قاسم سليماني جو قتل ۽ ٽين عالمي جنگ جي گھنٽي-ھوت خان گاڏھي

جنرل قاسم سليماني صرف ايران جي انقلابي گارڊز مليشيا جو جنرل نه هيو پر ايران ۾ علي خامنائي کان پوءِ ٻيون نمبر طاقتور ليکيو ويندڙ فرد هو. ايران جي موجوده فوجي طاقت جو بنياد رکندڙ سان گڏ ايران جي مجموعي سياسي رياستي ڪاروهنوار ويندي ايران جي سموري خارجا پاليسي جو هلائڻ وارو قاسم سليماني آهي اهڙي فرد جو قتل يقينن ايران لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو ۽ نقصانڪار آهي ان ڪري حالتون ٻڌائڻ ٿيون ته ايران طرفان به اهڙو سگهارو رد عمل ضرور ايندو. هڪ ٻي گهر ايراني هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جنرل قاسم سليماني جنهن پنهنجي ابتدائي زندگي جي شروعات شهنشاهه ايران طرفان هارين کي ڏنل ڏھ ڏھ ايڪڙ غير آباد زمين جيڪا سندس والد کي ملي هئي ان کي آباد ڪري هارپ سان ڪئي. امام خميني طرفان جنهن وقت شهنشاهه رضا پهلوي خلاف تحريڪ شروع ڪئي وئي ته هي ان ۾ شريڪ ٿيو شهنشاهيت جي خاتمي وقت امام خميني پاسداراني انقلاب فورس جوڙي ته قاسم سليماني ان ۾ شامل ٿيو جتي سندس نمايان ڪارڪردگي سبب ۽ ايران عراق جنگ دوران ادا ڪيل ڪردار سبب هو انقلابي گارڊ فورس جي اهم عهدي تي رسيو. سندس نه صرف ايران جي جنگي صلاحيتن کي جوڙڻ ۾ ڪردار آهي پر سڄي دنيا جي اندر ايران جي حمايت يافته فورسز جوڙڻ انهن جي تربيت ڪرڻ ۽ سندن سمورن آپريشن جي نگراني به هي پاڻ ڪندو رهيو آهي. لبنان جي عمل مليشيا.. يمن ۾ حوثي باغين جي فوجي مليشيا جو قيام. ڪردن خلاف وڙهندڙ تمام فورسز جو قيام. شام ۾ بسرالاسد جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ جوڙيل مليشيا ۽ شام جي فوج کي طاقتور ڪري شام جي صدر بسارالاسد جي حڪومت کي بچائڻ سفارشي ڪوششون وٺي روس کي ان جنگ ۾ سعودي ۽ آمريڪا خلاف عملن شام ۾ وٺي اچڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو آهي . تازو سڄي خطي ۾ القاعده طرفان جيڪا ويڙهه شروع ڪئي وئي ان جي مقابلي ۾ چيو وڃي ٿو ته قاسم سليماني سڄي خطي ۾ القاعده خلاف فورسز جوڙيون هيون جنهن جي ڪمان به عملن هو پاڻ ڪندو رهيو ۽ سمورن محاذن تي القاعده کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. افغانستان ۾ تازي ايران جي اثر رسوخ جي قائم ٿيڻ ۾ به سندس هٿ چيو وڃي ٿو امام خميني جي انقلاب کان وٺي اڄ تائين صرف رفسنجاني واري دور جي جنهن دور ۾ صدر رفسنجاني سان اسٽريجڪ معاملن ۽ حڪمت عملين تي اختلافن سبب هو ڪجهه عرصو اسڪرين کان هٽيل رهيو آهي باقي سڄو عرصو ايران جو سڀ طرفو پاليسي ميڪر رهيو آهي. ڪٽر مذهبي هئڻ سان گڏ آمريڪا. اسرائيل سعودي عرب جو سخت مخالف رهيو آهي سندس اها سوچ رهي آهي ته ڪنهن هڪ خطي ۾ جنگ وسيلي آمريڪا کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي ان لاءِ وسيع علائقن ۽ ملڪن ۾ عوامي فورسز جو نيٽ ورڪ جوڙي آمريڪا جي احدا فن ۽ ان جي حمايتي حڪومتن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي. تازو عراق اندر سندس موجودگي به ان عمل جي ڪڙي هئي ڪجھ عرصي کان عراق ۾ آمريڪي فورسز ۽ آمريڪي مخالف فورسز ٽڪراءُ واري صورتحال ۾ هيا ۽ ان ۾ شدت اچي رهي هئي آمريڪي فوج جو هڪ عملدار پڻ مارجي ويو هو جنهن سبب آمريڪا ڪجھ عرصو اڳ آمريڪا مخالف مليشيا جي ٽڪاڻن تي حملا ڪيا جنهن ۾ اٺاويهه ماڻهون مارجي ويا هئا جنهن کان پوء عوام جي وڏي هجوم عراق ۾ موجود آمريڪا جي سفارتخاني تي حملو ڪيو ۽ تمام سفارتي عملي سيف هائوسز ۾ وڃي پناهه ورتي هئي ۽ آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور عراق مان نڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو هو ۽ اڄ آمريڪا طرفان انٽرنيشنل هوائي اڏي عراق ڀرسان جنرل قاسم سليماني جي قافلي تي ميزائيل ذريعي حملو ڪيو ويو جنھن ۾ ان سميت نو ڄڻا مارجي ويا آهن مارجي ويلن ۾ عراق ۾ آمريڪا مخالف مليشيا جو ڪمانڊر پڻ شامل آهي ۽ ٻيا به سمورا ان مليشيا جا ويڙهاڪ چيا وڃن ٿا.
سندس قتل کان فوري پوءِ رد عمل ڏيندي مواخذي جي تحريڪ کي منهن ڏيندڙ جنگي جنون ۾ ورتل آمريڪا جي صدر ٽرمپ چيو ته جنرل لکين ماڻهن جو قاتل هو ۽ کيس منهنجي حڪم سان قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته کيس ڪافي وقت اڳ مارڻ گهرجي ها ۽ مٿس ٿيل حملي کي آمريڪا تسليم ڪري ٿو . ايران جي سربراهه علي خامنائي چيو ته اسين ايران جي هيرو جي مارجڻ تي ايران ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪريون ٿا ۽ سندس قتل جو انتقام وٺنداسون آمريڪا کي شديد نتيجا ڀوڳنا پوندا. جڏهن ته سڄي دنيا اندر اهڙي واقعي کانپوءِ ڳڻتي جوڳي صورت حال محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ هن خطي ۾ حالتون تيزي سان بگاڙ طرف ويندي نظر اچن ٿيون. ۽ اڪثر ماهر ان کي ٽين عالمي جنگ جي خطري طور محسوس ڪن ٿا.
مون مليشيا ڪانفرنس مان پاڪستان جي شرڪت وارين تمام تر تيارين جي عين وقت تي شريڪ نه ٿيڻ واري فيصلي وقت مضمون ۾ لکيو هو ته اسلامي ملڪن ۾ سوڙهو ٿيل سعودي عرب جنهن جي خلاف مليشيا ڪانفرنس ۾ جي سيون. G 7. ٽائپ تي طاقتور مسلم ملڪن جي ٺهندڙ اتحاد کي آمريڪا ۽ سعودي عرب ڪوششون ڪري ناڪام ته ڪيو آهي پر اهو جهيڙو هاڻي ٿوري عرصي ۾ عملي شڪل اختيار ڪندو ڇاڪاڻ ته روس ۽ چين خاص طور روس نه صرف ان ڪانفرنس جي پٺيان هيا پر آمريڪا کي چيلينج ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. ساڳي وقت آمريڪا جي صدر ٽرمپ کي مواخذي جي تحريڪ سامھون آهي پر ايندڙ اليڪشن لاءِ ڪو نه ڪو ڀيانڪ عمل ڪرڻ جي کيس ضرورت پوندي . افغانستان مان آمريڪا جي عزت سان نڪرڻ واري صورتحال اڳ ئي پاڪستان جي ڪوششن باوجود روس. چين ۽ ايران جي مداخلت سبب جلد حل ٿيندي نظر نٿي اچي. چون وارا ته اهو به چون ٿا ته پاڪستان ۾ روانو جي بنياد تي تبديل ٿيندڙ حالتون پڻ ان گورک ڌنڌي سان جڙيل آهن. جنرل قاسم سيلاني جي قتل تي دنيا جي آيل رد عمل خود آمريڪا کي مجبور ڪيو آهي ته سندس وزير دفاع پاڪستان جي چيف آف آرمي جنرل قمر جاويد باجوا صاحب سميت دنيا جي سربراهن ۽ اهم عهديدارن سان پاڻ رابطا ڪيا آهن. اهڙي جنم ورتل اڻ وٺندڙ صورت حال ۾ بدمست ۽ گهوٽالن هيٺ آيل حڪمرانن ۽ ملڪن کي عوام جي سخت مزاحمت سان روڪي سگھجي ٿو جنهن جا قوي امڪان پڻ موجود آهن ٻي صورت ۾ دنيا اندر ٽين ورلڊ وار اڄ جي دور ۾ انسان جي مڪمل تباهي جو ڪارڻ هوندي…..

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …