فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي پوليس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جسٽس ميان گل اورنگزيب جي سربراهي ۾ 2 رڪني بيچ ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري پاران سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري ضمانت لاءِ  درخواست ڏني جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس ميان گل اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو صحيح نه هو، هن چيو ته چيف جسٽس هڪ حڪم ڏنو هو پر ان تي ڪنهن به عمل نه ڪيو ڇا فواد چوڌري کي گرفتار ڪرڻ وقت اهو حڪم نامو ڏيکاريو ويو هو. ٻئي طرف ٻڌڻي کان ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هن فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي اڳ به مذمت ڪئي هئي ۽ هاڻ به مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته اسين جيل ۾ هئاسين خبر ناهي ٻاهر ڇا ٿيو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيل اندر جيڪڏهن ڪا اهم ملاقات ٿي هجي ها ته پوءِ اهڙو حال نه هجي ها.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …