لطيف جو فڪر ۽اسان جو سماج

لطيف جو فڪر ۽اسان جو سماج

” شاعري انسان روح کي تسڪين پهچائي ٿي .تڏهن ته چوندا آهن،شاعري روح جي غذا آهي۔دنيا اندر جنهن به ٻولي ۾ شاعري ٿيندي آهي ،اها اتان جي ماڻهن جي ترجمان هجي ٿي ۔ائين ئي سنڌي ٻولي ۾ ٿيندڙ شاعري پڻ سنڌي ماڻهن جي ترجمان آهي پر جڏهن سنڌي ٻولي ۾ شاهه لطيف جي شاعريء جي ڳالهه ڪريون ته ان جو هڪ الڳ حيثيت ۽ مقام آهي ڇو ته لطيف جو فڪر گهڻ پاسائون،گهڻ رخو آهي۔لطيف جڏهن عالم سڀ آباد جي ڳالهه ڪري ٿو،انهي وقت ائين ٿو لڳي ته لطيف نه رڳو سنڌي ٻولي جو ترجمان شاعر آهي پر هن جوفڪر سموري انسانذات جي لاء آهي۔تڏهن ته هو پنهنجي فڪر جي گهرائي ۾ سموري عالم انسانيت کي هي درس ڏيندي چئي ٿو۔ وڳر ڪيو وتن ،پرت نه ڇنن پاڻ ۾پسوء پکيئڙن ،ماڻهان ميٺ گهڻا۔سچ پڇو ته لطيف جي فڪر جي گهرائي ۾ لهبو ته هو ۔هن وٽ هڪڙي لفظ جون الاهي معنائون آهن ۔اسان جي سماج ۾ عورت کي ثانوي حيثيت آهي ته ان جڳهه تي لطيف عورت جي مرتبي ،محبت ،وطن پرستي کي ڳايو آهي ۔لطيف وٽ عورت جو هڪ بلند مقام آهي۔سر سهڻي ۾ هو عورت جي محبت کي ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿوکامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان؛ تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرِينءَ جِي، پِيان نه ڍاپان؛ جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائِي نه ٿِئي. ‏دنيا جي ڪيترن ئي اديبن عورت تي لکيو آهي، عورت جي سونهن، بيوفائي ،اکين ،وغيره تي پر سچ اهو آهي ته عورت کي اصل مان ڀٽائي ڏنو آهي۔هن جي وفا ۽ پيار کي ڳائي،ڀٽائي عورت جي سونهن عورت جي پيار ۾ تلاش ڪئي تڏهن ته سهڻي ڏم کي ڇڏي ميهار سان ملڻ ٿي ويئي تڏهن هو وفا جو پيڪر ٿي لڳي پر بيوفائي ۽ درد جي علامت ‏نه۔ ڀٽائي عورت کي وفا جي علامت ڄاتو آهي تڏهن ته هن سسئي کي پيرين پنڌ ڪندي ڏيکاريو۔اصل قدر و قيمت ڀٽائي ڏني آهي۔جڏهن سسئي پنڌ پنهون جي ڳولا ۾ نڪري ٿي، جڏهن ڏير اسر ويل پنهون کي وٺي ٿا وڃن ته سرسسئي ۾ ڀٽائي سسئي جي عشق جي گهرائي کي ڏسي چئي ٿو۔اٺ ويري، اوٺار ويري ،ويري ٿيڙم ڏير،چوٿون ويري واء ٿيو جنهن لٽيا پنهون پير ،پنجون ويري سج ٿيو جنهن الهي ڪئي اوير،ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سوان ڪيا نه سير،ستون ويري چنڊ ٿيو جو کڙيو نه وڏي وير،واهيري جي وير ڇلون ڪريان ڇپرلطيف ڏيکاريو آهي ته اها هر شيء سسئي جي دشمن آ ،جيڪا پنهون سسئيء جي وچ ۾ رڪاوٽ طور سامهون آئي۔انهي باوجود سسئي جا پير ٿڪجن نه ٿا ،هو ايڏين تڪليفن باوجود پنهنجي سفر ڏانهن راهي آهي ۔ سسئيء جي سچائي ۽ جدوجهد کي سچ به ڀٽائي امر ڪري ڇڏيو آهي۔اتي هن وطن سان محبت به مارئي جي ڪردار ذريعي سيکاري اٿس۔هو عمر اڳيان نه ٿي جهڪي۔عمر سان اکيون اکين ۾ ملائي چوي ٿي تهاِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛ اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛ پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان. مارئي کي عمر هزارين لالچون ڏنيون پر سچ اهو آهي ته هو عمر اڳيان ملامت ڪري ٿي۔ مارئي هن جي اصل محبت پنهنجي وطن جي ماڻهن سان هئي ،مارئي لاء وطن جي حب عشق جي انتها تائين پهتل هئي، جنهن کي لطيف پنهنجي فڪر ذريعي نکاريو آهي۔ ڀٽائي جا سمورا ڪردار جن کي ڀٽائي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي ،اهي عورتون آهن پر اتي جيڪڏهن اسان موجوده سنڌي سماج جو تذڪرو ڪيون ته روز اسان وٽ عورتن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ۔عورت کي ڪارو ڪري مارڻ ،ان جي ملڪيت ڦٻائڻ،نياڻين کي سڱ چٽي ڪري ڏيڻ،بلڪل لطيف جي فڪر ابتڙ آهي،جيڪا انتهائي ڏک جي ڳالهه آهي ۔ان بابت سنڌي سماج جي سڄاڻ حلقن کي سوچڻو پوندو ته لطيف جي فڪر ۽اسان جي سماج ۾ هم آهنگي ڇو نه آهي!!؟لطيف جي شخصيت ۽فڪر بابت سراج مهراڻ 1996ع جي پرچي ۾ ڪجهه هيئن ٿو چئي۔”ڀٽائي جي زندگيء جي اسان کي تفصيلي خبر ڪانهي ،ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته هن جي سچ ڏانهن هن جي جڳ جو ڪهڙو رويو هو ،پر ڀانيان ٿو ته جيڪي ڪجهه هن جي شعر مان سمجهي سگهجي ٿو،هن تي ”ڪامپرومائيز “۽ ”ڪنفارمز “ جا بهتان ضرور مڙهيا ويا هوندا ۔شاهه، قادري طريقي جو صوفي چيو وڃي ٿو۔جن وٽ شريعت جي پابندي اوليت رکي ٿو ۽ راڳ گيت،سنگيت ۽ سماع حرام هو پر شاهه پاڻ سماع ٻڌندو پر پاڻ اهتمام ڪندو هو۔´قادرين ` هن تي يقينن ”ڪامپرو مائيز“ جو بهتان هنيو هوندو۔ شاهه جي شعر مان اهو به چئي سگهجي ٿو۔هو وڏو ”لبرل“ ۽ انقلابي هو پر گهڻن هنڌن تي وٽس اهڙا بيت ملن ٿا۔خاص ڪري سامونڊي ۽ گهاتو ۾ جن جي ڪري ان وقت جي لبرل دانشورن مٿس ”ڪنفارمز“ جو الزام آندو هوندو ۔انهن ٻن بهتانن جي وچ ۾ شاهه جي شاعري فقط عوام ۾ رهجي وئي ،جيڪا شاهه جي شاعري هڪ زنده علامت بڻجي ،پنهنجو ڳاٽ اونچو ڪري ،اڄ تائين پنهنجي عظمت مڃائيندي ٿي رهي۔“سراج جي مٿئين راء مان اها ڳالهه صاف وضاحت سان اڀري اچي ٿي ته لطيف لڪير جو فقير نه هو ۔هن وٽ زندگي کي پسڻ جا پنهنجا طور طريقا هئا۔ هو انسانيت پسند هو ۔هن جي فڪر ۾ بهترين انساني قدرن جي خوشبو اچي ٿي هن بيت ۾ لطيف فرمائي ٿو ۔روزا ۽ نمازون ايء پڻ چڱو ڪماوڪو ٻيو فهم،جنهن سان پسجي پرينء کيلطيف وٽ اصل عبادت انساني خدمت جي صورت ۾ آ۔ جنهن ”فهم“ جي ڳالهه لطيف ڪري ٿو ۔اهو انساني قدرن ۾ سمايل آ ۔انساني قدر اهي آهن ته توهان مان ڪنهن کي تڪليف نه پهچڻ گهرجي۔ پر ان جي ڀيٽ ۾ روز اسان جي سماج اندر ڪفر جون فتوائون ٿيون لڳن ڇا اسان سچ به لطيف مان ڪجهه سکيا ئي نه آهيون!!!لطيف احساسن جو شاعر آهي ۔هن وٽ محبوب جو چهرو وڌيڪ پررونق ،پر نور آهي ۔لطيف محبوب جي چهري کي چنڊ جيان نٿو ڏسي پر هن کي چنڊ ۾ محبوب جي چهري جي ڪا به خوبي نظر نٿي اچي ۔ڀٽائي چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو۔چنڊ چوانء سچ ،جي مٺي نه ڀائين ڪڏهن اڀرين سنهڙو ڪڏهن اڀرين ڳچمنهن ٻريئي مچ ته به تو ۾ ناهه پيشاني پرين جي۔لطيف جڏهن قلم کنيو تڏهن فارسي ٻولي کي وڌيڪ اهميت حاصل هئي پر لطيف سنڌي ٻولي کي مان ڏنو ۔اها ڳالهه پنهنجي ٻولي سان محبت کي ظاهر ڪري ٿي ۔ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪينجهر 2009 جي شماري ۾ لطيف جي فڪر شخصيت تي روشني وجهندي لکي ٿو ته”شاهه لطيف جي دور ۾ سنڌ سياسي ،سماجي۽ مذهبي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل هئي۔سندس شاعري ۽ ذاتي ڪردار انهيء ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سنڌ کي خوشحال ۽ نيڪ معاشرو بنائڻ ۽ جهموري طرز حڪومت طرف ڪرڻ لاء فڪري ۽ عملي جدوجهد ڪئي آهي۔“سچ به لطيف جي فڪر ۾ روشن خيال سنڌ جا عڪس هئا ۔جيڪا لطيف جي سنڌ سان محبت ۽ سنڌي ٻولي سان چاهه جو وڏو ثبوت آهي۔ لطيف ڏاهپ جو پيڪر آهي جنهن هن جي شاعري کي پڙهيو آهي، ان کي لڳو آهي ته لطيف جو فڪر هن لاء آهي پر سچ پڇو ته اسان لطيف جي فڪر سان اهو انصاف نه ڪري سگهيا آهيون۔جيڪو هو لهڻي ٿو ۔اسان رڳو هن کي هڪ روضي اندر پڙن سان ڍڪي رکيو آهي ۔جيڪو عمل لطيف جي شخصيت جي بر عڪس آهي۔اهو ڪيئن اهو توهان ضرور سوچيو ڇو ته لطيف جو فڪر عالمگير آهي ۔اسان مان ڪنهن به هن جي فڪر کي ان پئماني تي نه پهچايو آهي جنهن پئماني تي دنيا اندر رومي ،شيڪسپيئر ۽ ٻيا دنيا جا شاعر آهن۔zahidnizamani786@gmail.com

وڌيڪ پڙھو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

ڀڳو ٺوڙي جي هنج ۾ لڪي تيرٿ جي پڌر تي پهتاسين ته ان وقت ڊسمبر …