عيد جي خوشين ۾ رڌل عوام لاءِ مهانگائي جو جهٽڪو: حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو

عيد جي خوشين ۾ رڌل عوام لاءِ مهانگائي جو جهٽڪو: حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽرول 4 رپيا 26 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد في ليٽر پيٽرول جو نئون اگهه 112 رپيا 68 پيسا ٿي ويو، گاسليٽ جي اگهن ۾ به هڪ رپيو 69 پيسا واڌ ڪندي نئين قيمت 98 رپيا 46 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، ڊيزل 4 رپيا 50 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد ڊيزل جو في لٽر نئون اگهه 126 رپيا 82 پيسا مقرر ڪيو ويو، پڌرائي موجب لائيٽ ڊيزل جي في لٽر اگهه ۾ هڪ رپيو 65 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن جو نئون اگهه 88 رپيا 62 پيسا ٿي ويو، تيل جا نوان اگهه اڄ رات 12 هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا. واضح رهي ته اوگرا تيل جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …