عظمتون ۽ احترام مفت ۾ ناهن ملندا!حيات تنيو

دنيا ۾ جن انسانن بھ عظمتن ۽ احترامن جا تاج پهريا آهن اهي ڪي اوچتو ۽ آسانيءَ سان سندن مقدر ۾ ناهن آيا. انهن جي پٺيان سندن ڏينهن رات جي محنت، جاکوڙ، مسلسل جدوجهد، لاتعداد ۽ شاندرا قربانين ۽ پاڻ ارپڻ جھڙن پاڪ پوتر جذبن جو وڏو عمل دخل ڪارفرما هوندو آهي. ڪو به ماڻهو جيسيتائين پنهنجي دور جي ڪنهن بھ فرعون ۽ يزيد جي ڏاڍ، جبر اڳيان سينو تاڻي نٿو بيهي يا ڪنهن بھ قسم جي چئلينجن، تڪليفن، ڏکين ۽ مشڪل حالتن خلاف وڏي همٿ ۽ جرئت سان غير معمولي للڪار بڻجي منهن مقابل نٿو ٿي، تيسيتائين هو جڳ جھڙو عام ماڻهو ئي رهي ٿو. جيڪي ماڻهو اڻوڻدڙ ۽ ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻ بجاءِ وقت ۽ حالتن جي وهڪري ۾ وهي وڃن ٿا. جيڪي وقت جي فرعونن جي داٻ ۽ دڙڪي کان ڊڄي، هيسائجي، خوفزده ۽ مايوس ٿي ٿڪجي خاموشي اختيار ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو، عوام جا حق غضب ڪندڙ سرڪش، جابر ۽ پرمار قووتن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندي مصلحت کان ڪم وٺندا آهن، ته اهڙي قسم جا ماڻهو دنيا ۾ ڪڏهن به مهانتائون ۽ عظمتون ماڻي ناهن سگھندا. هر قسم جي عزتن ۽ احترامن جا اصلي ۽ حقيقي حقدار ته اهي ئي انسان بڻجندا آهن جيڪي لڪير جا فقير بڻجي، هر اڀرندڙ سج جا سلامي ٿيڻ يا لهرن ۾ لڙهي وڃڻ بجاءِ لطيف سائين جي “لوڪ وهي لهوارو، تون اڀو وھ اوڀار” تي عمل ڪندي وقت جي سرڪش ۽ بي لغام گھوڙي کي مظبوط ارادن جو لغام پهرائي پنهنجي چونڊيل رستي تي ڊوڙائن جو فن ۽ حوصلو رکندا آهن.
اسان جي چوطرف هڪڙا اهڙا ماڻهو رهن ٿا جن کي زندگي جو سموريون سهولتون ۽ آسائشون ميسر آهن، جن کي نه جون جولاءِ جي ٽچڪندڙ گرمي جو ڪو احساس آهي، نه ئي کين عضون کي ڪپيندڙ ڊسمبر ۽ جنوري جي سخت پارن جي ڪا خبر آهي. جن جو بک جي نالي واري ڪنهن ازدها بلا سان ڪڏهن ڪو مقابلو ئي ناهي ٿيو. اهڙن ماڻهن جو پهريون ۽ آخري مقصد صرف هڪڙو ئي هوندو آهي ته ڪنهن به طرح سان هارين، مزدورن، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کان ڏينهن رات ڪم وٺي سندن محنت، پگھر ۽ پورهيئي مان گھڻي کان گھڻي دولت ڪٺي ڪري وڌيڪ عياشيون ڪجن. ٻئي طرف کان وري گھڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي جن وٽ زندگي جي ڪا به سهولت ڪونهي، جن کي هٿ وٺي علم ۽ شعور جھڙي انمول طاقت کان غافل ۽ محروم بڻايو ويو آهي، جن وٽ پنهنجن وسيلن ۽ آمدنيءَ جو نه ڪو حساب آهي ۽ نه ئي کين اندازو آهي. جيڪي پنهنجي وطن جي مِٽي ۾ دفن ٿيل سون، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت لاتعداد زخيرن جي اهميت ۽ قيمت کان اڻواقف آهن. جيڪي نوڪري ڪن ٿا، ڪاروبار ڪن ٿا. فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري سمورن ماڻهن جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ سان گڏ پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر جو سامان گڏ ڪن ٿا. جيڪي کائن ٿا پيئن ٿا، گھمن ٿا، ڦرن ٿا، سمهن ٿا، ٻار پيدا ڪن ٿا ۽ پوءِ سموري حياتي انهن جون بنيادي گھرجون پوريون ڪرڻ جا جتن ڪندي پنهنجي زندگي جا ڏکيا سکيا ڏينهن گھاري مري وڃن ٿا. پر سڄي دنيا جي اندر رهندڙ سموري انساني آبادي مان ڪي تمام ٿورڙا انمول انسان هوندا آهن جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن. جيڪي ٻين ڪارڻ لڇندا، پڇندا ۽ جيئندا آهن. باقي نه ته هر ماڻهو صرف ۽ صرف پنهنجي لاءِ پنهنجي گھر لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن جي لاءِ سوچي ٿو، ڪمائي ٿو ۽ جيئي ٿو. حضرت علي عه کان ڪنهن سوال ڪيو ته، سائين جانور ۽ انسان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مولا علي عه جن فرمايو ته جيڪو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو اهو جانور آهي ۽ جيڪو ٻين لاءِ جيئي ٿو اهو انسان آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن حضرت علي عه جي نظر سان دنيا کي ڏٺو وڃي ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا ان ۾ انسان تمام ٿورڙا آهن، پر جانورن جي تمام وڏي گھڻائي رهي ٿي.
دنيا جي اندر کوڙ سارا اهڙا انسان به گذري چڪا آهن. جيڪي ظاهري طور اڪيلا، ٿورڙا، ڪمزو ۽ بي هٿيار هجڻ جي باوجود به سچ جي واٽ تي هلندا رهيا آهن. جن وقت تمام وڏين پرمار قووتن، آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن جي ڪنڌ ۾ لڳل غرور جون ڪليون ٽوڙي ۽ مروڙي پنهنجن پيرن ۾ ڦٽو ڪيون آهن. ڪيترن ئي عظيم انسانن پنهنجن ذاتي فائدن، ضرورتن، آسائشن، محبتن، ارمانن، امنگن ۽ محبتن جا ڳلا دٻائڻ سان گڏ پنهنجين جانين جو قربانيون ڏئي غلامين ۽ ذلتن جي ڪوٽن ۾ قيد انسانن جي قسمتن ۾ عزت، آجپي ۽ خوشحاليءَ جا سج اڀاريا آهن.
جيڪڏهن سقراط سچ جي خاطر زهر جو پيالو نه پيئي ها، ڪارل مارڪس بک، افلاس ۽ لاچارگي واري زندگي نه گذاري ها، جيڪڏهن منصور بن حلاج انا الحق جو نعرو بلند ڪري ان جي سچائيءَ خاطر سوليءَ تي نه چڙهي ها. مائوزي تنگ هيڏي وڏي عظيم لانگ مارچ نه ڪري ها، جيڪڏهن دم ۽ سهڪي جو مريض ڊاڪٽر چي گويرا ڪيوبا ۽ بوليويا جي ميدانن، جبلن ۽ جھنگلن ۾ بندوق کڻي نه وڙهي ها، نيلسن منڊيلا پنهنجي جوانيءَ جا خوبصور 27 سال جيل جي بند خولين ۽ سخت پورهيي سان نه گذاري ها، شهيد شاھ عنايت هارين جي حقن لاءِ پنهنجو سر قلم نه ڪرائي ها، مخدوم بلاول پاڻ گھاڻي ۾ نه پيڙائي ها، دولھ درياءَ خان ارغونن جي لاءِ للڪار بڻجي سنڌ تان سر نه ڏي ها، هوش محمد شيدي “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” جو نعرو هڻي پنهنجي وطن تان سر نه واري ها، جيڪڏهن سورھ بادشاھ انگريزن جي سامراجيت جي خلاف “وطن يا ڪفن” واري واٽ نه وٺي ها ته اڄ کين ڪو به ياد نه ڪري ها. دنيا جي اندر ڪيترائي ملين ڊالرن جا مالڪ، نواب، جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار، صنعتڪار، آمر، ڊڪٽيٽر، مير ۽ پير مرڻ کان پوءِ جلد ئي پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن، رشتيدارن ۽ گهر واران کان به وسري ٿا وڃن ڪير سندن قبر تي به وڃڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. پر ٻئي پاسي کان جيڪڏھن هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪي هاري مزدور ۽ پورهيت گهراڻي سان تعلق رکندڙ غيرتمند ماڻھو عوامي ڀلائي، انساني ترقي ۽ واڌاري خاطر يا پنهنجي وطن ۽ قوم جي عزت، آجپي، خوشحالي لاءِ جدوجهد ۾ ويڙھ دوران ماريا ٿا وڃن ته اهي شهادتن ۽ عظمتن جا معراج ماڻي ڪيترن ئي صدين تائين ڪروڙين انسانن جي دلين تي راڄ ڪندا آھن.
اهڙي ريت سنڌ سميت سموري دنيا ۾ جن مهان ۽ معتبر انسانن کي جيڪي به عظمتون، عزتون ۽ احترام مليا آهن انهن جي پٺيان انهن جون لازوال جدوجهدون ۽ قربانيون آهن. انهن انسانن پنهنجون ذاتي خواهشون، آسائشون، ذاتي فائدا ٺڪرائي پنهنجي وطن ۽ قوم جي عظيم تر قومي ۽ اجتماعي مفادن لاءِ پنهنجين جانين سميت سڀ ڪجھ قربان ڪيو آهي. ايتري تائين جو پنهنجي وطن ۽ قوم جي سونهري مستقبل خاطر پنهنجن ٻچن ٻارن جا روشن مستقبل ۽ سندن جانيون به قربان ڪرڻ کان ڪڏهن ناهي ڪيٻايو. جن ڪڏهن به ڪنهن ظالم، جابر، استحصالي قووتن، ڪوڙ ۽ ڪائنرتائن جي ديوتائن سان ڪنهن به قسم جا سمجھوتا يا مصلحتون ناهن ڪيون. انهن عظيم انسانن سدائين عوام جي وچ ۾ رهي عوامي ۽ تنظيمي طاقت جي ذريعي عوام دشمن، جمهوريت دشمن، انصاف دشمن ۽ پورهيت دشمن عناصرن خلاف ڪيئي ويڙهون وڙهيون آهن. ڇو ته ڪا به جدوجهد پوءِ اها عوامي ۽ سياسي جدوجهد هجي يا هٿياربند جدوجهد هجي، اها عوامي طاقت ۽ تنظيمي طاقت کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ کٽي نٿي سگھجي.
سنڌ جي تاريخ ۾ به سنڌين ڌارين ۽ حملي آورن جي هٿان جيڪي شڪستون کاڌيون آهن، انهن جو ٻين کوڙ سارن سببن سان گڏ پنهنجن جو غداريون، ظابطي ۽ منظم تنظيم جي کوٽ به اهم سبب رهيا آهن، جيڪو سلسلو اڃان تائين هلندو پيو اچي. انڪري سنڌ جي سمورن جمهوريت پسند، قومپرست، ترقي پسند، آزادي پسند قووتن، انساني آزدي ۽ وقار جي بلنديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ، سمورين ناانصافين، غلامين، نفرتن، ذلتن خلاف ۽ انساني آزادي، ڀلائي، ترقي، عزت، وقار جي بحالي ۽ بلنديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ پتوڙيندڙ قووتن، تنظيمن، فورمن کي کپي ته پنهنجين تنظيمن جي ادارن کي منظم ۽ سگھاو بڻائن. ڇو ته مظبوط ادارا ئي ڏکين حالتن ۾ تنظيمن لاءِ بچاءَ بند جو ڪم ڏيندا آهن. اهو ڪيئن ممڪن بڻجي سگھي ٿو ته اوهان بغير ڪنهن منظم تنظيم ۽ سگھارن ادارن جي، رياست جي ڦرلٽ، ان جي ڏاڍ، ڏمر ۽ وحشانيت کان پنهنجو پاڻ کي، پنهنجن ڪارڪنن کي يا عوام کي بچائي سگھو. مان ته سمجھان ٿو جيڪو به تنظيم ۽ ان جي ادارن کي مظبوط، منظم ۽ سگھارو بنائڻ کان سواءِ جيڪي به دعوائون ڪري ٿو سي سڀ ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکي کان سواءِ ڪجھ به ناهن.
حيات تنيو
Hayattunio786@gmail.com

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …