فوج سميت ڪوبه ادارو تنقيد ۽ الزامن تي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

فوج سميت ڪوبه ادارو تنقيد ۽ الزامن تي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته آرمي آفيسرز سميت ڪوبه ادارو جنهن مٿان تنقيد ٿيندي هجي ۽ الزام لڳندا هجن اهو پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿو جڏهن به ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اهڙي آگاهي عوام کي ڏيڻ گهرجي.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ وارن قانون موجب پرامن احتجاج ڪيو ته اجازت هوندي ڪنهن به جٿي کي اسلام آباد تي چڙهائي جو موقعو نه ڏينداسين، اهڙو سبق سيکارينداسين جو هميشه ياد رکندا.


هن چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم واضح آهن. عدالت جي طئي ڪيل هنڌ تي مڪمل سيڪيورٽي سان احتجاج جو موقعو ڏينداسين. پرامن احتجاج جي لاءِ حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. گهرو وزير چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جو ڪوڙ ۽ فراڊ عوام آڏو اچي چڪو آهي. ڪنهن به اداري جنهن مٿان تنقيد ۽ الزام هجن اهي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا. فوجي آفيسرن جا به گهر ڀاتي آهن انهن جي به عزت آهي جڏهن به ضرورت پئي فوجي آفيسرن کي اهڙي آگاهي عوام کي ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪوڙو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان عوام کي آگاهي ملي. اسلام آباد ۾ خراب نيت رکي ايندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته ارشد شريف بابت سمورا معاملا جاچ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن تمام گهڻيون شيون سامهون اچي ويون آهن. مان هن وقت وڌيڪ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان. ڪميشن جي رپورٽ گهرو وزارت وٽ جمع ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن عمران خان جي چوڻ تي منهنجي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ اڄ پاڻ ئي منهنجا گرفتاي وارنٽ واپس ورتا. گهرو وزير چيو ته پنجاب ۾ گورنر راڄ جو اڃان تائين ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو نه ئي ڪا سمري اماڻي وئي آهي.

وڌيڪ پڙھو

مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *