فيس ايپ ايپليڪشن سيڪورٽي خدشن جو سبب بنجي وئي. سوشل ميڊيا تي مشھوري ماڻيندر ايپ تي ماھرن مختلف خدشا ظاھر ڪري نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

فيس ايپ ايپليڪشن سيڪورٽي خدشن جو سبب بنجي وئي. سوشل ميڊيا تي مشھوري ماڻيندر ايپ تي ماھرن مختلف خدشا ظاھر ڪري نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

نوجوان کي پوڙهو ۽ پوڙهي کي جوان بڻائيندڙ نئين ايپ “فيس ايپ” سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، پر روسي انجنيئرن جي تيار ڪيل نئين ايپليڪيشن مشهور ٿيڻ سان گڏوگڏ تڪرار پڻ بڻجي وئي آهي. آمريڪي سياستدانن ڄاڻايل ايپ کي شهرين جي معلومات گڏ ڪرڻ جو روسي هٿ ڪنڊو قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي انساني تصويرن جي عمر وڌائڻ ۽ گهٽائڻ واري ايپليڪيشن ” فيس ايپ “ بابت سيڪيورٽي خدشن تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. آمريڪي واپاري رسالي خبردار ڪيو آهي ته ايپ ذريعي ڪمپني کي دنيا ۾ اٽڪل 15 ڪروڙ ماڻهن جي تصويرن جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ٿي وئي آهي. آمريڪي رسالي موجب ايپ کي گوگل پلي اسٽور تان 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڊائون لوڊ ڪري چڪا آهن جڏهن ته دنيا جي 121 ملڪن ۾ اها ٽاپ رينڪنگ ايپ بڻجي چڪي آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪمپني پنهنجي يادداشت ۾ محفوظ ان تصويرن کي جڏهن چاهي جنهن مقصد لاءِ چاهي استعمال ڪري سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايپ ۾ محفوظ ڊيٽا ذريعي هٿرادو ذهانت جي ڪمپيوٽر پروگرام جو چهرو سڃاڻڻ جي تربيت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي رياست نيويارڪ سان واسطو رکندڙ ڊيموڪريٽڪ سينيٽر چڪ شومر آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آر) ۽ فيڊرل ٽريڊ ڪميشن (ايف ٽي سي) کي خط لکي ڇڏيا آهن جن ۾ انهن ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي هو روس ۾ تيار ٿيندڙ ان ايپ خلاف جاچ جي شروعات ڪن. سينيٽر شومر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته اها ايپ ڊيٽا تائين پهچ سبب قومي سلامتي ۽ ڪروڙين آمريڪي شهرين جي ذاتي زندگي لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي. هن ايف ٽي سي کان گهر ڪئي ته هو ان مسئلي جو حل ڪڍي ته جيئن آمريڪي شهري اها ايپ استعمال نه ڪري سگهن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي آفيسر جيڪڏهن ائين ممڪن ناهي ته ان ايپ سان جڙيل سيڪيورٽي خدشن بابت ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي مهم هلائي وڃي. ياد رهي ته اڄڪلهه فيس ايپ تمام گهڻو مشهور ٿي رهي آهي، بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ شخصيتن به پنهنجي پوڙهائپ جون تصريرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …