غزا ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي پٽي ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا فلسطيني صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته پناهگيرن جي جباليه ڪئمپ تي اسرائيلي جهاز 6 بم ڪيرايا، ان جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن سميت 8 هزار 525 شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

ھي بہ پڙھو

آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا

آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا

ڪراچي:آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا، آءِ ايم ايف پاڪستان …