
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قومي اسيمبلي جو اجلاس صبح ساڍي 10 وڳي شروع ٿيو، جڏهن ته 20 منٽن تائين جاري رهڻ کانپوءِ 12:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
ان وقت شاهه محمود قريشيءَ پنهنجي تقرير شروع ڪئي هئي
اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هو عدالت جي فيصلي جي پاسداري ڪندا.
ان دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ اسپيڪر چيمبر ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻن به ملاقات ڪئي.
اجلاس 2.30 وڳي ٻيهر شروع ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.
شاهه محمود قريشي چيو ته مبينه عالمي سازش جي معاملي تي حڪومت واشنگٽن ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير اسد مجيد کي طلب ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي.
اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ووٽ نه ڏيڻ عدالت جي توهين ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 9 وڳي طلب ڪري ورتو
ان کانپوءِ خواجا سعد رفيق، اسد عمر، آصف علي زرداري، مولانا اسد محمود، شيرين مزاري جلسي کي خطاب ڪيو.
جنهن بعد اجلاس شام 6 وڳي کان ساڍي 7 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پنهنجي منحرف ميمبرن جي نااهلي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو.
اجلاس 7.30 وڳي ٻيهر شروع ٿيو، شهباز شريف، خواجا آصف ۽ حماد اظهر جي تقريرن کانپوءِ اجلاس ٻيهر 9.30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.