لاھور پوليس جي اھلڪارن ۾ ڪورونا، انگ 115 ٿي ويو، ٽي فوت

لاھور پوليس جي اھلڪارن ۾ ڪورونا، انگ 115 ٿي ويو، ٽي فوت

لاهور پوليس ۾ ڪورونا سبب متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 115 ٿي ويو، جڏهن ته 3 اهلڪار هينئر تائين وائرس سبب شهيد به ٿي چڪا، پوليس ترجمان موجب ايس پي سيڪيورٽي بلال ظفر شيخ، ايس پي سٽي انويسٽيگيشن توحيد ميمڻ، ايس پي انويسٽيگيشن ماڊل ٽائون اسد مظفر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي سمن آباد وحيد اسحاق ۽ انسپيڪٽر ظهيرالدين بابر جو ڪورونا ٽيسٽ به پازيٽو آيو آهي، پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او باغبانپور محمد رضا ۽ انچارج انويسٽيگيشن ڊفينس عدنان مسعود به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سي سي پي او ذوالفقار حميد موجب هينئر تائين 115 ملازم ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 اهلڪار شمس رمضان عالم ۽ رائو جاويد شهيد ٿي چڪا، جڏهن ته 61 اهلڪار صحتياب ٿي ٻيهر پنهنجي ڊيوٽي جون ذميواريون سنڀالي چڪا آهن.

وڌيڪ پڙھو

Antivirus security software For Free

Using anti-virus for free is a wonderful option for individuals who want to keep all …