فنڪار جگر جلال جي بازيابي لاءِ آپريشن. ڊي ايس پي شهيد

مشهور فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي خانپور شهيد ٿي ويو. جگر جلال، سندس پٽ، هڪ ڀاءُ ۽ ٻن سازندن جي بازيابي لاءِ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ نجي گن مين بابر شاهه سخت زخمي ٿيا، ٻنهي کي پهريان مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور پهچايو ويو، جتي ڊي ايس پي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي بابر شاهه سي آءِ اي انچار ايوب ڊوگر جو نجي گن مين آهي. ڊي ايس پي جي شهيد ٿيڻ بعد پوليس وقتي طور آپريشن ملتوي ڪندي واپس موٽي آئي. شهيد ڊي ايس پي رائو شفيع الله سکر جي علائقي غريب آباد جو رهواسي هو. شهيد ڊي ايس پي گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته جگر جلال بازياب نه ٿيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪندُس.

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …