لاھور مريم نواز احتساب جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو سامھون آڻي ڇڏي-جج پاران غلط فيصلي جو اعتراف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز پنهنجي پيءُ ۽ پارٽي قائد نواز شريف خلاف احتساب عدالت جي ڪيس ۾ جج ارشد ملڪ جي مبينا ڳجهي ويڊيو سامهون آڻي ڇڏي.

لاهور ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ميڊيا تي نواز شريف خلاف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا شرمناڪ الزام لڳا پر اهي الزام عدالت ۾ ثابت نه ٿيا، پوءِ به کيس سزا ڏني وئي، جڏهن انهن جي تنهي نسلن جي احتساب کانپوءِ به انهن خلاف ڪو ثبوت نه مليو ته مفروضن جي بنياد تي فيصلا ٻڌايا ويا، عدالت ۾ چيو ويو ته ثبوت اسان وٽ نه هئا، جڏهن ته اسان 50 سال پراڻو رڪارڊ به عدالت کي فراهم ڪيو پر اسان جي ڪنهن به ثبوت کي تسليم نه ڪيو ويو، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته ڪيس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فيصلا ڪيا ويا هئا.

سندس چوڻ هو ته اسان گهڙي گهڙي عدالت جو در کڙڪايو پر هڪ ڀيري هڪ نئين سزا ڏني وئي، آخر ۾ نواز شريف فيصلو الله تي ڇڏي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي غيبي مدد حاصل ٿي، هڪ ڏينهن اهڙو آيو ته سزا ڏيندڙن پاڻ چيو ته نواز شريف سان زيادتي ٿي آهي، اسان کي جيڪي ثبوت مليا آهن، انهن مان واضح ٿئي ٿو ته نواز شريف جي سزا بدنيتي تي ٿي آهي.

پريس ڪانفرنس دوران مريم نواز هڪ ويڊيو به هلائي، جيڪا ڳجهي ڪئميرا سان ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ ارشد ملڪ ناصر بٽ نالي شخص سان ملاقات ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي حوالي سان گفتگو ڪري رهيو آهي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.