عمران خان ۽ پ پ پ سرڪار سنڌ کي مال غنيمت سمجھي سياسي رشوت طور حمايتن جا مطالبا مڃي رھيا آھن -ڊاڪٽر قادر مگسي

عمران خان ۽ پ پ پ سرڪار سنڌ کي مال غنيمت سمجھي سياسي رشوت طور حمايتن جا مطالبا مڃي رھيا آھن -ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ ملڪ جي اندر حڪمران ۽ مخالف ڌر وارا ڪرسي جي لاءِ زور لڳائي رھيا آھن کين عوام جي ڏکن ، اھنجن ۽ مسئلن جو ڪو فڪر ناھي، ھن ملڪ جي اندر اقتداري ڪرسي تي صرف چھرا بدلجندا آھن. باقي سڀ ڪجھ ساڳيو ھلندو رھندو آھي. اصل طاقتور ڌرين جي سڀ مرضي ۽ منشا مطابق ھلي رھيو آھي ۽ جيڪي اھو چاھيندا اھوئي ٿيندو. ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ ملڪ جي اندر جڏھن بہ اقتدار جي راند شروع ٿيندي آھي تہ ان ۾ سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو آھي ۽ سنڌ جي خلاف فيصلا ڪيا ويندا آھن.  اڄ بہ اھو سلسلو جاري آھي ھن اقتداري راند ۾ ھڪ طرف پ پ پ جي سنڌ حڪومت لڪ ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻو ھڻي ويٺل سان معاھدو ڪيو آھي جنھن تي ڪيترائي خدشا موجود آھن جيڪڏھن سنڌ جي عوام جي خدشن موجب ان معاھدي ۾ نسلي ۽ لساني بنيادن تي سنڌ جي وسيلن، روزگار، تعليم ادارن ۾ داخلا، عارضي آيل ڌارين کي مستقل بنيادن تي آباد ڪرڻ جھڙا وعدا نہ ڪيا ويا آھن تہ ان کي ظاھر ڇو نٿو ڪيو وڃي، پ پ پ سرڪار اھا پختونن کي سنڌ مان سياسي رشوت ڏني آھي ساڳي طرح عمران خان ايم ڪيو ايم وٽ پھچي کين دھشتگردي تحت بند ڪرايل آفيسون کولڻ جي اجازت ڏئي کين پنھنجي حمايت وٺڻ لاءِ راضي ڪيو آھي. عمران خان جي اھڙي فيصلي جي مذمت ڪريون ٿا . پ پ پ سرڪار ۽ عمران خان جي اھڙن فيصلن سان سڌو سنئون سنڌ متاثر ٿيندي سنڌ جي شھرن ۾ مس مس امن امان ٿيو سو ھاڻي وري ختم ٿي ويندو شھر ۾ وري دھشتگردن جو راڄ قائم ٿيندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو تہ ھنن وفاقي پارٽين سنڌ کي مال غنيمت سمجھي سياسي رشوت ڏئي پنھنجا حمايتي وڌائي رھيا آھن. جيڪو سراسر غلط آھي سنڌ جا ماڻھو ٻنھي سياسي رشوت طور ڪيل فيصلن کي رد ڪن ٿا. ھنن کي نہ وسارڻ گھرجي تہ سنڌ ڪو فتح ڪيل علائقو يا ڪو آرڊينس يا ٺھراءُ ذريعي ٺھيل صوبو ناھي پر ھي ست ڪروڙ ماڻھن جو مادر وطن آھي ۽ ھزارين سالن کان وجود رکندڙ آھي ۽ پاڪستان جو ٺھراءُ بہ سڀ کان پھرين سنڌ پاس ڪيو ھو انڪري ان سنڌ سان ھنن حڪمرانن جو اھو رويو ڪنھن بہ صورت ۾ ملڪ جي مفاد وٽان ناھي. سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ سنڌي قوم جي خلاف ٿيندڙ سازشون ڪندڙ کي سڃاڻن. ھاڻي وقت اچي ويو آھي جو سنڌي ماڻھن کي دوست ۽ دشمن جي وچ ۾ واضع لڪير ڏيڻي پوندي. ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ اسان سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي عوامي جدوجھد جي ذريعي ناڪام بنائينداسين ان جي لاءِ عوام تيار رھي.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *