عمران خان وٽ ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

عمران خان وٽ  ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي تہ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل فارن فنڊنگ بابت اسڪرويٽني رپورٽ کان پوءِ عمران سرڪار وٽ ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي. جيڪو ڪرپشن جي خاتمي نعرا ھڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي سو خود ڪرپشن ۾ ملوث آھي سو ٻين جو ڇا احتساب ڪندو اھو عوام سمجھي چڪو آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ملڪ جي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ لُٽ مار ايتري وڌي وئي آھي جو ملڪ جي معيشت جي بربادي ٿي وئي آھي غريب مسڪين ماڻھو جي زندگي گذارڻ مشڪل بنجي وئي آھي. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ سنڌ اندر ھڪ دفعو ٻيھر وري لساني بنيادن تي سياست کي زور وٺائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن. جيڪو قابل مذمت عمل آھي سنڌ اھڙي ناپاڪ سازشن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندي. ڪراچي سنڌ جو شھر آھي ان جي ترقي خوشحالي جا اسان سمورا خواھشمند آھيون پر ڪنھن کي بہ اھا اجازت نہ ڏينداسين تہ اھو سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ لساني بنيادن تي نفرتون پکيڙي يا لڪير ڪڌي. ھن چيو تہ اسان ڪراچي جي ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ جي نالي سان ڏھ ڏينھن ڪراچي جي گھٽي گھٽي ۾ وياسين ڪراچي ۾ رھندڙ ھر ٻولي ڳالھائيندڙ ڀرپور موٽ ڏني ۽ کلي دل سان آجيان ڪري ثبوت ڏنو تہ سنڌ جي اندر رھندڙ ماڻھو لساني سياست کي رد ڪن ٿا. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت تعليم جي واڌري لاءِ ڪو قدم تہ نٿي کڻي پر ويتر تعليم جي تباھي لاءِ وسان ڪونہ گھٽايو آھي.  جنھن جو ثبوت ڊاڪٽر عاصم حسين جھڙي ڪرپٽ ماڻھوکي  سنڌ 25 تعليمي ادارن جو سربراھ مقرر ڪري کيس اڇي ڪاري جو مالڪ بنائي 5 ارب گرانٽ جاري ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آھن. جيڪو ڪنھن بہ ريت سنڌ جي تعليم جي لاءِ سٺو سئوڻ ثابت نہ ٿيندو. ھن کي صرف ڪرپشن کي وڌيڪ سگھ ڏيڻ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي.

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.