قاسم سليماني کي ختم ڪري سٺو ڪيو آھي. آمريڪي صدر ٽرمپ جي پريس ڪانفرنس

فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ ڊونلڊ چيو تہ آمريڪا جيڪو ڪيو اھو سٺو ڪيو آھي اھو پھريان ڪرڻ گھرجي ھا ھن چيو تہ ايران ۾ قاسم سليماني تازو مظاھرين مٿان وحيشاڻو تشدد ڪري ھزارين ماڻھن کي مارايو- اسان جنگ کي روڪڻ لاءِ اھڙو قدم کنيو آھي نہ ڪي جنگ ڪرڻ جي لاءِ اھو قدم کنيو ويو آھي-آمريڪي صدر پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ قاسم سليماني کي دنيا جو پھريون نمبر دھشتگرد قرار ڏيندي چيو تہ قاسم سليماني جي موت سان ھڪ دھشت واري راڄ جو خاتمو اچي چڪو آھي.آمريڪي فوج درست ڪاروائي ڪري ھڪ دھشتگرد جو خاتمو ڪيو آھي. ھن چيو تہ ايران جي عوام لازوال ثقافت۽ اعلي تھذيب جي مالڪ آھي اسان ايران جي حڪومت جي خاتمي ۾ ڪابہ دلچسپي نٿا رکون پر اسان ايران جي حڪومت جي جارحيت ۽ پاريسڙي ملڪن جي غيرمحفوظ ھجڻ جي حق ۾ بہ نہ آھيون ان کي ختم ڪرڻ جي اڃان بہ ڪوشش ڪنداسين

وڌيڪ پڙھو

آمريڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي هڪ دفعو ٻيهر مذمت ڪري ڇڏي

آمريڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي هڪ دفعو ٻيهر مذمت ڪري ڇڏي

واشنگٽن: (خميس 05 مئي 2022ع) آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي …