فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس: عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو

لاهور عدالت طرفان فواد چوڌري کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس ۾ عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري کي اسلام آباد نيو پيو وڃي

عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته فواد چوڌري ڪٿي به آهي، کيس فوري طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد کي شام 6 وڳي طلب ڪري ورتو

ھي بہ پڙھو

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار …