدال خالق تي ذميواريون رکيل هيون اسين اهو سمورو علائقو پيا لتاڙيندا ٿياسين ايئن محسوس ڪندا هئاسين ڄڻ گوريلا ويڙه پيا وڙهون.. انهن سياسي حالتن کي محسوس ڪندي وطن دوست انقلابي پارٽي لاڙڪاڻو ۾ سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ڪيو جنهن ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن جو اڀياس ڪري هڪ چاليهن پيجن جو دستاويز لاٿو ويو هو ان دستاويز ۾ تمام انهن حالتن جو تجزيو ٿيل هو ته ايم آر ڊي تحريڪ جڏهن هن مرحلي تي پهچي پ پ ۽ وڏيرا جنهن وقت تحريڪ مان هٿ ڪڍن ته ملڪ جون قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جدوجهد کي ڪيئن هائجيڪ ڪري آزادي ۽ انقلاب تائين وٺي وڃن ان اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو هو ته پارٽي جو هڪ وفد سنڌي عوامي تحريڪ. پي اين پي بزنجو سائين جي ايم سيد سان ڪنهن به طريقي سان ملي ان صورتحال تي غور ويچار ڪري نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندو. اهو دستاويز ۽ ٻيو ڪافي مواد مون وٽ محفوظ هيو پر جڏهن ترقي پسند پارٽي ۾شموليت ڪئي ان وقت مون سمورو رڪارڊ ايس ٽي پي جي جوڙيل ڪنهن ميمڻ دوست جي گهر ۾ خفيا ليبرئري ۾ ڊاڪٽر رحيم سولنگي جي زور ڀرڻ ۽ محفوظ رهڻ جي اميد سان بوڪس ڀري حوالي ڪيو جيڪو مون ڪوشش باوجود وري نه ڏٺو جنهن جو افسوس هر ڏينهن ٿيندو آهي جيڪو رڪارڊ سنڌ جي ٻرندڙ ٽيهن سالن جي تاريخ جو رڪارڊ هو. مون ڳالھ تي ڪيئي ملدسي ۾ رات ٿيندڙ ان اجلاس جي حيدرآباد ضلعي ڪائونسل ۽ سانگهڙ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن اڳيان ان دستاويز جي پڙهڻي ڪري بحث کان پوءِ مرڪز کي رٿون موڪلڻيون هيون. ميزبان دوست ڳوٺ کان ميل کن پري وڻن جي جهڳٽي ۾ اسان جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو هو اونداهي رات ۾ لالٽين جي روشني ۾ دستاويز پڙهڻو. خالق ٿهيم دستاويز جا ڪي ويهارو کن صفحا مش پڙهيا هوندا ته پري کان ٻه گاڏيون ڪچي پٽڙي سان وڌڻ شروع ٿي جيئن گاڏين جي لائٽ ويجھو ٿيندي وئي ته اسان جي واهر لاءِ تيار بيٺل همراه هدايتن مطابق گدڙ واريون اونائيون ڪرڻ شروع ڪيون اسان فوري طور بتي بند ڪري پاڻ کي ٽن حصن ۾ ورهايو هڪ ٽولي محمد خان ملاح جي ٻڪرين جي واڙ ۾ هڪ ٻنين وچ ڪيو غلام حسين ملوڪاڻي جي ڳوٺ ٽين ٽيم خالق ٿهيم جي طيب ٿهيم ڳوٺ لڳ ڀٽ شاھ جيڪي ٻئي ڳوٺ اتان ڪو اٺ ڏهه ڪلو ميٽر پري هيا مان ٻڪرين واري واڙ جي ٽيم ۾ هيس اوستائين پهچندي پٺاڻڪو سينڊل منهنجي هٿ ست دوستن سان گڏ سڄي رات واڙ ۾ اسين جتي ميٽنگ پي ڪئي ٻئي گاڏيون ان جي اڌ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي گهمن پيون نه وڃن پيون نه ڳوٺ پيون اچن آخر مون محمد خان ملاح کي ڪو رات جو ٽين وڳي ڌاري چيو يار ڪا خبر ته وٺ ماجرا ڇا آهي ان پنهنجي هڪ عزيز کي خبر چار لهڻ لاءِ موڪليو جنهن اڌڪلاڪ کن ۾ واپس اچي ٻڌايو ته ٻه روسي ٽريڪٽر ٻني ۾ کيڙي پيا ڪن.

وڌيڪ پڙھو

اچو ته ڪورونا وائرس کان پوءِ ذهنن جي ڪينواس کي وسيع ڪري دنياکي ڏسون

اچو ته ڪورونا وائرس کان پوءِ ذهنن جي ڪينواس کي وسيع ڪري دنياکي ڏسون

ڪرونا وائرس جو پهريون ڪيس 31 ڊسمبر 2019 تي چين جي شهر ووهان ۾ ظاهر …