لاڙڪاڻو جي آصفہ دينٽل ڪاليج مان نمرتا نالي شاگردياڻي جو لاش ھٿ-يونيورسٽي انتظامييہ خودڪشي قرار ڏنو-والدين خودڪشي جي خدشي کي رد ڪري ڇڏيو

 لاڙڪاڻو جي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو آهي. آصفه ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل نمبر 3 جي روم نمبر 47 مان فائينل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا ڌيءُ جئه پال داس جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا. شهيد بينظير يونيورسٽي جي انتظاميه نمرتا جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. جنهن ۾ اي ايس پي سٽي محمد ڪليم ملڪ، آصفه ڊينٽل ڪاليج جي وقتي پرنسپال شاهد ميراڻي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ڪي داس کي شامل ڪيو ويو.
وي سي ڊاڪٽر انيلا ميمڻ ٻڌايو ته شاگردياڻي نمرتا آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ فائينل ايئر ۾ پڙهندي هئي ۽ هوءَ آخري سال جي امتحانن جي تياري جي سلسلي ۾ هاسٽل روم ۾ اڪيلي رهندي هئي. سندس ڳلي تي نشان موجود آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته واقعو آپگهات آهي، شاگردياڻيءَ جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
ناري جي چاچي نند لال آپگهات واري خدشي کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته نمرتا آپگهات نه ٿي ڪري سگهي، اصل معاملي کي لڪايو پيو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي حقيقت سامهون آندي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …