عمرڪوٽ جو 12 سالن جي نينگرامتياز سولنگي استعمال شده شين مان واشينگ مشين سميت مختلف شيون ٺاهي ورتيون

عمر ڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ ڊگو سان تعلق رکندڙ 12 سالا نوجوان امتياز ولد سونو خان سولنگي پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ سان گند ڪچري ۽ ڪاٻڙي وارين شين ۾ واشينگ مشين، ايم پي ٿري، واٽر پمپ، جوسر مشين سميت ٻيون ڪيتريون ئي شيون ٺاهي وڃي ٿو، سنڌ جو نوجوان امتياز سولنگي 12 سالن جي عمر ۾ هڪ سٺو سائنسدان آهي سندس سائنسي خدمتون تمام ساراهه جوڳيون آهن اسان جي سنڌ هن سائنسدان وٽ پڙهائي جيترا پئسا ناهن نه ئي سندس اسڪول ۾ ڪو سائنسي استاد آهي سندس چوڻ آهي ته مان هڪ روبوٽ جو تجربو ڪيان پيو جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي پر ان لاء اوزار وٺڻ لاء مون وٽ پئسا ناهن گند ڪچري تان بوتلون کڻي ايندو آهيان اڪثر اتي ئي تجربا ڪري ويندو آهيان ٻيو اسان وٽ سائنسي ميلا اڄڪلهه بلڪل ختم ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري اسان انهن مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو . سندس والدين ۽ ڀيڻ شهناز خان جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءۡ جا حوصلا افزائي ڪئي وڃي امتياز سولنگي ٽئنلٽ آهي هن کي موقعو ڏنو وڃي ايئن نه ٿئي جو سنڌ جو هي ٽئلنٽ غربت سبب دٻجي وڃي…

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …