عمران حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي مڪلي ۾ ترقي پسند ھائوس تي صحافين سان ڳالھائندي چيو تہ عمران حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي عوام دشمن فيصلا ڪري رھي آھي جنھن سبب ملڪ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسي رھيو. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو بڻجڻ کان اڳ سندن ايجنڊا ڏسنداسين سنڌ جي مفادن جي ھر جھدوجھد جو حصو بڻجڻ ۾ اڳيان ھونداسين. ھن چيو تہ.جيستائين سنڌ جو شھري طبقو سجاڳ نہ ٿيندو تيستائين سنڌ مئسلن جي ور چڙيل ھوندي… ٺٽي جو امن خراب ڪرڻ جو وڏو سبب اوطاق ڪلچر آھي جيستائين انصاف ڏيندڙ اوطاقن جي حاضري ڀرڻ کي نوڪري سمجھندا ۽ ڀوتارن جو ونگارو ڀريڻ کي خوشي ۽ قانون سمجھندا تيستائين نور خان جھڙا نوجوان ڏينھن ڏٺي قتل ٿيندا رھندا ۽ پوليس اھلڪارن 2 لوفر اچي ھٿيار کسي زخمي ڪري ھليا ويندا . ان موقعي تي نصرت چنا. امتياز سمون. سيد جلال شاھ. راجو قريشي. جميل سمون علي محمد مالھيو. عمر ناھيو پڻ موجود ھئا. جڏھن ڊاڪٽر قادر مگسي ان کان اڳ قتل ٿيل نوجوان نور خان جي تڏي تي سندن وارثن سان تعزيت ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …

Leave a Reply

Your email address will not be published.