قاسم سليماني جي قتل کانپوءِ جي صورتحال – حيدرملاح


بغداد ايئرپورٽ جي ويجهو ايران جي پاسدار انقلاب جي اهم برگيڊ قدس برگيڊ جي ميجر جنرل قاسم سليماني جي قتل سان دنيا اندر نون جنگي خطرن بابت بحث شروع ٿي ويا آهن الجزیرہ ٽي وي کان وٺي بي بي سي ۽ وائيس آف آمريڪا جهڙن وڏن نشرياتي ادارن وٽ عالمي دفاعي ماهر گوڏا کوڙيو چوويهه ئي ڪلاڪ خطي جي بدلجندڙ حالتن ۽ جنگي صورتحال ٿي تجزيا ڪري رهيا آهن، قاسم سليماني، سوشل ميڊيا تي هن وقت ٽرينڊ کان وڌيڪ هڪ آئيڊيل شخصيت جي شڪل ۾ آمريڪا مخالف ماڻهن وٽ دلين ۽ ذهنن ۾ جڳھ ٺاهي بيٺو آهي.
ايڏو مرتبو مرڻ کان پوءِ تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي، قاسم سليماني يقينن ان معاملي ۾ خوشنصيب ثابت ٿيو آهي.
قاسم سليماني پراڪسي وار جي هن دور ۾ شام ،عراق،فلسطين ۽ افغانستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو. هن آمريڪا مخالف فوجي لشڪرن(مليشائن) کي جوڙي آمريڪا جي مفادن کي سخت ڇيهو رسايو.
حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ماضيءَ ۾ فڪري طور مخالف افغانستان جي طالبانن سان به سٺا تعلقات جوڙي سڄي دنيا کي ان وقت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن طالبان ايران جي ذريعي روس سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون.
عراق، شام ۾ آمريڪي فوجي اڏن، توڙي داعش جهڙين انسان دشمن تنظيمن کي به قاسم سليماني جي پراڪسي وار جي حڪمت عملي ٽوٽا چٻاڙايا جنھن ڪري ئي آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪي شهرين جي زندگين ۽ آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري هو ته قاسم سليماني کي گهڻو وقت اڳ قتل ڪيو وڃي ها. هن قاسم سليماني جي موت تي تمام گهڻو خوشي جو اظهار ڪندي پينٽاگان جي هن ڪاميابي کي آمريڪا جي وڏين ڪاميابي قرار ڏنو.

قاسم سليماني ڪير هو؟


ايراني فوج جو جنرل قاسم سليماني تمام ذهين، بهادر ۽ خوشنصيب ماڻهو هو. هن جو جنم ايران جي علائقي ڪرمان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ عام هاري جي گهر ۾ ٿيو. هي صرف پنج درجا پاس هو ، سو به انڪري ته ان وقت ايران ۾ هر ٻار مٿان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لازمي هئي.

هن جي والد تي ڏه هزار کن قرض هو تنهنڪري تيرهن سالن جي عمر ۾ هي ڳوٺ کان شهر ويو. اتي واٽر بورڊ ۾ نوڪري ورتائين ۽فارغ وقت ۾ وري بلڊنگن جي تعمير واري ڪم ۾ مزدوري ڪندو هو.
1979ع ۾ ايران ۽ عراق جنگ دوران هي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ صرف چئن هفتن جي ٽرينگ ورتي ۽ پوءِ جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ لهي پيو. اتان پوءِ هن جو آهستي آهستي عروج شروع ٿيو.

قصو مختصر اهو ته ايران جو هڪ فورس آهي جنهن جو نالو اٿس ايران جي انقلابي گارڊن جي ڪور( پاسدار انقلاب) . ان ڪور جي پرڏيهي ونگ يا گروپ آهي “ال ُقدس فورس” جنهن جو هي سربراه هو. القدس عربي لفظ آهي جنهن جي معني آهي بيت المقدس فورس ۽ انجو مقصد آهي اسرائيلي يهودين جي قبضي آيل مسلمانن جي زمين آزاد ڪرائڻ.

سليماني هڪ مزدور مان ايترو طاقتور ٿي ويو جو ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي کانپوءِ ٻئين نمبر تي هن جي حيثيت هئي. چون ٿا ته هن کي به پنهنجي طاقت جو خوب اندازو هو جو هڪ دفعي آمريڪا جي نئين فوجي سربراه ڊيوڊ پيٽرس کي ميسج ڪيائين ته .. “توکي خبر آهي ته ايران، عراق، غزہ ، لبنان ۽ افغانستان جي پاليسي تي مان ڪنٽرول ڪندو آهيان! “

اهو به چون ٿا ته لبنان جي وزيراعظم رفيق حريري جي قتل ۾ به هن جو هٿ هو. ان کان علاوه اسرائيل جي سفارتخاني ۽ آمريڪي فوجي مارڻ ۾ به هي شامل هو.
هن تي ڪافي قاتلاڻا حملا ٿيا پر بچي ويو پر ٻه ڏينهن پهرين آمريڪا جي ڊرون حملي ۾ شهيد ٿي ويو.
سليماني جو غريب گهراڻي سان تعلق ۽ گھٽ تعليم هجڻ باوجود هن تمام غيرمعمولي ڪم ڪيا جيڪي سندس قدرتي صلاحيتن جي گواهي آھن.
قاسم سليماني، سهپ ،رواداري ،سٺي سڀاءَ سادگي ۽ ملنسار طبيعت جي ڪري به مقبول هو.
داعش سان جنگ جي قصن جي ڪري هي فلمن، ٽي وي ڊرامن ۽ وڊيو گيمز جو هيرو ٿي اڀري آيو، هي جرعت، شجاعت، بھادري ۽ فتحن جي نشاني بڻجي ايران جي عوام ۾ مقبول ٿي رهيو هو جنهن ڪري ايراني شاعرن جي مزاحمتي شاعري جو قاسم سليماني مک ڪردار هو.
قاسم سليماني جو موت ايران لاءِ وڏو نقصان آهي جنهن ڪري ايران پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اڱاري تي قاسم سليماني جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي ۽ کيس اباڻي ڳوٺ دفن ڪيو ويندو.
قاسم سليماني جي لاش جي سڃاڻپ سندس منڊي مان ٿي آهي جڏهن ته عراقي شيعا مليشيا جي ڪمانڊر ابومهدي جو لاش ئي نه ملي سگهيو آهي.

ڇا دنيا ٽي عالمي جنگ ڏانهن وڃي پئي؟


سوشل ميڊيا تي موجود ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته دنيا ٽي عالمي جنگ ۾ داخل ٿي رهي آهي، ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته ٽئي عالمي جنگ جي گهنٽي وڄي چڪي آهي.
منهنجي خيال ۾ قاسم سليماني جو موت هڪ ايراني جنرل جي زندگيءَ جي پڄاڻي ضرور آهي پر پراڪسي وار جو دور اڃان ختم نه ٿيو آهي.
دنيا ٻئي عالمي جنگ جي دور مان نڪري ايٽم بم ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي توڙي، شعائن واري جديد جنگي ٽيڪنالاجي ۾ داخل ٿي ويئي آهي.
روس ته ان سلسلي ۾ ٻه قدم اڳتي وڌندي زير نه ڪرڻ جهرا هٿيار ٺاهي ورتا آھن روسي ميزائل سمنڊ جي اندران سفر ڪري دشمن جي حدف کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي حيثيت ۾ موجوده آهن روسي ميزائل ريڊار جي سڃاڻپ کان مٿي چڙهي ويا آهن جڏهن ته ڪوريا شعائن جي فوجي ٽيڪنالاجي ٺاهي ورتي آهي جيڪا ميزائلن ۽ ائٽم بم کان به خطرناڪ ٻڌائي پئي وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ ٽئي عالمي جنگ جو مقصد دنيا ۾ ڪک نه ملندو ڪک سان. سڀ سڙي بسم ٿي ويندو ان ڪري عالمي شعور ڪنهن به عالمي جنگ جي حق ۾ ڪڏهن به نه بيهندو خود آمريڪي صدر ٽرمپ جي خلاف آمريڪي پارليامينٽ هائوس جو اسپيڪر ۽ ٻيا اڳواڻ سخت گير موقف رکندي هن ڪاروائي کي بي وقوفاڻي ڪاروائي چئي نندي رهيا آھن.
افغانستان ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندڙ آمريڪا ڪو به ٻيو جنگي محاذ کولڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو. ان ڪري هٿيارن جي ڍير تي ويٺل دنيا جديد جنگي ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ ڪا جنگ جي شروعات ڪري ناممڪن آهي، هٿيارن جو ٺهڻ ۽ جديد فوجي ٽيڪنالاجي فقط هن وقت فوجي سگهه جي برابري ليکي وڃي خطرناڪ هٿيارن جو استعمال ان ڪري به ناممڪن آهي جو ان جنگ کانپوءِ چوٿين جنگ نه لڳندي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.

ايران ڇا ڪري سگهي ٿو؟


قاسم سليماني جو موت ايران جو انتهائي وڏو نقصان آهي، شايد ايران کي اها توقع ئي نه هجي ته انهن جو ٦٢ سالن جو ماهر جنگي جنرل ائين مارجي ويندو.
ايران پلاند وٺڻ جو اعلان ڪندي فارس جي روايت مطابق سائو جهنڊو لاهي سرخ پرچم جهولائي اعلان جنگ ته ڪيو آهي پر معاشي طور ڪمزور ايران، سياسي طور غير مستحڪم ايران جنهن ايران ۾ ٢٠١٩ جو سڄو سال لکين ماڻهن جا گڏيل احتجاج ٿيندا رهيا، جنگي ٽيڪنالوجي ۾ ڪيترن ئي ملڪن کان پوئتي پيل ايران وٽ فقط هڪ ئي رستو آهي ته هو پراڪسي وار ذريعي شام ،عراق، افغانستان، غزہ ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي اڏن، فوجن ۽ شهرين جي خلاف حملا ڪري.
ايران ۽ عراق جي جنگ ۾ تباھ حال ٿيل ايران جنھن جو بنيادي انفرااسٽرڪچر ئي اڃان بحال نه ٿي سگهيو آهي جنهن وٽ جديد سائنسي ليبارٽرين، يونيورسٽين بدران مذهبي مدرسن ۽ درگاھن جو جهنگ هجي سو ڪا سڌي طرح وڏي جنگ وڙهي سگهي سو هنن حالتن ۾ ممڪن نٿو لڳي.
پاڻ جي اڳيان خود پاڪستان جو مثال موجود آهي پاڪستان جي رياست ستر سالن کان ڪشمير جي نالي تي ملڪ جي بجيٽ جو وڏو حصو هڙپ ڪندي رهي ايٽم بم، غوري ميزائيل وڏي ميداني فوج ۽ بحري فوج هوندي به جڏهن هندستان ڪشمير جي الڳ حيثيت ختم ڪري نئين آئيني ترميم سان ڪشمير جي خوداختياري ختم ڪندي ڪشمير ۾ اٺ لک فوج لاٿي ته پاڪستان هندستان سان ڪا ننڍڙي جنگ به نه ڪري سگهيو، ان ڪري معاشي پابندين جي ور چڙهيل ايران جيڪڏهن ڪنهن جنگ ۾ وڃي ٿو ته شايد اها جنگ ايران جي ملائيت جي حڪمراني جي خاتمي جي جنگ ثابت ٿئي ان ڪري قاسم سليماني جو پلاند جنگ جي صورتحال ۾ وٺڻ بدران ٽارگيٽ حملا ٿيندا جن ۾ مخصوص ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو.

پينٽاگان ڇا پيو ڪري؟


آمريڪا جي دفاعي اداري پينٽاگان جڏهن ٽرمپ جي حڪم تي قاسم سليماني جي قتل جي رٿا جوڙي هوندي يقينن انهن ايران جي طرفان ايندڙ ردعمل ۽ خطي جي صورتحال تي به گهڻ طرفو سوچيو هوندو.
آمريڪا خوب سمجهي ٿو ته ايران جي ميزائلن جي زد ۾ اسرائيل اچي سگهي ٿو جنهن جو تحفظ ڪرڻ لازمي هوندو گڏوگڏ افغانستان جتي هن وقت آمريڪا مڪمل ڦاسي چڪو آهي ۽ واپسيءَ جا رستا تلاش ڪري رهيو آهي اتي ايران پراڪسي وار کي طالبان جي مدد سان تيز ڪري سگهي ٿو.
ان ڪري قاسم سليماني کي قتل کان پوءِ امريڪا ٻه اهم فيصلا ڪيا آھن.
١. ڪويت ۾ آمريڪي فوجون لاٿيون ويون آهن جيئن اسرائيل تي ايراني حملي جي صورت ۾ ايران کي ميزائل ٽيڪنالاجي يا ٻئي طريقي سان منهن ڏيئي سگهجي.
٢. پاڪستان سان رابطو ڪري ڪافي وقت کان پاڪستاني فوجن جي آمريڪي فوجي پابندي تان بندش لاھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان سان ان عنايت ڪرڻ جو سبب هڪ ئي آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا کي پاڪستان جي ذريعي طالبان جي مدد جي ضرورت آهي.

پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟


قاسم سليماني جي قتل سان پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر خطي جي سياست جو اهم پليئر ٿي سامهون اچي ويو آهي.
آمريڪي وزير خارجہ پهريون رابطو پاڪستان جي فوج جي سربراهه جرنل باجوا سان ڪري اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان هن جهيڙي ۾ اسان سان گڏ بيهڻ گهرجي.
گهڻن دفاعي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته افغانستان ۾ طالبان ۽ آمريڪي فوجين وچ ۾ جنگ تيز ٿي سگهي ٿي ان ڪري پاڪستان جي اهميت وڌي وئي آهي ممڪن آهي آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد تي پيل بندش وارو فيصلو به واپس وٺي ائين جيئن فوجي تربيت وارو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن کلي سڌي طرح پاڪستان آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ اڳيان اچي ٿو ته خود پاڪستان جي اندر پراڪسي وار تيز ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيعا مليشائون وجوده ۾ اچي، معاشي ۽ سياسي طور ڪمزور پاڪستان جي لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون.
پاڪستان جو هي ٽيون نسل آهي جيڪو ايران جي مدرسن مان پڙهي هتي شيعا فرقي جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي اهيو ڪيئن ممڪن آهي ته ايران جي پراڪسي وار کان ان صورت حال ۾ پاڪستان محفوظ رهندو. ان باھ ۾ انڊيا به ڪجهه وڌيڪ ٻارڻ جي لاءِ ڪاٺيون وجهي سگهي ٿو.
ان ڪري ماضيءَ جي سبق مان سکندي پاڪستان کي سعودي عرب جيان نه صرف چپ جو روز رکڻو پوندو پر اڻڌريو ٿي بيهڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ پاڪستان ٻيهر خانه جنگي ۾ شامل ٿي ويندو.

حاصل مطلب……


هن خطي ۾ ڪافي وقت تائين ڪشيدگي رهندي، بم ڌماڪن، گوريلا وار ڦير جي ڪاروائين ۾ اضافو ٿيندو، شام ۽ عراق ۾ آمريڪا جي مدد سان ٻيهر دهشتگردن جا گروپ پيرن تي بيهڻ سروع ٿيندا.
افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي.
فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ تعلقات ويتر خراب ٿيندا.
ايران جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر جذباتي مذهبي نعرن جي ور چڙهي بنيادي انساني حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ کان لا تعلق ٿيندو.
پاڪستان ۽ افغانستان جي پختون آبادين لاءِ ويتر مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ اضافو ٿيندو.
روس جو هن خطي ۾ اثر رسوخ وڌندو، آمريڪا دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪندو ۽ پاڪستان ڪٿي ۽ ڪنهن سان بيهندو ان سوال جو جواب پاڻ ئي ڳولي وٺو.
حيدر ملاح

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *