لاھور ۾ مريم نواز جي نيب آفيس ۾ پيشي وقت پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ چڪريون ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار

لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي کان اڳ نيب آفيس ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن جي چڪرين بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس اهلڪارن طرفان ليگي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ، ڪارڪنن جو پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ، رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پنجاب جي وڏي وزير نيب آفيس ٻاهران چڪرين جو نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته نيب آفيس ٻاهران پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڪيترن ئي نواز ليگ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، لاهور ۾ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ٻيهر نيب آفيس ٻاهران پهتي، نيب آفيس ٻاهران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مريم نواز طرفان واپس نه وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ ڪارڪن مريم نواز سان گڏجي ويا، مريم نواز جو چوڻ هو ته بيان رڪارڊ ڪريو، اڄ مان هتان نه وينديس، مريم نواز گاڏي مان لهي آئي، هتي بيٺي آهيان، گهرايو آهي ته جواب به ٻڌي وٺو، مون کي نقصان پهچائڻ لاءِ نيب آفيس گهرايو ويو، هن چيو ته پوليس جي پٿراءَ سبب منهنجي گاڏيءَ جا شيشا ٽٽي پيا، مريم نواز جو چوڻ هو ته گاڏي بلٽ پروف نه هجي ها ته مون کي نقصان ٿئي ها، ڊنل آهيو ته پوءِ گهرايو ڇو ٿا، اسان جا حوصلا بلند آهن.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …