لاهور: اهلڪارن تي فائرنگ ۽ تشدد جي الزام ۾ صحافي اسد کرل گرفتار

لاهور: اهلڪارن تي فائرنگ ۽ تشدد جي الزام ۾ صحافي اسد کرل گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي ڪاهنا ۾ پوليس مقامي صحافي اسد کرل پوليس جو هٿيار کسي فائرنگ ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو.

مقامي صحافي اسد کرل جي خلاف ڪيس سندس ئي گهر وٽ هن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل هيڊ ڪانسٽيبل اشفاق جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو.

پوليس جي ايف آءِ آر موجب اسد کرل پنهنجي گهر کان ٻاهر اچي ڪانسٽيبل ادريس کان رائيفل کسي ورتي، اي ايس پي ڪاهنا شعيب ميمڻ سندس گهر پهتا ته اسد کرل چيو ته پوليس گارڊ تي ڀروسو ناهي، اندر اچي ڳالهه ٻولهه ڪيو.

اي ايس پي ۽ ڪانسٽيبل اشفاق ڳالهين جي لاءِ ساڻس گهر اندر ويا ته اسد کرل سرڪاري رائيفل کسي ٻنهي جا هٿ مٿي ڪرايا ۽ دروازو اندران بند ڪري ٻنهي کي يرغمال بڻايو.

ايف آءِ آر جي متن موجب اسد کرل فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ اي ايس پي ۽ ڪانسٽيبل زمين تي سمهي رهيا ۽ فائر ٿيل گوليون ڀتين ۾ وڃي لڳيون، ٻئي ڄڻا فائرنگ کان بچڻ لاءِ ٻاهر ڀڄي نڪتا ته اسد کرل سرڪاري رائيفل سميت ٻاهر آيو ۽ ٻيهر فائرنگ شروع ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو اڱاري جي رات 7 وڳي ڪاهنا جي نجي سوسائٽي ۾ پيش آيو

وڌيڪ پڙھو

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

ڪابل: طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان …