عمران خان طرفان ميڊيا تي ۽ سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي طرفان سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث تي ڪجهه سنجيده سوال

ھوت خان گاڏھي

جڏهن کان عمران خان اقتدار سنڀاليو آهي ته سندس هڪ ئي رٽ سا به رٽي تي ٻڌل هلندڙ آهي ته ڪرپٽ ٽولي کي نه ڇڏيندس ۽ ملڪ ۾ هاڻي ڪوبه اين آر او نه ٿيندو گذريل ڏهن سالن دوران ٿيل ڪرپشن جو ۽ چڙهيل غير ملڪي قرضن جو حساب ورتو ويندو.. وغيره وغيره.
پھريون اهم سوال اهو آهي ته پاڪستان ۾ صرف گذريل ڏهن سالن دوران ڪرپشن ناهي ٿي جڏھن کان ملڪ وجود ۾ آيو آهي ته ڪرپشن شروع ٿي آهي ۽ ايندڙ هر نئين حڪومت رشوت ۾ ۽ غير ملڪي قرضن ۾ گذريل حڪومت جو رڪارڊ ٽوڙيندي رهي آهي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ گهڻو عرصو ملڪ تي فوجي ۽ سول بيوروڪريسي راڄ ڪندي رهي آهي باقي بچيل وقت معمولي مليل اختيارن سان ڪنٽرولڊ جمهوريت ذريعي ساڳي رجيم جي چونڊيل نمائندن عوامي ووٽ جي نالي ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگيون ايوان اقتدار ۾ رهيون آهن جن ڪرپشن جي ملڪ ۾ وڇايل بساط جي بازي مان پنهنجو حصو بي فڪري سان کڻندا رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ننگن جي حمام ۾ پنهنجي ننگي هجڻ جي ڪهڙي پرواهه.
چوڻي آهي ته غريب تان لهي ڪان ڏاڍي تي چڙهي ڪان سو عمران خان کي سواءِ انهن ڏهن سالن جي باقي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهندي نظر اچن ٿيون يا رياست مدينا نظر اچي ٿي ان سموري عمل کي ڪوبه زي شعور انسان ڪيئن ته غير جانبداراڻو احتساب تسليم ڪري سگهي ٿو. ٻي اهم ڳالهه ته عمران خان هن وقت تائين جيڪي به ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا آهن انهن قدمن سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي ڪنهن به سطح تي يا ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۾ ڪابه گھٽتائي ناهي ٿي جيڪا عوامي سطح تي محسوس ٿئي ته عمران خان جي اچڻ سان عوام کي هن اداري يا ڪنهن سطح تي ڪو عوام کي رشوت يا ڪرپشن کان رليف مليو يا محسوس ٿيو هجي رهندي به گهڻن ادارن جي ملوث ٿيڻ سبب انهن جي حصي پتي سبب رشوت جي ريٽ ۾ اضافو ٿيو آهي يا ماڻهن جا جائز ڪم به رڪاوٽن جي ور چڙهي ويا آهن. 
ٽين ڳالھ ته جن حڪمرانن ۽ بيورو ڪريسي کي عوام ڪرپٽ پي سمجهيو انهن کي اڻ پوري جاچ ۽ نيب جي ناڪام پراسڪيوشن سبب نيب جي لڪل پلي بارگين سبب عدالتن. نيب. ۽ ٻين ادارن طرفان ملندڙ رليف سبب انهن عوام آزار حڪمرانن ۽ بيورڪريسي لاءِ وري همدردي جي فضا جنم وٺي رهي آهي ميگا ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن کي رليف ملڻ جانچ ۽ جيل دوران ملندڙ وي آئي پي ٽريٽمينٽ ۽ ساڳي وقت ننڍن آفيسرن ۽ وچولي طبقي جي ننڍڙي ڪاروباري طبقي کي نيب ۽ ٻين ادارن جي رڳڙي انهن جي ڪاروبار ۽ افيشل ڪم تي تمام گهڻا منفي اثر وڏا آهن جنهن سان لکين ڪاروباري ڪٽنب ۽ انهن جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي .
چوٿين نمبر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ جنهن جو جيڪڏهن گهرائي سان ويهي جائزو وٺجي ته خبر پوي ٿي ته حڪمرانن جي سمورين نااهلين. ڪرپشن ۽ خطي ۾ پيدا ڪيل جنگي حالتن جي اضافي خرچن شاهاڻي طرز حڪمراني ۽ شاهاڻي نجي زندگي. کنيل قرضن جي واپسي ۽ وياجن جو سمورو وزن عوام مٿان وڌو ويو آهي جيڪو اڳ مهنگائي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام لاءِ موتمار ثابت ٿيندو هن بجيٽ سان پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪروڙين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪندڙ ڪجهه سيڪٽر جيڪي اڳ تباھ حال هيا وري ڊالر جي وڌڻ ۽ مجوزه بجيٽ ۾ جوڙيل پاليسين سبب خاص طور زراعت. ريئل اسٽيٽ پراپرٽي بلڊنگس جو ڪاروبار. گولڊ جو ڪاروبار. ايگروبيس انڊسٽري. مينو فيڪچرنگ جي صنعت. ۽ ٽرانسپورٽ جي صنعت مڪمل تباهي طرف ھليون وينديون هڪ ڪروڙ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي دعويدار حڪومت ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگاري جي ور چاڙهي ڇڏيندي عمران خان ۽ سندس ٽيم هر روز صبح کان شام تائين بي تقي راڳڻي ڳائي رهيا آهن ته عوام قرباني ان ڪري ڏئي ته اڳيان حڪمران قرض کڻي ۽ ڪرپشن ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ويا آهن ان ڪري انهن کي پنهنجي سياست ۽ حڪمراني بچائڻ لاءِ انهن جو صرف ميڊيا ٽرائل ڪرڻو آهي ڪيسن جي ڊگهي فهرست ٺاهڻي آهي ڪجهه کي سمورين مادي سهولتن سان جيل ۾ رکڻو آهي باقي انهن جي ڪيل ڪرتوتن نااهلين ڦرلٽ ڪرپشن جو الزام انهن تي هڻي باقي وصولي عوام کان ڪرڻي آهي. پاڪستان جي طبقاتي اقتداري چيئر گيم ۾ اڳ سولين سائيڊ کان ٻه پارٽيون پيپلزپارٽي. نواز ليگ ۽ ڪجهه ايجنسين جي پيرول تي ويٺل ڀوتار سردار پير رٽائرڊ ڪامورا ٽيڪنو ڪريٽ عالمي سامراجي ملڪن. ادارن آء ايم ايف. ورلڊ بينڪ جي نمائندن ۾ هاڻي هاڻي داخل ٿيل عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي اقتداري حصيداري هلندي رهي. ڇا عمران خان اهو ٻڌائي سگهندو ته نواز شريف سندس ٽيم ۽ زرداري ۽ سندس ٽيم جي گرفتاري تي احتجاج ڪرڻ ڪيترن لکن ماڻهن نڪري اوھان کي روڪيو ته انهن کان ڪيل ڦرلٽ جي رڪوري نه ڪريو جڏهن ڪير عوامي قوتن مان ان عمل سان رڪاوٽ ڪير ناهي بڻيو ته پوءِ انهن جي ڪرتوتن جي سزا عوام مٿان ڇو ۽ ڇا لاءِ. صرف ان لاءِ ته اوهين سمورا حڪمران گذريل سموري عرصي ۾ رهندڙ. موجوده يا انتظار ۾ ويٺل ديوار جي هن پاسي ويٺل يا ديوار جي پويان ويٺل ساڳي مقصد مفادن ۽ اقتداري چيئر گيم جو حصو آهيو ۽ هڪٻئي جي مفادن جي رکوالي ڪندڙ آهيو. زرداري رجيم جي منظور ڪيل ارڙهين آئيني ترميم جا گذريل پنجن سالن تائين اوهان سرحد حڪومت ذريعي مزا وٺندا رهيا پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ بلوچستان ۾ سردار وٺندا رهيا هاڻي سنڌ تائين محدود ٿي ويل زرداري جي سنڌ واري ذاتي بجيٽ تي اعتراض ڇو جڏهن ته سڀ ڄاڻو ٿا ته اهي حصا پٽيون ته اصل مالڪن جون ڪيل آهن ته ڪير ڪيتري وقت تائين ڪهڙي حصي جو مالڪ هوندو باقي ارڙهين ترميم سان عوام کي ڇا مليو آهي ان جي حقيقت ته هيپا ٽائيٽس. ٽي بي. ايڇ آئي وي. ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب مرندڙ ٻارڙن. بک بدحالي. ٻيروزگاري ۾ مبتلا سنڌي قوم ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ. سمورن وسيلن جي مالڪي ۽ پنجهتر سالن کان اختيارن کان محروم سنڌ جي ڪيل حال مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن شئي تي ڪڏهن پ پ حڪومت پنهنجي دور ۾ عمل نه ڪيو اها هاڻي صرف ۽ صرف ارڙهين ترميم کي سياسي نعري طور استعمال ڪري رهي آهي جنهن لاء اوهان ئي کيس ايم ڪيو ايم جيان ماحول ٺاهي ڏنو آهي ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد جاري رهي باقي پاڪستان ۾ ته پهرين ڏينهن کان ون يونٽ مڙهيل آهي سو جاري آهي جيڪا ڳالھ صرف اسان جي جاهل ۽ پگهاردار دانش کي سمجه ۾ نٿي اچي جيڪي اڃان به جهان خان ۾ اميد رکيو ويٺا آهن.  سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪجھ سنجيده ۽ ڪجهه انڌن اونڌن ويڄن خاص طور سنڌ وديشي فڪر سان لاڳاپيل دوستن جي ڪجھ عرصي کان پاڪستان ۾ جمهوريت. ۽ زرداري اينڊ ڪمپني لاءِ بغير ڪنھن حالتن ۾ آيل خاص تبديلي جي يا ڪنهن قابل قبول دليل جي شديد حمايت پيدا ٿي وئي آهي. تقريبن دليل اهو آهي ته زرداري سنڌي آهي ۽ پاڪستاني فوج سان مقابلو پيو ڪري يا سنڌ ۾ گورنر راڄ پيو لاڳو ٿئي.. اچو ته انهن سمورن پهلوانن جي تاريخ. جاگرافي ۽ جنهن سوچ جي هو نمائيندگي ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن انهن جا پيرا کڻون.. ڇا ذوالفقار علي ڀٽو ڀٽو. بي نظير ڀٽو محمد خان جوڻيجو سنڌي نه هيا انهن کي فوج هٿان اقتدار کان محروم نه ڪيو ويو هو انهن کي اقتدار کان محروم ڪرڻ کين جيل ۾ وجهڻ. ڦاسي ۽ سر عام دهشتگردي ڪري شهيد ڪرڻ وقت اهي سمورا همراه ڪنهن جي طرف بيٺل هئا.?.
1983 ۽ 1986 واري خالص جمهوري تحريڪ جيڪا ان وقت جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جي خلاف هلي جيڪو جنرل سنڌ جي وحدت. سنڌين جي قومي وجود. سنڌ جي سماجي. معاشي. معاشرتي. ثقافتي. مذهبي. تاڃي پيٽو جو جيترو مخالف هيو ۽ جيڪو سنڌ. پاڪستان ۽ هن خطي ۾ ٻج پوکي ويو جنھن جون ڀوڳنائون. سنڌ اڃان تائين مختلف مصيبتن جي صورت ۾ اڃان تائين ڀوڳي رهي آهي ان وقت اهي سمورا همراه. گروپ پارٽيون ڪٿي ۽ ڪنهن جي طرف بيٺل هيا.?.
. جنرل ضياء طرفان سنڌ جي وحدت. سياسي حاڪميت. سنڌين جي حق حاڪميت تي قبضي گيري لاءِ جوڙيل سولين هٿياربند فورس ايم ڪيو ايم جي حمايت ۾ ڪير ڪير ڪٿي بيٺل رهيو ۽ وري جنرل پرويز مشرف جي سجي دور ۾ جنرل مشرف طرفان ايم ڪيو ايم حوالي ڪيل سنڌ جي اقتدار ۽ وسيلن جي دور ۾ ڪير ڪير ايم ڪيو ايم سان بيٺل هو ۽ ڪنهن ڪنهن نائين زيرو تي حاضريون لڳايون ۽ قطارون ٺاهي سيس نوايو انهن قطارن ۾ اهي ساڳيا چهرا ٽولا ۽ پارٽيون نه هيون.?. .
جنرل ضياء. جنرل پرويز مشرف جي سمورن عرصن دوران موڪليل فوجي گورنرن. ڪرايل نام نهاد چونڊن ۽ ٺهرايل اتحادن ذريعي آندل سمورن وزير اعلي غوث علي شاهه. لياقت علي جتوئي. ڄام صادق علي. ارباب غلام رحيم جهڙن غدارن جي حمايت ۾ اهي ساڳيا چهرا گروه پارٽيون بيٺل نه هيون. ?
بي نظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ڏک تڪليف ۾ ورتل سنڌي قوم ۽ جنرل پرويز مشرف خلاف مزاحمت ڪندڙ سنڌي قوم کي ڪنهن جنرل پرويز مشرف سان اقتداري شراڪت داري جو ٺاھ ڪري پرويز مشرف سميت بي نظير ڀٽو جي قاتلن کي خون معاف ڪري. پاڪستان کپي جو نعرو زرداري ليگ نه هيون هو ڇا ۽ جنرل مشرف کي سلاميون ڏئي. بي نظير ڀٽو جي ڪيس جي پيروي نه ڪندي کيس ملڪ کان ٻاهر زرداري نه موڪليو ھو ڇا.? 
بي نظير ڀٽو جي شهادت کان پوء 12 مئي تي جسٽس بحالي تحريڪ دوران مشرف جنرل جي چوڻ تي سوين لاش ڪيرائيندڙ سڄو اقتدار وارو دور سنڌ ۾ وهشت بربريت ڪندڙ ۽ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ ايم ڪيو ايم سان نائين زيرو تي وڃي پنهنجي مٿي جي ٽوپي فاروق ستار جي مٿي ۾ وجهي انهن سان انهن جي شرطن تي خفيا سنڌ ۽ سنڌي دشمن ٺاھ ڪري سنڌ حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت ۾ زرداري ايم ڪيو ايم کي ۽ پٺاڻن کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو هو ڇا.?. 
اقتدار حاصل ڪرڻ برقرار رکڻ لاءِ زرداري صاحب فوج سان انهن جي شرطن تي اقتداري شراڪتداري نه ڪئي ڇا انهن جي ڪرپشن ۽ ٻين سمورن معاملن جن جي اڄ سندس وڪيل فوج جي کاتي فهرست ٻڌائن ٿا ان جي ڪا مزاحمت يا پرچار ڪئي ڇا يا زرداري صاحب يا بلاول هاڻي ڪري ٿو ڇا.? . + هن مرحلي تي مسلم ليگ ن ۽ نواز شريف مريم نواز جو سياسي موقف سياسي حڪمت عمليون ۽ عمل زرداري ليگ. بلاول کان هزار ڀيرا بهتر ۽ چٽو آهي.. +
ڇا زرداري پنهنجي پنج سالا مرڪزي حڪومت ۽ يارهن سالا سنڌ حڪومت جي اقتدار دوران رڪارڊ ڪرپشن ناهي ڪئي ڇا. ڪو سنڌ سجڻ ذي شعور ماڻهون پارٽي سنڌ سان ۽ سنڌي قوم سان زرداري جي هن وقت تائين ڪيل ڪلورن سان سهمت آهي ڇا. يا هن وقت به سندس طرز حڪمراني کي سنڌ لاءِ مثبت سمجهي ٿو ڇا. يا ڪيل سمورن ويساگهاتين. غدارين تي پشيمان ٿيندي زرداري. بلاول سندس رجيم ڪو برملا اظهار ڪيو هجي ڪا تبديلي آندي هجي ڪو آئينده ايئن نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھجي. سواءِ پنهنجي ڪيل ناطلافي گناهن جي ڇوٽڪاري لاءِ ارڙهين ترميم جي راڳ آلاپڻ ۽ سنڌ ڪارڊ جي استعمال جي. جڏهن ته سندس اقتدار دوران ۽ هاڻي به سنڌ پنهنجي سمورن وسيلن ۽ اختيارن ۾ مرڪز وٽ يرغمال ٿيل آهي. ڇا اسيمبلين. سياسي احتجاجن . ڪنهن عالمي فورمن تي ڪا سندن سنجيده حڪمت عملي. آواز يا ويڙهاند موجود آهي ڇا . ?.
ڇا سنڌ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين مرڪز وٽ سڀ طرفي يرغمال بڻيل ناهي ڇا جو هاڻي زرداري صاحب کان ڪيل ڪرتوتن جو حساب وٺڻ کان پوء ڦرجڻ ويندي ساڳا هٿ جيڪي گذريل سجي عرصي کان سنڌ تي قابض آهن زرداري صاحب جي هجڻ نه هجڻ جي باوجود قابض رهندا ڇا زرداري صاحب سياسي طور ايترو نابالغ آهي يا بي خبر آهي جو چند سنڌ کان مفرور فيس بوڪي لٻاڙين. ۽ پراڪسي وار جو حصو بڻجي سنڌي قوم کي سياسي هلچل. قومي سياسي سگهه کان محروم ڪندڙ ڪوڙ لٻاڙ ذريعي هزارين گهرن ۾ ماتم برپا ڪرائيندڙ پگهار دار. بي پهچ شڪست خورده ڪوڙن گوريلن جي اپيلن ٽپيلن تي ڪو زرداري صاحب آزادي جو نعرو هڻندو.?
جيڪي به همراه ٽولا پارٽيون جن کي خبر ناهي يڪدم انهن کي ڪٿان ڪهڙي ڳالهه تي يڪدم جمهوريت جي ڳڻتي اچي ورتو آهي جڏهن ته سمورا ان فڪر سان جڙيل رهيا آهن ته اسان جي مسئلن جو حل جمهوريت ۾ ناهي اڄ به جيڪي قومپرست پارٽيون اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿيون اهي فرد ۽ پارٽيون وٽن غداري جي کاتي ۾ اچن ٿيون. سندن پارٽيون اڄ به اليڪشن پراسز کان پري آهن. اڄ به اسان جهڙن اليڪشن جي عمل جي حمايتي قومي ڪارڪنن تي باهوڙ ڪندا رهن ٿا. نه سندن يا سندن پارٽين ماضي جي عمل کي غلط سمجهي ڪا پاليسي يا حڪمت عملين ۾ تبديلي آندي آهي ته هو اليڪشني واٽ کي درست سمجهن ٿا ۽ ان جو حصو ٿيندا ته پوءِ اها لڪل اڻ مندائتي اها بهار ڪٿان ۽ ڪيئن آئي آهي . هاڻي ته ان حد تي ڳالھ پهتي آهي ته تازو سائين رسول بخش پليجو جي پهرين ورسي ۾ هڪ قومي تحريڪ جي هر اول دستي واري پارٽي جي اڳواڻ کڙين تي بيهي بلاول ڀٽو زرداري کي چيو ته. سائين جيم سيد کي جيستائين نانو ۽ بشير خان قريشي کي جيستائين مامو تسليم نه ڪندي تيستائين بلاول ڪم نه هلندو. ته ان جملي تي سڄو پنڊال مرڪي پيو منهنجي پويان ويٺل هڪ جهوني دانشور وڏي آواز ۾ ٺٺوليون ڪندي چيو واھ خان جي ته پارٽي ئي پوري ٿي وئي. هاڻي جنهن ديشي کي فون ٿا هڻو ته موبائيل مان رنگ ٽون ٿو اچي. + پهلي پاڪستان. + جيوي جيوي پاڪستان+. ان دانشور منهن خراب ڪندي تقرير واري همراه کي ڪاوڙ ۾ چيائين کٿل ڪبوتر تون وڃي ڀاڙيا موچڙن جي خوف کان جيئي زرداري جو نعرو هڻ+. ڇا اسين ماضي جي غلطين کي برملا تسليم ڪرڻ انهن جي پيل نقصانن جو ازالو ڪرڻ. تبديل ٿيل سماجي. معاشي. عالمي. علاقائي حالتن جو گهرو اڀياس ڪرڻ پنهنجي ۽ دشمن جي طاقت جو صحيح اندازو لڳائي انهن جي گهرجن واري ٺوس عملي حڪمت عملين جوڙڻ ۽ پنهنجي شخصي سياسي. علمي ڪردار جي واڌاري کان سواءِ ۽ ڪنهن انقلابي طرز جي مظبوط تنظيمي ادارن ۽ عوامي سگھ واري اتساهه ڀريل پارٽي ۽ قيادت کان سواءِ پنهنجي قوم ۽ وطن کي اڄ لاڳو خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. اها شئي محنت ۽ قرباني طلب ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. ٻي صورت اها آهي ته اسين پنهنجي سگهه صلاحيت اتساهه ماريل پوزيشن سبب زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي يا جي. ڊي اي. جهڙي مالڪن جي جوڙيل ٽولي کي منٿ ميڙ ڪنداسين ته. آءُ بيل مار مجهي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …