فيسبوڪ تان 42 ڪروڙ ماڻھن جا فون نمبر ليڪ ٿي ويا

فيس بڪ تان 42 ڪروڙ ماڻهن جا فون نمبر ليڪ
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بڪ هڪ دفعو ٻيهر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي وئي آهي ۽ ويب سائيٽ سان ڳنڍيل 41 ڪروڙ 90 لک ماڻهن جا موبائل نمبر ليڪ ٿي ويا آهن.
ٽيڪ ڪرنچ نالي ويب سائيٽ جي رپورٽ مطابق فيس بڪ استعمال ڪندڙ جن صارفن جا نمبرز ليڪ ٿيا آهن انهن مان 13 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيلن جو تعلق آمريڪا، هڪ ڪروڙ 80 لک برطانيا سان، ۽ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جو تعلق ويتنام سان آهي.
رپورٽ جي مطابق مسئلي جي ڄاڻ پوڻ کان پوءِ متاثر ٿيل ڊيٽا کي آف لائن ڪيو ويو آهي.
ليڪ ٿيل ڊيٽا اهو آهي جيڪو فيس بڪ هڪ ٽول جي ذريعي جمع ڪندو هو ۽ جنهن کي ڪيمبرج ايناليٽيڪا ڪمپني جي زوال کان پوءِ هڪ سال پهريان ناڪاره بڻايو ويو هو، ان ٽول جي ذريعي فيس بڪ 8 ڪروڙ 70 لک ماڻهن جا ذاتي ڪوائف اجازت کان بغير ئي جمع ڪيا هئا.
اپريل 2019 ۾ لکيل هڪ بلاگ ذريعي اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته فيس بڪ استعمال ڪندڙن کي فون نمبر ذريعي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڳولهي سگهجي ٿو.
فيس بڪ جي چيف ٽيڪانالوجي آفيسر مائيڪ اسڪروفر جو چوڻ آهي تہ سازشي ماڻهون به ان فيچر جو استعمال ڪري فون نمبر ۽ اي ميل جي ذريعي ماڻهن جي ڳولها ڪري انهن جي ذاتي معلومات حاصل ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته انهن تمام گهڻن ماڻهن جي ذاتي معلومات حاصل ڪئي هوندو ان ڪري اسان ان فيچر کي بند ڪري رهيا آهيون.
فيس بڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته اهو پراڻو ڊيٽا هو، جيڪو هڪ سال پهريان فيچر ۾ تبديلي کان پهرئين ليڪ ٿيو هو. انهي ڊيٽا کي محفوظ ڪيو ويو آهي، ۽ اسان وٽ اهڙيون شاهديون موجود نه آهن ته فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي ڊيٽا جي حوالي سان ڪو سمجهوتو ڪيو ويو هجي.
سوشل ميڊيا ويب جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊيٽا ليڪ جي حوالي سان تحقيقات جو آغاز ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

پايوا نيو گني جو صدر اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ قومي لباس ۾ شريڪ ٿيو

پايوا نيو گني جو صدر اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ قومي لباس ۾ شريڪ ٿيو

(نيويارڪ)هن تصوير ۾ نظرايندڙ همراه ڪو جهنگلي آفريڪي لاڏائو ماڻهو نه پر پاپوا نيو گني …