لانگ مارچ، پ پ پ ۽ سنڌ جو اتحاد – حيدر ملاح

لانگ مارچ، پ پ پ ۽ سنڌ جو اتحاد – حيدر ملاح


مڃون ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي سرڪاري مشينري ۽ عوام جي ٽيڪس جي پيسن تي لانگ مارچ جو سنڌ ۾ سٺو شو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. پر اهو به قبول ڪرڻ گهرجي ته جاگيردارانه جمهوريت ۾ عام ماڻهو اڃان نه آزاديءَ سان ووٽ ڏيڻ نه ئي سياست سرگرمي ڪرڻ ۾ آزاد آهي. پير، سياسي سيد، سياسي سرڪاري ڀوتار زرداري جي هن وقت سياسي سگهه بڻيل آهن.
“روٽي، ڪپڙا اور مڪان” وارو نعرو فقط نعرو ئي آهي . سنڌ ۾ اڪثريت ماڻهن جي يا سياسي ڀوتارن جي زمينن يا وري سرڪاري ڀڏن، ايريگيشن جي شاخن جي سرڪاري زمينن تي رهائش پذير آهي سنڌ ۾ هڪ به عام ماڻهو کي گهر ٺهي نه مليو نه ئي ماڻهن کي ڪي گهرن ۽ زمينن جا مالڪاڻا حق مليا آهن.. سنڌ ۾ روزگار جا ذريعا محدود ڪيا ويا آهن. ڪٿي به ڪو نئون ڪارخانو سنڌ ۾ سرڪاري طور تي نه لڳي سگهيو آهي اڃان به زرداري جي هٻڇ ۽ اومني گروپ جي والار سبب لاڙ ۾ شگر ملون بند ڪيون ويون آهن.
اهو به نه وسارڻ گهرجي ته پ پ سنڌ ۾ گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان اقتدار جي مسند تي ويٺل آهي. ان دوران پ پ سنڌ جي زمينن کي ملڪ رياض کان وٺي مقتدر ڌرين کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيون. ڌارين آباديءَ لاءِ سنڌ ۾ سهولت ڪاري جو ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪري سنڌ ۾ آبادي جو دٻاءُ وڌيو آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي توڙي ٻن وڏين شاهراهن انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي ڪاروباري سرگرمين تي ڌاريا قابض آهن.
سنڌ جي نوجوانن کي ڄاڻي واڻي ديوار سان لڳايو ويو. ڏيڍ ڏهاڪي ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت نه” يوٿ پاليسي” آندي نه ئي ڪاروبار لاءِ ڪا مائيڪرو فنانسنگ جي اسڪيم لائونچ ڪئي جنهن سان سنڌ جا نوجوان ڪي ڪاورباري سرگرميون ڪري سگهن ها. بينڪن جا ڳرا وياج سنڌ جي نوجوانن کي ڪاروبار جي ويجهو ئي اچڻ نٿا ڏين ٿا. عورتن جي ترقي توڙي تعيلم لاءِ ڪا به پيش رفت نہ ٿي.
ابتو سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو. بجيٽ کي هڙپ ڪندي سنڌ جو انفراسٽرڪچر مڪمل تباھ ڪيو ويو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ايتري آهي جو ائين محسوس ٿيئي ٿو ماڻهو اونداهي جي دور ۾ جيئي رهيا آهن.
صحت ۽ تعليم کاتي ۾ ڪابه جدت نه آئي صحت کاتي جي ته اها حالت آهي جو تعلقي سطح جي اسپتالن ۾ به نه دوا آهي نه ڊاڪٽر آهن . اسڪولن ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ سان گڏ نئين بلڊنگس جي اڻاٺ ڪر کنيو بيٺي آهي.
پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا . پوليس جي آفيسرن کي سياسي ڀوتارن جي حوالي ڪيو ويو. ايتري تائين جو ڊي سي ۽ ايس پي سطح جا آفيسر سياسي ڀوتارن جي پروپوزل تي مقرر ٿين ٿا. منشيات جو وڪرو کلي عام جاري آهي جنهن ڪري سنڌ جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آھي. ايم پي اي، ايم اين اي جي هٿ ۾ سڀ ادارا ڏيئي عام ماڻهن جي زندگين سان کيڏڻ جا اختيار ڏنا ويا جن وري پوري رهزني سان عام ماڻهن مٿان بي خوف ٿي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا.
ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل، فهميدا سيال جي قتل، ناظم جوکيو جي قتل ۽ نواب ولي محمد جي ڀنڊ برادري جي ماڻهن جي قتلن ۾ اوهان کي پ پ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي ملوث ملندا.
ڏيڍ ڏهاڪي جي اقتدار دوران هارين لاءِ ڪا به زرعي سڌارن جي نالي ۾ قانون سازي نه ڪئي ويئي. مزدورن لاءِ به ڪا نئين مزدور دوست پاليسي نه آئي. نوان ڪارخانه ته نه لڳا پر اڳ موجوده ڪارخانن ۾ مزدورن جي” يونين سازي” کي روڪڻ لاءِ ٺيڪيداري سسٽم لاڳو ڪيو ويو سنڌ سرڪار ان مزدور دشمن عمل ۾ به سرمائيدارن جي مددگار رهي. وسيلن تي ڌارين جو قبضو، سياسي ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جي سرمائي تي هڪ هٽي قائم ٿي نتيجي ۾ سنڌ ۾ غربت جي شرح گهٽجڻ بدران وڌي. سنڌ جا ٻيلا ختم ڪري ٻيلن جون زمينون سرڪاري ڀوتارن جي حوالي ڪيون ويون. ائين سياسي ڀوتارن کي ملڪيت گڏ ڪرڻ جا غير قانوني ذريعا پيدا ڪري ڏنا ويا. سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفانہ ورڇ ڪرڻ بدران پنھنجا نوازي ڪندي سياسي مخالفن کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪايو ويو.
ان دوران مڊل ڪلاس جو ساھ نپوڙيو ويو ، عام ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي سڪڙجي محدود ٿي ويئي. جنهن سبب سنڌ جي شهرن جون مارڪيٽون ويران آهن. ان سموري خراب حڪمرانيءَ جا نتيجا يقينن پ پ کي ئي ملڻا آهن. پر پ پ جي قيادت پنهنجا پلئه آجا ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ته شروع ڪيو آهي پر سنڌ جي سرحدي شهر ڪمون شهيد ڪراس ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جو عوام هن لانگ مارچ کي ڪهڙي موٽ ٿو ڏيئي سو پاڻ جلدي ڏسي وٺندا سين. قوي امڪان آهن پنجاب سنڌ جيان سرگرمي سان بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ ۾ شرڪت نه ڪندو ان ڪري ئي سنڌ مان ماڻهن کي اسلام آباد تائين لانگ مارچ سان گڏ کنيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته لانگ مارچ ۾ شريڪ هڪ فرد جو اسلام آباد تائين خرچ ٽيهن هزار روپين کان قطعي گهٽ نه هوندو.
پ پ سنڌ ۾ لانگ مارچ جي سرگرمي ڪري ٻه فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هڪ ته هو اسلام آباد کي اکيون ڏيکاري رهي آهي ته سنڌ جو عوام اڄ به پ پ سان آهي ٻيو ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي تياري ڪرڻ به آهي. هن وقت تائين اطلاع آهن ته بلدياتي اليڪشن لاءِ روينيو کاتي پاران پولنگ اسٽيشنن جي سروي توڙي بلاڪن ۽ يونين ڪائونسلن جي حد بندين جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.
هتي بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ڇا سنڌ سدائين پ پ جي خراب سياسي اقتدار جي هيٺ رهندي يا ان جو عوام دوست متبادل به ڪو جڙندو. جي جڙندو ته ڪيئن جڙندو. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا پارليماني سياست ڪندڙ قومپرست ۽ سماج جا اهي فرد جيڪي اڪيلي سر آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ جيڪي پ پ سان اليڪشن وڙهندا رهن ٿا اهي گڏجي ڪو اتحاد جوڙي وٺن ته پ پ سان چوٽيءَ جو مقابلي ڪري سگهن ٿا.
هونئن ئي 2024 ملڪ ۾ اليڪشن جو سال آهي جيڪي ماڻهو سچ ۾ به پ پ جي موجوده طرز حڪمراني کان بيزار آهن سي گڏجي سڏجي پهل ڪن. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي سربراہ ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سنڌ ۾ حقيقي عوام دوست، سنڌ دوست اتحاد لاءِ ڪوششن ۾ آهي اچو ته گڏجي سنڌ خاطر ان اتحاد لاءِ ايماندارنه ڪوششون شروع ڪريون، جيئن سنڌ هنن سياسي ڀوتارن، پيرن، سياسي سيدن جي پنجوڙ مان آزاد ٿي سک جو ساه کڻي سگهي.

وڌيڪ پڙھو

ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

سِنڌ پرڳڻي جو پُر امن لاڙ وارو ضِلعو ٺٽو ھن وقت ڌارين آبادڪاريءَ لاءِ سُوني …

Leave a Reply

Your email address will not be published.