
سنڌ ترقي پسندپارٽي جي چيئرمين عمر ڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس جي وحيشياڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ملڪ جو آئين قانون ۽ انساني حقن تحت ھر ماڻھو پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي تي احتجاج جو حق رکي ٿو. پُرامن احتجاج مٿان لٺيون وسائي عورتن ٻارن مردن کي سخت تشدد جو نشانو بنائڻ وارو عمل افسوس جوڳو ۽ قابل مذمت آھي ھن چيو تہ سنڌ جا وحشي حڪمران پنهنجي نااهلين ۽ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ بجاءِ انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري پنهنجو؛ اصل چهرو ڏيکاريو آهي هن چيو ته پاڪستان خصوصن سنڌ جا حڪمران صرف لفاظي ذريعي عوامي حقن ۽ قانون جي ڳالهه ڪن ٿا باقي عملن عوام جي جان مال ۽ انسانيت جي لتاڙ ڪندڙ آهن هن چيو ته عمرڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺي فوري تدارڪ ڪيو وڃي