عمران خان 11 اپريل 2022ع تي پارليامينٽ مان نڪرڻ کان پوءِ هينئر تائين سرڪاري بلٽ پروف جيپ استعمال ڪري رهيو آهي.
قيمتي سرڪاري ۽ بلٽ پروف گاڏيون ڪهڙن سياستدانن وٽ آهن ان حوالي سان ڪابينه ڊويزن طرفان سينيٽ ۾ پيش ڪيل تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
جاري ڪيل رپورٽ موجب 14 اعليٰ عهديدارن وٽ بلٽ پروف ۽ 23 وٽ لگزري گاڏيون استعمال هيٺ آهن. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سائيڪل تي وزيراعظم هائوس اچڻ جي دعويٰ ڪندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اقتدار ۾ رهيو ته بني گالا کان وزيراعظم آفيس تائين هيليڪاپٽر تي سفر ڪندو رهيو ۽ جڏهن هو اقتدار مان نڪتو ته ڊائري کان علاوه گاڏي به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. هو 11 اپريل 2022 کان سرڪاري بلٽ پروف جيپ استعمال ڪري رهيو آهي.
دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وٽ به سرڪاري بلٽ پروف گاڏي آهي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم پرويز اشرف وٽ به 2 سرڪاري بلٽ پروف گاڏيون آهن.
جاري ڪيل رپورٽ ۾ سينيٽ چيئرمين، چيف اليڪشن ڪمشنر، ڊپٽي اسپيڪر، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ راڻا ثناءُالله وٽ به بلٽ پروف گاڏي آهي. جڏهن ته وفاقي وزير اسد محمود، چيئرمين پي اي سي نور عالم ۽ عطاءُالله تارڙ کي به اها سهوليت حاصل آهي.
رپورٽ موجب ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، سُڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب، دفاع واري وزير خواجه آصف سميت ڪيترن ئي وزيرن وٽ سرڪاري گاڏيون آهن جڏهن ته ڪيترن ئي صلاحڪارن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي به سرڪاري گاڏيون مليل آهن.