عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي ٻي ورسي ملھائي وئي،جنگشاھي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن مزار تي حاضري قومي گيتن سان ڀيٽا

عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي ٻي ورسي ملھائي وئي،جنگشاھي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن مزار تي حاضري قومي گيتن سان ڀيٽا

سنڌ جي عظيم ڏاهي مُفڪر سياستدان قانوندان ۽ عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرامگاه تي ملهائي پئي وئي.
عوامي تحريڪ پاران پليجي جي ٻي ورسي ڪورونا وائرس واري صورتحال سبب سادگي سان ملهائي وئي.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عُمره سمون، مريم گوپانگ، سنڌي مزدور تحريڪ جي نور محمد ٽالپر ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي ڊاڪٽر دلدار جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي نارين جي پليجي جي آخري آرامگاه تي حاضري ڀري سوين ڪارڪنن قومي گيت ڳائي کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو.ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جون پڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ موجود ھيون ، قومي گيتن جي دوران ”فڪرِ پليجو زنده باد“ جي نعريبازي پڻ ٿيندي رھي سڄو ڏينھن ڪارڪنن جي آمد جاري رھي،
جيئي سنڌ تحريڪ جي شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي آڳواڻ سورھ سنڌي وفد سميت عظيم قائد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي آخري آرام گاه تي چادر چاڙھي

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …