قدرتي آفتون ۽ ڪجھ ضروري سوچ ويچار- علي حيدر جوڻيجو

سال 2020ع ۾ جيڪي قدرتي عذاب يا آفتون جن سان اسين منهن ڏئي رهيا آهيون انهن بابت شروع ۾ اها ڳالھ واضع هئي ته انهن کي حڪومت پنهنجي بهتر ڪارڪردگي مطابق انهن آفتن يا عذابن کي ختم ڪري نه رڳو پنهنجي ملڪ جي عوام کي بچائيندي پر ان سان گڏ پنهنجي تعليمي نظام ۽ معاشرت کي به سٺي نموني سنڀالي وٺندي. هر ماڻھو ان ڳالھ سان متفق هو ته پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪري پاڻ واري حڪومت پنهنجي عوام کي بچائي وٺندي پر نتيجي ۾ اچي اها ڳالھ بيٺي آهي ته اسان جي سنڌ حڪومت سان گڏ وفاق به پنهنجي عوام لاء چڱا عمل نه ڪيا آهن جن کي ساراهيو وڃي. ملڪ ۾ وائرس سان گڏ روز ڪا نه ڪا نئين مصيبت اچي بيٺي آهي جيڪا نه رڳو اسان جي نظام ۾ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ بدلاء آڻي ٿي پر ملڪ جي معيشت کي به وڏو نقصان پهچائي ٿي. هلندڙ وقت ۾ وائرس سان گڏ جن مصيبتن ماڪڙ ۽ ڪتن جي ڏاڙهڻ واري عذاب اسان وٽ جنم ورتو آهي اچو ته انهن ڏانهن ٿورو ڌان ڏيون.
ماڪڙ
هن چڪر جيئن اسان کي ڪورونا بيماري بيحس ڪيو آهي تيئن ئي اسان وري هڪ ٻئي مصيبت ماڪڙ ۾ ڦاسجي ويا آهيون جيڪا اسان جا فصل کائي تباه ٿي ڪري ڇڏي. ماڪڙ اصل ۾ جيت جو هڪ قسم آهي جيڪو ريگستاني علائقن يا وري گراس لينڊ ۾ ملي ٿو. ماڪڙ سڀ کان پهريان 1920ع ۾ برٽش جي معاشي ۽ ماحوليات لاء خطرناڪ ثابت ٿي. ان کان بعد 1945ع ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاء هڪ اداري ڪيميڪل دوا جو متعارف ڪرايو جنهن ۾ ”dieldrin“ سڀ کان وڌيڪ فائديمند رهي. جاپان جي سائنسدان 2007ع ۾ پنهنجي تحقيق مطابق ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ماڪڙ سڄو ڏينهن فصل کائيندا رهن ته 45 کان 255 ٽن روزانو جي بنياد تي کائي سگهن ٿا جڏهن ته ماڪڙ هر قسم جو گاھ، فصل، ڀاڄيون، ميوو ۽ وڻ کائي تباه ڪن ٿيون جنهن جو ٻيهر ٿيڻ ناممڪن ٿي ٿو پوي. پوري پاڪستان سميت سنڌ صوبي ۾ ان مصيبت جو تقريبن ٻن سالن کان وٺي وڏو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ته ماڪڙ سنڌ جي تقريبن هر ضلعي جي فصلن کي نقصان پهچائي ٿي. گذريل سال سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملي کي روڪڻ لاءِ گهربل مدد جي فراهمي واري معاملي تي جهڙي طرح وفاقي حڪومت جو سنڌ حڪومت سان عدم تعاون ۽ ڇڪتاڻ وارو رويو رهيو اهو رڪارڊ جو حصو آھي جيڪڏهن هن سال به ساڳي حالت رهي ته پوء ان جو نقصان به پوين سالن کان وڌيڪ ٿيندو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ اسان جي وفاق سان گڏ اسان جي صوبائي حڪومت کي کپي ته هو پوري ملڪ سميت سنڌ صوبي ۾ به ماڪڙ جي خاتمي لاء اسپري ڪرائي ۽ ماڪڙ جي ايندڙ نسل لاء به اهڙا اپاء ڪرايا وڃن جنهن سان اسان جو فصل سٺي نموني بچي سگهي ۽ اسان ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون.
ڪتن جو ڏاڙهڻ
اسان جي نظام ۾ هاڻي هر شي جي بيترتيبي لڳي پئي آهي. پاڻ جيڪڏهن ڏسون ته هاڻي اسان ڪجھ اهڙين مصيبتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون جيڪي اسان جي قسمت ۾ لکيل آهن ۽ انهن کي اسين قدرتي سمجهي منهن ڏئي ٿا وڃون. ٻيو وري زندگي ۾ پريشانيون هونديون آهن انهن کي به ماڻهو پنهنجي ڪوششن سان منهن ڏي ٿو. پر هاڻي اسان وٽ وري ڪجھ اهڙيون هٿرادو مصيبتون پيدا ٿين ٿيون جن کي ڏسي ماڻهو پنهنجي زندگي کي عذاب سمجهي ٿو. ڪتن جي عذاب مطابق تازي خبرن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل چئن مهينن ۾ تقريبن 84 هزار ماڻهو ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيا آهن جن مان فوتين جو انگ پندرهن ٻڌايو وڃي ٿو. اسان وٽ حالت اها آهي جو ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ڪري ايڏا وڏا ماڻهو شڪار ٿين ٿا ۽ اسان جي صحت مرڪز ۽ اسپتالن ۾ به هاڻي عذاب کان گهٽ سلسلو ڪونهي. پاڻ واري اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين ڪونه پئي ملي. جيڪڏهن ڪنهن اسپتال ۾ اها ويڪسين موجود آهي ته اها ويڪسين حاصل ڪرڻ ايترو ته مشڪل آهي جو ان جي قيمت غريب ماڻهو نٿو ادا ڪري سگهي ۽ اڪثر ڪري اهڙي قسم جون هٿرادو بيماريون اسان جي معاشري ۾ عام آهن انهن سان هميشه غريب ماڻهو ئي منهن ڏيندو آهي.
وائرس
سنڌ ۾ وائرس کي ايندي تقريبن ٽي مهينا گذري ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پوري ملڪ سميت پوري سنڌ ۾ ٻن مهينن کان لاڪ ڊائون لڳو پيو آهي جنهن ۾ ماڻهو نه رڳو پنهنجي ڪاروبار جي لاء پريشان آهن پر سياسي توڙي سماجي، رسمي توڙي رواجي طور تي به ماڻهو وڏي پريشانن سان منهن ڏي ٿو. ۽ جڏهن هاڻي سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ نرمي پيش ڪئي آهي ته پوري صوبي ۾ ماڻهو وڏي تعداد ۾ رش ۽ ٽولن ۾ بيٺا آهن. نظام ائين پيو لڳي ڄڻ ڪو شهر جون بازارون ۽ ٻيا دڪان سالن کان وٺي بند پيا هيا ۽ اهي دڪان اڄ کليا آهن. حڪومت جي طرفان جڏهن لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي ان وقت پاڻ واري حڪومت ايس او پيز ڏنا هئا ۽ هر دڪاندار کي اها هدايت ڪئي وئي هئي ته اوهان دڪانن تي رش نه ڪرايو ۽ گراهڪن کي سينيٽائيز سان اول هٿ ڌورايو. پوري ملڪ ۾ هاڻي ماڻهن جي جهالت ڏسي اهو اندازو لڳايان پيو ته حڪومت طرفان جيڪي به ايس او پيز لڳايا ويا انهن کي مذاق سمجهي انهن تي عمل نه ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ ماڻهو وري اها به دعوا ڪن پيا ته اسان وٽ ڪوئي به وائرس نه آيو آهي هروڀرو اسان جي ڪاروبار ۾ رڪاوٽ وجهي اسان جي روزي تي لت ڏني وئي آهي اها وڏن ماڻهن جي چال آهي. اهڙا جاهل سوچ وارا ماڻهو جيڪي روز ٻڌن پيا ته پاڪستان توڙي پوري دنيا ۾ روز وائرس جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ان وائرس لاء رڳو پاڪستان ۾ خطرو هجي ها ته پوء به اسان ان کي ماڻهن جي چال سمجهو ها پر هي وائرس پوري دنيا لاء آهي پوء به ماڻهو اهڙي وبا کي مذاق سمجهن ته انهن لاء انساني تاريخدان پروفيسر هراري جو چوڻ آھي ته جيڪو به توهان کي چوي ته هي وائرس هڪ چال آھي ان کان صرف هڪ بنيادي سوال ڪيو ته وائرس جي ڊيفينيشن يا صرف وائرس ڇا ٿيندو آھي؟
علي حيدر جوڻيجو
Twitter: @AliHyder_

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …