عدم اعتماد جي تحريڪ مسترد-آئيني بحران-اپوزيشن سميت مختلف اڳواڻن جو سخت ردعمل-عمران جي حامين ۾ خوشي- عمران مخالف ڌرين ۾ مايوسي- معاملا سپريم ڪورٽ ۾

عدم اعتماد جي تحريڪ مسترد-آئيني بحران-اپوزيشن سميت مختلف اڳواڻن جو سخت ردعمل-عمران جي حامين ۾ خوشي- عمران مخالف ڌرين ۾ مايوسي- معاملا سپريم ڪورٽ ۾

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل اپوزيشن چيو آهي ته غير قانوني ۽ غير دستوري حڪومتي قدمن تي ٻڌڻي اعليٰ عدالت جي فل ڪورٽ ٻڌي. گڏيل اپوزيشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمران نيازي اڄ ملڪ ۽ آئين خلاف بغاوت ڪئي آهي، آئين سان بغاوت جي سزا آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ لکيل آهي. گڏيل اپوزيشن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي اعليٰ عدليه آئين سان بيهندي ۽ آئين ٽوڙڻ سان پيدا ٿيل بحران تي منصفاڻو فيصلو ڪندي. گڏيل اپوزيشن جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته اعليٰ عدليه عادلاڻو ۽ دستور جي روشني ۾ فيصلوڪرڻ فرمائيندي. گڏيل اپوزيشن موجب چيف جسٽس جو صورتحال جو نوٽيس وٺڻ واري قدم جي واکاڻ ڪريون ٿا، چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جي فوري ڪارروائي ۽ مختصر حڪم جاري ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران نيازي جي هن بغاوت جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، آئين، جمهوريت، قانون ۽ سياسي اخلاقيات خلاف بغاوت ڪئي وئي. گڏيل اپوزيشن چيو ته اسپيڪر سميت سموري حڪومتي ٽولي جي غيرآئيني ۽ غير پارلياماني قدمن ۽ روين جي مذمت ڪريون ٿا، ايوان ۾ گڏيل اپوزيشن پنهنجي واضح اڪثريت ثابت ڪري چڪي آهي.

قومي اسيمبلي ٽٽي وئي، سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس، عمران خان وزيراعظم نه رهيو، ملڪ ۾ آئيني بحران

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ  نه ٿي، صدر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، عمران خان وزيراعظم نه رهيو، ملڪ ۾ آئيني بحران، تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي  خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڪالهه آچر ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ  آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو،ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن پاران آمريڪا مرده باد ۽ جيڪو آمريڪا جو يار آهي غدار آهي غداري آهي“ جا نعرا به هنيا ويا

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل (1) 58 ۽ (1) 48 تحت ڏني آهي،قومي اسيمبلي اجلاس ختم ٿيڻ بعد وزيراعظم قوم کي مختصر خطاب ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز صدر مملڪت کي موڪلي ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي اسپيڪر حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش کي رد ڪيو آهي، اها غيرملڪي ايجنڊا هئي ۽ ان جي رد ٿيڻ تي مان سموري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته عمران خان وزيراعظم نه رهيو آهي، ان حوالي سان ڪابينا ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق صدر مملڪت پاران آئين جي آرٽيڪل 58(1) تحت قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ عمران خان نيازي هاڻي وزيراعظم ناهي رهيو، عمران خان جي وزيراعظم نه رهڻ جو نوٽيفڪيشن جو اطلاق فوري طور ٿيندو.

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال کان پوءِ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال  پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته بينچ ۾ شامل ججز جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌايو ويندو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ملڪي صورتحال بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل هئا، سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم ۽ صدر جا سمورا حڪم سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندا، سپريم ڪورٽ رياستي عهديدارن کي ڪنهن به آئين کان مٿانهين قدمن کان روڪيندي چيو ته سياسي جماعتون پرامن رهن ۽ ڪو به آئين کان مٿانهون قدم نه کنيو وڃي، عدالت گهرو سيڪريٽري ۽  سيڪريٽري دفاع کي ملڪ ۾ امن امان بابت قدمن تي آگاهه ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪيو، چيف جسٽس چيو ته رمضان شريف آهي، ٻڌڻي کي لٽڪائڻ نٿا چاهيون، ڪو به حڪومتي ادارو غيرآئيني حرڪت نه ڪندو، سموريون سياسي جماعتون ۽ حڪومتي ادارا ان صورتحال مان فائدو نه کڻندا، چيف جسٽس پ پ جي درخواست مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن جو جائزو وٺندي، چيف جسٽس چيو ته پاڻمرادو نوٽيس ۾ صدر مملڪت کي پارٽي بڻائي ڇڏيون ٿا، اڄ 63 اي صدارتي ريفرنس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ سماعت ڪنداسين ڇو ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڪهڙي سبب ملتوي ٿيو، جنهن تي ن ليگ جي سينيٽر ۽ وڪيل اڳواڻ اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس امن امان جي خراب صورتحال تي ملتوي ٿيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ دائري اختيار کان وڌيڪ مداخلت نٿا ڪري سگهون، قومي اسيمبلي جي ڪارروائي کان اسان آگاهه آهيون جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي درخواست ايندي ته ڏسنداسين، چيف جسٽس چيو ته جذباتي ڳالهيون نه ٿينديون، آئين کي ڏسڻو آهي، حڪم جاري ڪيو آهي، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار ۽ سياسي جماعتن کي پاڻمرادي نوٽيس ۾ ڌر بڻائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جج سموري صورتحال کان آگاهه آهن، وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي(اڄ) ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ ۾ سماعت هيٺ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس تي اڄ ٿيندي ٻڌڻي به ملتوي ڪئي وئي آهي، لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڏسڻو پوندو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آرٽيڪل 69 تحت تحفظ حاصل آهي يا نه  ٻئي طرف اٽارني جنرل بيرسٽر خالد جاويد خان فواد چوڌري سان ملاقات کان پوءِ سپريم ڪورٽ پهچي چڪو آهي ان موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي هوندو. هوڏانهن اپوزيشن طرفان اڄ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڪارروائي خلاف پٽيشن تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڄوڪي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏني وڃي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي صدر ڏانهن اماڻيل سمري کي به سائيڊ لائين ڪيو وڃي. اڄ ئي اسپيڪر کي اجلاس گهرائي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جو پراسيس مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اپوزيشن جي درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ جي پراسيس کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ چيو ته پنجاب ۾ نئين وڏي وزير جي مقرري جو عمل آئيني ۽ پرامن طريقي سان ڪيو وڃي

ايبسوليوٽلي ناٽ، پاڪ فوج موجوده صورتحال کان لاتعلقي ڏيکاري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان سان اداري جو ڪو به واسطو ناهي، خانگي ٽي وي طرفان ڊي جي  آءِ ايس پي آر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اڄ جي ڪارروائي ۾ فوج جي رضامندي شامل آهي . جنهن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح جواب ڏنو ته نه، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان سان اداري جو ڪو به واسطو ناهي.  03

اليڪشن ڪميشن وقت کان اڳ چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت اليڪشن ڪميشن جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر قانوني ٽيم کان راءِ گهري ورتي، ڊي جي لا جي سربراهي ۾ ٽيم موڪل جي ڏينهن ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، آئين ۽ قانون جو جائزو وٺي اليڪشن ڪيمشن کي راءِ ڏني ويندي، نين چونڊن لاءِ موجوده تڪبندين جي امڪانن جو جائزو ورتو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي نين تڪبندين لاءِ چار کان پنج مهينا گهربل آهن،

عدالت وڃڻ باوجود معاملو نين چونڊن طرف ئي وڃي پيو: فروغ نسيم

اسلام آباد( م ڊ) قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ معاملو وڃڻ باوجود گهڻو اڳتي نه ويندو، نين چونڊن جو ئي گهڻو امڪان آهي. فروغ نسيم موجوده صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ معاملو اڳتي وڌيو ته گهڻ رازن تان پردو هٽي ويندو، جن ۾ سفيرن جون 30، 40 گڏجاڻيون ۽ اپوزيشن جون ملاقاتون به بحث هيٺ اينديون. حڪومت ڌمڪي واري خط تي قومي سلامتي ڪميٽي جو ٺپو هڻائي اهم ڪم ڪيو. هن چيو ته معاملو اڳتي وڌيو ته گهڻو ڪجهه وائکو ٿيندو، وڏو گهر خلاف هوندو ته اهو به پڌرو ٿيندو. معاملو اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ مخالف ڌر وارا ذليل ۽ خوار ٿيندا. 03

اپوزيشن کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ٿيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر ملڪ جي اعليٰ ترين قومي سلامتي ڪائونسل پاران بي اعتمادي جي رٿ  جي پٺيان ٻاهرئين هٿ هجڻ جي تصديق جي بيان جو ادراڪ نه ڪري سگهي، انهي لاءِ ان کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته ٿيو ڇا آهي، ملڪ جي اعليٰ سيڪيورٽي باڊي پاران جڏهن اها تصديق ٿي وئي ته بي اعتمادي رٿ جي پٺيان ٻاهرئين مداخلت موجود هئي ته اها ڪارروائي اڻ لاڳاپيل هئي ته نمبر ڪيترا آهن، پاڪستان ۾ پرڏيهي سفارتخاني جا سفارتڪار وفاداريون بدلائيندڙ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندا رهيا، مخالف کي اڃا تائين سمجهه ۾  نه اچي رهيو آهي ته انهن سان ٿيو ڇا آهي. ڪالهه آچر ڏينهن تحليل ٿيل اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽ ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل رات هن پنهنجي ميمبرن کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو نه آهي، مخالف ڌر کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته ٿيو ڇا آهي، مخالف ڌر ان حقيقت جو ادراڪ نه ڪيو ته جڏهن قومي سلامتي ڪائونسل واضح طور تي چئي ڇڏيو ته بي اعتمادي جي رٿ ۾ ٻاهرئين مداخلت موجود هئي، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي آڏو آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ۽ آمريڪي عملدارن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جي نوٽس ۽ منٽس سان گڏ اها ڳالهه ٻولهه ڪميٽي جي ذميوارن کي ٻڌائي وئي ان کانپوءِ ان جا منٽس جاري ڪيا ويا ته بي اعتمادي جو منصوبو ٻاهر کان ٺهيو هو ۽ اها پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ ٻاهرئين مداخلت ڪئي وئي، بي اعتمادي رٿ جو بنياد ٻاهران هو. هن چيو ته ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته وفاداريون تبديل ڪندڙ اسان جي ميمبرن سان ايمبيسي جا ماڻهو ملن، پارٽي سربراهن سان انهن جي ملاقات سمجهه ۾ اچي ٿي ته اها ملڪي صورتحال جي حوالي سان ٿي سگهي ٿي، انهن ميمبرن سان ملڻ جو سبب اهو هو ته اهو ڪم ٻاهر کان شروع ڪيو ويو هو، جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ان جي تصديق ڪري وٺي ٿي ته اها ڪارروائي غيرمتعلقه ٿي وڃي ٿي ته ڪيترا نمبر هئا. هن ميمبرن کي چيو ته جيڪڏهن هو رات جو ئي توهان کي اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ها ته مخالف ڌر کي جيڪو شاڪ ٿيو آهي اهو نه ٿئي ها، هن چيو ته پي ڊي ايم ميمبرن جون وفاداريون خريد ڪيون، حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي ته اپوزيشن کي نين چونڊن جو خوف ڇو آهي، اسان جي عام چونڊن جي مطالبي تي پي ڊي ايم جو ردعمل حيران ڪندڙ آهي، جمهوري ماڻهو حمايت لاءِ عوام وٽ ئي ويندا آهن، پي ڊي ايم لاءِ بهتر ناهي ته سازش جو حصو بڻجڻ بدران عوام وٽ وڃي

عمران سميت سمورا سازشي سنگين غداري جا ڏوهي آهن: نواز شريف 

لنڊن (م ڊ) ملڪ جي موجوده صورتحال تي اڳوڻي وزيراعظم ن ليگ قائد نواز شريف جو ردعمل به سامهون اچي ويو. ٽوئيٽر تي پنهنجي  خيالن جو اظهار ڪندي نواز شريف چيو ته اقتدار جي هوس ۾ ٻڏل جنوني شخص اڄ آئين کي پيرن هيٺان چٿي ڇڏيو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم تي پنهنجي انا کي ترجيح ڏيندڙ عمران خان ۽ ان سازش ۾ ملوث سمورا سازشي ڪردار سنگين غداري جا ڏوهي آهن، جن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سان زيادتي ۽ آئين جي بي حرمتي جو حساب ورتو ويندو. 03

 پرڏيهي خط ڪوڙو ثابت ٿيو ته خان جو حشر به مشرف  جهڙو ٿيندو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي نامياري صحافي حامد مير گهڻ رخي جاچ کانپوءِ ان خط  کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن خط  جي بنياد تي عمران خان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي امداد سومري پنهنجي وي لاگ ۾ تبصرو ڪيو آهي ته معاملا سپريم ڪورٽ ۾ پهچي چڪا آهن، ان ڪري اهو به امڪان آهي ته عمران خان کي اهو خط عدالت ۾ پيش ڪرڻو پئجي وڃي جنهن خط جي عدالت  فارنزڪ  به ڪرائي ۽ جيڪڏهن اهو خط ڪوڙو ثابت ٿيو ته پوءِ يقيني طور عمران  خان ۽ شاهه محمود قريشي تي آئين  جي شق 6 لاڳو ٿيندي، جيئن ماضيءَ  ۾ جنرل مشرف تي لاڳو ٿي هئي، حامد مير جي دعويٰ  آهي ته خط جا جملا تبديل ڪيا ويا آهن، اصل خط پرڏيهي آفيس ۾موجود آهي، جنهن ۾ بي اعتمادي رٿ جو ذڪر ئي نه آهي، هوڏانهن ميان نواز شريف به ٽوئيٽر ذريعي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته عمران خان ۽  ان جي ساٿين تي آئين  جي شق 6  لاڳو ڪئي ويندي، صحافي امداد سومري  موجب  عمران خان اقتدار جي هوس ۾ پاڻ کي هر طرف ۽ کان ڦاسائي ڇڏيو آهي، هاڻي ان ڏٻڻ مان نڪرڻ ۽ بچڻ عمران خان لاءِ انتهائي ڏکيو آهي.

عدالت نوٽيس ته تڪڙو ورتو پر  واضح عارضي حڪم نه ڏئي مايوس ڪيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪروٽ آف پاڪستان  جيترو  جلد آئيني بحران جو نوٽيس ورتو اوترو جلد ڪو عارضي حڪم نه ڏئي عوام  کي مايوس ڪيو، نامياري صحافي مطليع الله جان تبصرو ڪندي چيو ته قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر  جي رولنگ ۽ اسيمبلي ثوڙڻ جهڙي  حساس صدارتي قدم تي سپريم ڪورٽ عارضي حڪم جاري ڪري غير يقيني صورتحال جو خاتمو آڻي پئي سگهي، ڇو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال  جنهن ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪيو ته عوام ۾ اميد پيدا ٿي ته ضرور اهڙو ڪو عارضي حڪم ڏنو ويندو جيڪو ڏئي به سگهجي پيو جنهن سان فوري طور آئيني بحران سبب پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال جو انت اچي وڃي ها،  جيڪڏهن اڄ  به سپريم ڪورٽ ڪو واضح حڪم نه ڏنو ته آئيني بحران شدت اختيار ڪندو ۽ پوءِ  ممڪن  آهي ته ان جو فائدو غير جمهوري قوتون حاصل ڪن ، اهو به حيران ڪندڙ عمل آهي ته هن حساس معاملي تي جوڙيل  لارجر بئنچ ۾ انتهائي سينيئر جسٽس فائر عيسيٰ ۽  جسٽس منصور علي شاهه  کي شامل نه ڪيو ويو آهي، ٻئي  طرف عمران خان ميدان ۾ ڄمي بيهي آخري بال تائين کيڏڻ بدران ميدان مان ڀڄڻ  تي مجبور ٿي ويو ۽ بدحواسي  ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ويٺو آهي ۽ سياستدان بدران هڪ  ڪرڪيٽر ثابت ٿيو آهي ڇو ته ڪپتان ٽيم کي ميدان ۾ ڇڏي شڪست جي خوف کان ڀڄي نه ويندو آهي.

پرويز الاهي جي دانهن تي چوڌري سروربرطرف، عمر سرفراز نئون گورنر 

اسلام آباد/ لاهور (م ڊ) وفاقي حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.  سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري  ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.  ذريعن موجب چوڌري سرور ن ليگ اميدوار حمزا شهباز جي حمايت ڪندڙ عليم خان جو ساٿ ڏئي رهيو هو ۽ کيس پرويز الاهي جي دانهن تي هٽايو ويو.  صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عمل ڪندي محمد سرور جي پنجاب جي گورنر جي عهدي تان برطرفي جي منظوري ۽ عمر سرفراز چيما جي بطور پنجاب جو گورنر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي . ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 101 تحت اها منظوري ڏني. عمر سرفرز چيما مقرري بعد عهدي جو حلف کنيو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد امير ڀٽي عمر سرفراز چيما کي گورنري جو حلف کڻايو. وقتي وڏو وزير عثمان بوزدار به شريڪ هو. هوڏانهن پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ آھي تھ پرويز الاهي چئي رهيو هو ته اسيمبلي جو اجلاس فوري طلب ڪريان، وڏي وزير جي استعيفيٰ منظور ئي نه ٿي هئي ته اجلاس ڪيئن گهرايان؟ پنجاب جي هٽايل گورنر چوڌري سرور طرفان پي ٽي آءِ تي تنقيد وار ڪيا ويا آھن، پريس ڪانفرنس دوران چوڌري سرور چيو ته پنهنجي عهدي دوران مجبوري ۾ فيصلا ڪيا، ٽن سالن کان ايڏو ته بي اختيار هئس جو ٻڌائي نٿو سگهان. ھن چيو ته جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان سان آهي، هتي رهي سياست ڪندس، ورڪرن ۽ همدردن سان صلاح مشورن بعد سياسي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس. عمران چوي ٿو ته بليڪ ميل نه ٿو ٿيان، پوءِ عثمان بوزدار کي ڇو هٽايو. هن چيو ته شاهه محمود، جهانگير ترين، عليم خان ۽ ٻيا وڏا وزير بڻجي سگهن پيا پر عمران چيو ته عثمان بوزدار ئي وڏو وزير ٿيندو. ٻئي پاسي چوڌري پرويز الاھي چيو آھي ته چوڌري سرور ڀاءُ آهي، اُن جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس، هو ٽن سالن تائين گورنر رهيو، کيس وڌيڪ ڇا گهرجي؟ . 03

”آئين جي ڀڃڪڙي ٿي“ ايڊيشنل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد( م ڊ) موجوده صورتحال تي ايڊيشنل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل جي چارج رکندڙ ڪاشف سرور پراچا ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمود استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.  ٻنهي جو موقف آهي ته حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي آئين جو ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. خالد محمود چيو ته ڊپٽي اسپيڪر غير آئيني رولنگ ڏني، حڪومت جو وڌيڪ بچاءَ نه ٿو ڪري سگهان. آئين ۽ جمهوري قدرن خلاف قدم جي مذمت ڪيون ٿا.03

ملڪ ۾ فيصلا ڪٿي پيا ٿين، ڪا خبر ناهي: محمد زبير 

اسلام آباد( م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو ته شهباز شريف  جلد وزيراعظم جو حلف کڻندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته ملڪ ۾ فيصلا ڪٿي پيا ٿين، ڪا خبر ناهي.محمد زبير چيو ته عمران اڳ ۾ سليڪٽڊ ۽ هاڻ اڳوڻو وزيراعظم بڻجي چڪو آهي. ڪنهن کي خبر ناهي ته اسيمبلي يا ڪابينا آهن يا نه.03

عالمي سازش واري خط ۾ تبديليون ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان خلاف ٻاهرين سازش جي حوالي سان جنهن مبينه خط جي دعويٰ ڪئي وئي هئي ان ۾ تبديليون ڪرڻ جو  انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب جنهن خط يا مراسلي کي بنياد بڻائي عمران خان بي اعتمادي رٿ ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو اهو خط  ئي مشڪوڪ اهي، اصل خط يا ليٽر ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، عمران خان چيو ته قومي سلامتي اجلاس ۾ جڪيو پيغام اسان جي سفير کي ڏنو ويو اهو بحث هيٺ آيو، سلامتي ڪميٽي ميٽنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اها ٻاهرين سازش آهي.

عدالت کي اختيار ئي ناهي ته اسپيڪر جي رولنگ چئلينج ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسپيڪر جو فيصلو حتمي آهي ان کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي  فواد چوڌري چيو ته ڊپٽي اسپيڪر وڏي جرئت سان اهو فيصلو ڪيو. اسپيڪر جو اختيار ان حوالي سان لامحدود آهي ۽ اسپيڪر جو فيصلو حتمي هوندو آهي ان کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. فواد چيو ته حڪومت اسان جي وئي آهي پر ان باوجود تحريڪ انصاف خوشيون ملهائي رهي آهي جڏهن ته اپوزيشن لڙڪ لاڙي رهي آهي. جيڪڏهن هي شينهن جا پٽ آهن ته سامهون اچي چونڊون وڙهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار آرٽيڪل 58 جي تحت وزيراعظم جو آهي. ملڪ ۾ 90 ڏينهن دوران چونڊون ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ڪئي وڃي ٿي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، آرٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آرٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آچر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، جيڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان پينو آهيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڪالهه آچر ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ  آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور پرويز الاهي سان نه ٺهي رهيو آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي ويندي. چورڌي فواد حسين چيو آهي ته ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان فرار اختيار ڪري ته ان کي سياسي ڀڳوڙو چيو ويندو. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون بونگيون نه هڻو، اليڪشن جي تياري ڪريو.03

ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير آئيني آهي: حامد خان

اسلام آباد( م ڊ) قانون جي ماهر ۽ اڳوڻي پي ٽي  آءِ اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير آئيني آهي. حامد خان موجوده صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي آئين موجب تشريح ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بي اعتمادي اجلاس ووٽنگ ٿيڻ تائين ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي. ووٽنگ تائين اسيمبلي ٽوڙي نه ٿي سگهجي، آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. 03

عامر لياقت جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عامر لياقت پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي  ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عامر لياقت چيو ته ڊرامو ختم ٿيڻ کانپوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته وزيراعظم جيڪو ڪجهه ڪيو، ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر جيڪو ڪجهه ڪري رهي هئي درست ڪري رهي هئي. هن چيو ته مان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪيان ٿو، آئين ڪنهن ٽوڙيو ۽ باغي ڪير آهي؟ فيصلو عدالت ڪندي. 03

عمران خان اڄ ته حد پار ڪري ڇڏي: اسفنديار ولي

ڪوئيٽا(م ڊ) اي اين پي جي صدر اسفنديار ولي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهرين ڏينهن کان آئين جو مذاق اڏايو آهي، اڄ پيرن هيٺيان چيڀاٽيو، اقتدار جي نشي ۾ مست عمران خان پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ غيرآئيني قدم کنيا، هن چيو ته ساڍن ٽن سالن تائين جمهوريت، پارليامينٽ، ۽ آئين سان راند ڪئي وئي، اڄ حد پار ڪئي وئي آهي، هر اهو شخص جيڪو ان عمل ۾ ساٿ ڏنو هجي اهو آئين جي سنگين ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ٿيو آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان کي مسخ ڪيو ويو، جيستائين هي ملڪ آئين تحت نه هلندو تيستائين هن ملڪ ۾ انارڪي جي صورتحال برقرار هندي، عدالت کي درخواست آهي ته غيرآئيني ۽ غيرجمهوري قدمن کي ڪالعدم قرار ڏئي.

بي اعتمادي تي ووٽنگ لازمي، رولنگ سان ختم نه ٿي ٿي سگهي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آئيني بحران تي سپريم ڪورٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ بار پاران  داخل آئيني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بي اعتمادي تي ووٽ ضروري هو، اسپيڪر رولنگ سان ان کي ختم نٿو ڪري سگھي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ آرٽيڪل 95 (2) سان ٽڪراءَ ۾ آهي، آرٽيڪل 58 ون تحت جيڪڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي هجي ته هو اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس به نٿو ڏئي سگھي. وزيراعظم عمران خان خلاف اڄ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي پر قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر رٿ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ چيو ته هن صدر کي اسيمڪبلي ٽوڙڻ لاءِ چيو آهي، قوم چونڊن جي تياري ڪري. 03

عمران ۽ ان جا حواري جمهوريت جو ٻوٽو اکيڙڻ چاهين ٿا: شهباز شريف

اسلام آباد( م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ ان جا حواري جمهوريت جو ٻوٽو پاڙان پٽڻ چاهين  ٿا. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اسان جي خلاف فيصلو ڏنو ته نه چاهيندي به قبول ڪنداسين. هن چيو ته سرڪاري بئنچن تان غداري جي ڳالهه ٿي اسپيڪر دل جان سان قبول ڪئي پر اسان کان ڪجهه پڇيو ئي نه. شهباز شريف چيو ته عمران خان ٽين قوت کي دعوت پيو ڏئي ۽ جمهوري نظام کي ويڙهڻ چاهي ٿو. 03

  • وزيراعظم پاران خوشي ۾ کلڻ واري تصوير شيئر

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي جي رٿ رد ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي خوشي ۾ کلندي هڪ  تصوير شيئر ڪئي آهي،قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيڻ ۽ بي اعتمادي جي رٿ رد ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي کلندڙ تصوير شيئر ڪئي، جڏهن ته عمران خان تصوير سان گڏ ڪو به ڪيپشن نه لکيو،واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اهم اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي عالمي سازش ۽ ملڪي آئين جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

  • صدر، وزيراعظم، ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري آهي: سنڌ بار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ بار ڪائونسل موجب قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي غير قانوني عمل جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ بار ڪائونسل چيو ته  وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙڻ جي غير قانوني ۽ غير آئيني ايڊوائس موڪلي، صدر، وزيراعظم، ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. سنڌ بار ڪائونسل مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس ادارن ۽ ملڪ کي ائيني بحران کان بچائي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ذوالفقار جلباڻي اعلان ڪيو ته موجوده آئيني صورتحال تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته وڪيل ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ ڪنهن جدوجهد کان نه ڪيٻائيندا. 03

اسپيڪر غير آئيني ڪم ڪيو، آئين ٽوڙيو ويو آهي: بلاول

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بي اعتمادي رٿ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان وٽ اڪثريت آهي، اسان وزيراعظم کي بي اعتمادي ۾ شڪست ڏيارينداسين.هن چيو ته آخري موقعي تي اسپيڪر غير آئيني ڪم ڪيو، پاڪستان جو آئين ٽوڙيو ويو، پاڪستان جي آئين کي ٽوڙڻ جي سزا واضح آهي، بي اعتمادي تي ووٽنگ   ٿيڻي هئي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته گڏيل اپوزيشن فيصلو ڪيو ته تيستائين نيشنل اسيمبلي ۾ ڌرڻو هڻنداسين جيستائين آئيني حق نٿو ڏنو وڃي، پنهنجي وڪيلن جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، بي اعتمادي تي ووٽنگ ڪرائي وڃي. هن چيو ته بي اعتمادي جمع ٿي چڪي آهي، هو پارليامينٽ نٿو ٽوڙي سگھي، انهن کي بي اعتمادي جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.  پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هاڻي سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڏيڻو آهي، هي ٻاراڻي حرڪت آهي، هي ميدان کان ڀڄڻ آهي، عمران خان پنهنجو پاڻ کي ايڪسپوز ڪري چڪو آهي، عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته هو جمهوريت ۽ آئين جو ساٿ ڏئي، اسان ڪنهن غير جمهوري ماڻهو کي آئين تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. 03

اسان سمورن بحرانن کي منهن ڏئي وٺنداسين: آصف زرداري

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته اسان انهن سمورن بحرانن کي منهن ڏئي وٺنداسين، پارليامينٽ هائوس  پهچڻ تي صحافي  سوال ڪيو ته اجتماعي استعيفائون ڏنيون پيون وڃن ڪو آئيني بحران ته پيدا نه ٿيندو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته اسان سمورن بحرانن کي منهن ڏئي وٺنداسين،

سليڪٽڊ وزيراعظم پارليامينٽ کان ڀَڳو آهي: آصفا

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصفا ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم پارليامينٽ کان ڀَڳو آهي  وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رد ڪرڻ تي جتي اپوزيشن جماعتن طرفان مختلف بيان سامهون اچي رهيا آهن، اتي آصفا ڀٽو زرداري به سخت ردعمل ڏنو. آصفا ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم پارليامينٽ مان ڀڳو آهي، ڇو ته هو پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان ڪارروائي جو غير آئيني ۽ غير جمهوري معاملو عدالت ۾ اٿاريو ويندو ۽ اسان جو ايندڙ اسٽاپ سپريم ڪورٽ آهي. 03

خاتون اول جي ويجهي دوست فرح خان دبئي فرار

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ خاتون اول بشريٰ بي بي جي انتهائي ويجهو دوست فرح خان دبئي روانو ٿي وئي آهي جڏهن ته  پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳواڻن به ٻاهرين ملڪ روانگي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته فرح خان جو مڙس اڳ ئي دبئي ۾ موجود آهي، واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز گذريل ڏينهن ۾ بار بار فرح خان نالي عورت جو نالو ورتو ۽ هن تي ڪرپشن جو الزام هنيو،

جمهوري نظام لپيٽڻ ۾ عمران آمرن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو: فضل الرحمان

اسلام آباد( م ڊ) جي يو آءِ  ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمهوري نظام لپيٽڻ ۾ عمران خان آمرن کي به پوئتي  ڇڏي ڏنو . ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسيمبلي جي ڪارروائي آئين خلاف آهي، ڊپٽي اسپيڪر اهڙي رولنگ نه ٿو ڏئي سگهي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اهي ماڻهو آيا به ناجائز طريقي سان هئا، ويا به ناجائز نموني آهن. هن چيو ته 1988ع ۾ بلوچستان اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو، ٻئي ڏينهن ئي هاءِ ڪورٽ وياسين ته اسيمبلي بحال ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڇا هي اهو سرپرائز هو، جيڪو قوم کي ڏنو ويو. هن چيو ته ڪي پي جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ شڪست بعد انهن خزاني جا منهن کولي ڇڏيا. 03

نگران وزيراعظم ڪير؟ نئون آئيني سوال

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ بعد نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو ان باري ۾ نئون آئيني سوال  پيدا ٿي ويو آهي، قانوني ماهرن مطابق نگران وزيراعظم جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 224 اي تحت ٿيندي، صدر مملڪت عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائس تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي، وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ اسيمبلي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ڪندا، وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ اتفاق پيدا نه ٿيڻ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪميٽي جوڙيندو، ڪميٽي 8 ميمبرن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا 4،4 ميمبر شامل هوندا، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق تي پابند هوندي، ڪميٽي به اتفاق نٿي ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم جي اعلان جي پابند هوندي،

سپريم ڪورٽ عمران خان، فواد ۽ قاسم سوري جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگهي ٿي: قانوني ماهر

اسلام آباد(م ڊ) قانوني ماهر سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان، فواد چوڌري ۽ قاسم سوري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، فوج کي اسلام آباد جو ڪنٽرول ۽ اسد قيصر  کي ٻيهر اجلاس شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي، بيريسٽر محمد علي سيف چيو ته عدالت پارليامينٽ جي اندرين ڪارروائي نٿي ڏسي سگهي، شهباز ۽ حمزا جا ڪيس منطقي انجام تي ڇو نه پهتا، عرفان قادر چيو ته عدالت اسپيڪر جي انهن قدمن تي ايڪشن کڻي سگهي ٿي، بي اعتمادي دوران اسيمبليون نٿيون ٽوڙي سگهجن،

عمران خان پنهنجي حڪومت ختم ڪري پاڻ ئي عالمي سازش ڪامياب ڪري ڇڏي

ڪراچي (تبصرو: زلف پيرزادو) حڪومت ختم ڪرڻ ته  عالمي سازش هئي جنهن جو عمران خان لڳاتار ورجاءُ   ڪري رهيو هو، ان عالمي سازش  کي گڏيل مخالف ڌر نه پر عمران خان پاڻ ڪامياب ڪيو ۽  پنهنجي  حڪومت پاڻ ختم ڪري ڇڏي ۽ عالمي سازش جو هدف حاصل ڪري ورتو، اهڙو حڪمران عوام شايد پهريون ڀيرو ڏٺو  هجي، اصل ۾ عمران خان هر طرف کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ عوام کي روڊن تي اچڻ مظاهرا ۽ جلوس ڪڍي حڪومت بچائڻ جو سڏ ڏنو پر مهانگائي ۽ بيروزگاري کان بيزار ٿي ويل عوام توڙي پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان کي ڪابه موٽ نه ڏني نه ڪنهن شهر ۾ مظاهرو ٿيو نه ئي جلوس نڪتو، باغي ميمبرن کي واپسيءَ لاءِ منٿون ڪيون، اتحادين کي ايلاز ڪيا اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪيون پر کيس مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه حاصل   نه ٿيو نتيجي طور اقتدار جي هوس  ۾ هواس وڃائي ويٺو  ۽ آئين  ٽوڙڻ جهڙي ٻاراڻي  حرڪت  ڪري ويٺو آهي، جن مخالفن  مٿان آئين جي شق 6 تحت غداريءَ  جا ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪرڻ بابت  صلاح مشورا ڪري رهيو هو اهو ئي ڪم پاڻ ڪري ويٺو آهي ۽ هاڻي ٿي سگهي ٿو آئين جي شق 6 مٿس لاڳو ٿئي جيئن جنرل مشرف تي لاڳو ٿي هئي.

حڪومتي قدم پهرين کان لکيل اسڪرپٽ تحت ٿيا: ڪائره

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره حڪومتي قدمن کي پهرين کان لکيل/  اسڪرپٽ قرار ڏنو آهي، ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چوڌري سرور غيرآئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بي اعتمادي رٿ جي حمايت ۾ 197 ووٽ آيا، هڪ ووٽ اياز صادق جو هو جيڪو ڪائونٽ نه ٿيو، هن چيو ته سڄو اسڪرپٽ پهرين کان لکيل هو، اسان آئين مطابق پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته پاڪستان اهڙين حرڪتن جي سٽ نٿو سهي سگهي، عملي طور تي هن وقت ملڪ جو وزيراعظم ڪو به ناهي.

صدر، اسپيڪر ۽ وزيراعظم خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ٿي سگهي ٿو: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) ڪيترائي تنقيد ڪندڙ اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي کي پي ٽي آءِ لاءِ تباهه  ڪندڙ قرار ڏئي رهيا آهن پر پي ٽي آءِِ ۽ ڪجهه مبصرن جي خيال ۾ ان حڪومتي قدم سان پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو، ڪجهه ته دعويٰ ڪئي آهي ته ان قدم جي ڪري صدر، اسپيڪر ۽ وزيراعظم خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 به لاڳو ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي محمد اقبال خان آفريدي ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته بي اعتمادي جي حوالي سان عمران خان جو سازش جو بيانيو عوام ۾ مقبول ٿي ويو آهي، موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته ان سان پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو، پوري ملڪ ۾ آمريڪا مخالف جذبا عروج تي آهن، عوام مخالف ڌر کي غيرملڪي قوتن جو ايجنٽ سمجهي ٿو، ان سان يقينن اسان کي فائدو ٿيندو، ڪراچي سان تعلق رکندڙ تجزئي نگار ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته عمران خان جو مذهبي بيانيو کيس چونڊن ۾ فائدو پهچائي سگهي ٿو، عمران خان آمريڪا مخالف جذبن کي عوامي سطح تي مقبول بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري فوري چونڊن جي صورت ۾ فضل الرحمان جا ووٽر ڪي پي ۾ ميان نوازشريف جا ووٽر پنجاب جي گهڻن قدامت پسند حلقن ۾ عمران خان کي ووٽ ڏئي سگتهن ٿا، سياسي طور تي اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو، ن ليگ جي شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌر ان وقت تائين اسيمبلي ۾ ڌرڻو هڻندي جيستائين اهو غيرآئيني فيصلو واپس نه ٿي وڃي، مبصرن جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ عدالت ۾ ان معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي جڏهن ته اها عدالتي پليٽ فارم کي پنهنجي مخالفن خلاف پروپيگنڊا طور به استعمال ڪري سگهي ٿي ان خلاف پرزور انداز ۾ غداري جي دعويٰ ڪري سگهي ٿي، جنهن سان راءِ عامه پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ وڌيڪ هموار ٿي سگهي ٿي،

آمريڪا، ڀٽو ۽ اسٽيبلشمينٽ: عمران سان جيڪو ٿي رهيو آهي ڇا ڀٽو وارو اسڪرپٽ آهي؟ بي بي سي

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي گڏيل ڪوششن جي هڪ اهڙي داستان آهي جيڪا ڪيترن ئي لاهن چاڙها ڏسي هاڻي پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻ واري آهي، ان کان اڳ به ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ چونڊيل وزيراعظمن کي ڪڍڻ جون گڏيل ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، جيتوڻيڪ هن ڀيري نيوٽرل هئڻ جي بيانئي کي گهڻي اهميت حاصل آهي پر پاڪستان جي مخصوص حالتن ۾ اڪثر انهن ڪوششن کي پردي پٺيان طاقتن جي غيبي امداد هر ڀيري ميسر رهي آهي بي بي سي موجب جيئن عمران خان خط جو حوالو ڏئي پنهنجي حڪومت خلاف ٻاهرين سازش جو نشان ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان طرح جون دعوائون سياسي تاريخ ۾ ان کان پهرين به سامهون اينديون رهيون آهن، وزيراعظم عمران خان واضح طور اهو به چئي چڪو آهي ته پ پ جو موجوده شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هن جي بندوق جي نشاني تي آهي اهو ئي هن جو پهريون نشانو هوندو، پر اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄ عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ جيڪا پ پ خاص طور تي پيش پيش آهي خود ان جي پنهنجي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۽ هن جي اقتدار جي خاتمي لاءِ به ” گڏيل مخالف ڌر“ ئي ڀرپور مهم هلائي هئي، ملڪ کي 1973 ع جو پهريون متفق آئين ڏيندڙ ۽ سياست کي ايوانن کان ميدانن تائين آڻڻ واري ذوالفقارعلي ڀٽو کي به بلڪل عمران خان وانگر ئي رڳو ساڍن ٽن سالن کانپوءِ ئي هڪ پاڪستان نيشنل الائنس(پي اين اي) جي صورت ۾  گڏيل مخالف ڌر جي گڏيل مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو،5 جنوري تي 1977ع تي قائم ٿيندڙ پي اين اي جي ان اتحاد ۾ مولانا فضل الرحمان جي والد مفتي محمود جي جي يو آءِ، ابوالاعليٰ مودودي جي جماعت اسلامي، مولانا شاهه احمد نوراني جي جمعيت علما پاڪستان، اختر مينگل جي والد عطاءُ الله مينگل جي بلوچستان نيشنل پارٽي، عبدالقيوم خان جي مسلم ليگ(قيوم) پير پاڳاري ۽ جي ڊي اي جي موجوده سربراهه سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي والد شاهه مردان شاهه جي مسلم ليگ فنشڪنل، نوابزاده نصرالله خان جي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ اصغر خان جي تحريڪ استقلال شامل هئي، جيئن اڄ هر طرح جي سوچ رکندڙ مرڪز پسند، وطن پرست، قومپرست، جمهوريت پسند ۽ مذهبي پارٽيون پنهنجي سموري نظرياتي فرق باوجود هڪ نڪتي يعني عمران خان جي مخالفت ۾ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ آهن بلڪل اهڙي طرح پي اين اي جي جوڙجڪ به رڳو ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ٿي هئي سڀ جماعتون هڪ ئي نڪتي تي گڏ نظر اچي رهيون هيون ته جنهن قيمت تي به ٿئي ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار مان ڪڍيو وڃي، سياسي هڪ جهڙائي طور عمران خان ۽ ڀٽو جي دور ۾ هڪ گڏيل قدر او آءِ سي جي ڪانفرنس به چئي سگهجي ٿي، 22 مارچ 2022ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو هو بلڪل اهڙي طرح 22 فيبروري 1974ع تي او آءِ سي جو سربراهه اجلاس لاهور ۾ ان وقت منعقد ٿيو هو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، ذوالفقار علي ڀٽو خلاف پي اين اي تحريڪ جو تجزيو ڪندي صحافي مظهر عباس چيو ته جنهن وقت 1974ع جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي مقبوليت عروج تي هئي، او آءِ سي ڪانفرنس هو اهو ڪارنامو به هن پوري مخالف ڌر کي گڏائي انجام ڏنو، هن چيو ته چين جي ان وقت جي وزيراعظم چو اين لائي به ذوالفقار علي ڀٽو کي مشورو ڏنو هو ته نيشنلائزيشن جي پاليسي لاڳو ڪرڻ ۾ تڪڙ کان پاسو ڪيو وڃي، هڪ ته ان وقت حڪومت ۾ ان عمل کي انجام ڏيڻ لاءِ اهل ماڻهو موجود ناهن ٻيو ان ڪوشش ۾ ملڪ جو صنعتڪار طبقو به ڀٽو خلاف ٿي ويو، جيتوڻيڪ ڀٽو ڪميونسٽ نه هو پر ڪجهه حلقن ۾ اهو تاثر بڻجي ويو ته هو ڪميونزم جو رستو اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اڪيلي ۽ پنهنجي آڌار تي سياست ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڀٽو صاحب کي پنهنجي مقبوليت جو اندازو ٿيو ۽ اهو اندازو غلط به نه هو، ان مقبوليت جي پيش نظر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪجهه مشيرن کيس ايندڙ مدي لاءِ به وزيراعظم بڻجڻ لاءِ وقت کان اڳ چونڊن جو مشورو ڏنو ته جيئن وڌيڪ اڪثريت سان ٻيهر چونڊ عمل ڪاميابي حاصل ڪري وڌيڪ طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ سان گڏوگڏ ڊگهي مدي وارو اقتدار به حاصل ڪيو وڃي، ڀٽي وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو، پي اين اي ڀٽو خلاف تحريڪ هلائي ۽ اڄ ئي وانگر عمران خان جي حڪومت خلاف مهانگائي ، غربت ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي اجاگر ڪري حڪومت مخالف سياسي فضا قائم ڪئي وئي، 1970جي قيمتن تي واپسي هڪ مقبول سياسي نعرو بڻجي ويو، پر نفاذ شريعت جو نعرو سڀني بيانئن تي ڇائنجي ويو، مظهر عباس چيو ته پوءِ جڏهن تحريڪ هلي ته اڄ ئي وانگر حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جلسن، جلوسن ۽ مظاهرن سان زبردست سياسي فضا بڻائي ڇڏي، شاهراه فيصل تي هڪ اصغر خان جلوس ڪڍيو ته ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو ٻنهي ۾ زبردست عوامي حاضري هئي، ڪيترن ئي تجزئي نگارن،دانشورن ۽ ان وقت جي اخبارن مطابق پي اين اي بي شڪ جلسا جلوس زبردست ڪڍيا ۽ شهري علائقن ۾ عوامي ميڙ به زبردست ٿيا پر اهو اتحاد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو عروج يا چونڊ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو، ڀٽو جي پ پ 216 مان 155 سيٽن تي فاتح رهي جڏهن ته پي اين اي رڳو 36 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي، پي اين اي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو بيانئو اختيار ڪيو، سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو، اخبارن مطابق پنهنجي صلاحڪارن جي مشوري تي ڀٽو پي اين اي سان ڳالهيون ڪيون ۽ ممڪن هو ته ڪنهن نتيجي تي پهچن ته اوچتو پي اين اي رڳو هڪ نعرو اختيار ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار کان الڳ ٿي وڃي پر ڀٽو جي هڪ ويجهي ساٿي ڊاڪٽر مبشر حسن جي مداخلت، تجريبڪاري ۽ ڳالهين جي زبردست صلاحيت جي ڪري جون 1977ع ۾ آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پي اين اي جي ڳالهين ۾ هڪ بهتر سياسي حل لاءِ گڏ هلڻ جي نتيجي ۾ ٻئي ڪنهن سمجهوتي تي صحيح تي پهتا، اخبارن مطابق پنج جولاءِ 1977ع جي تاريخ به مقرر ڪئي وئي پر پي اين اي جي ڪجهه اڳواڻن اوچتن ڳالهين ۽ ٺاهه تي پنهنجي خدشن جو اظهار شروع ڪري ڇڏيو ان دوران ڀٽو بدنام زمانه فيڊرل سيڪيورٽي فورس ۽ نيم فوجي اداري رينجرز جي مدد سان سياسي مخالفن کي طاقت سان چٿڻ جو فيصلو ڪيو، مظهر عباس چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اها بنيادي غلطي ڪئي ته پنهنجي سياسي مخالفن کي رياستي طاقت سان دٻائڻ چاهيو، هن چيو ته گهڻا ماڻهو اهو به چون ٿا ته ڪيترن ئي سينئر فوجي جنرلن کي نظرانداز ڪندي جنرل ضيا الحق کي آرمي چيف طور مقرر ڪرڻ به ڀٽو جي زوال جو هڪ اهم سبب هو ۽ ان غلطي حقيقت ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، پ پ اڳواڻ تاج حيدر چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف اها سياسي محاذ آرائي نه رڳو فوجي اسٽيبلشمينٽ جو فيصلو هو نه ئي رڳو مقامي نوعيت جي ڪارروائي، ڊالر سستو ٿيو ته آمريڪي سامراج عوامي طاقت کان ڊنل هو، ڀٽو صاحب کي عالمي کلاڙين اقتدارکان محروم ڪيو، پاڪستان سوشلزم جو مرڪز ۽ سامراج دشمني جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو ، جيڪا اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي هئي اها سامراجيت خلاف هئي، پاڪستان جي مذهبي لابي ۽ اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي ئي اثر هيٺ ڪم ڪري رهي هئي ، هن چيو ته مون کي ته بعد ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر غفور چيو ته اسان کي ته پري پري تائين خبر نه هئي ته ڀٽو کي سياسي منظر تان هٽائڻ پٺيان ڪير ڪير هو، اسان ته سمجهي رهيا هئاسين ته ملڪ ۽ قوم لاءِ اهو ڪري رهيا آهيون، جيئن عمران خان مغربي طاقت کي پنهنجي اقتدار خلاف سازش جو ذميوار قرارڏئي رهيو اهي بلڪل ائين ئي پ پ به جنرل ضيا جي قيادت ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت ۽ ڀٽو کي هٽائڻ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو هو، جيئن اڄ به آمريڪا عمران خان خلاف سياسي ڇڪتاڻ يا بي اعتمادي کان لاتعلقي جو اظهار پنهنجي ترجمان (نيڊپرائس) ذريعي ڪيو آهي بلڪل ائين ئي ان وقت به آمريڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار کان محرومي ۾ پنهنجي ڪنهن به ڪردار کان کليل نموني نفي ڪئي هئي، مظهر عباس چيو ته پي اين اي جي تحريڪ جي باري ۾ پاڪستاني ڳجهي اداري جي ڪجهه اڳوڻن عهديدارن به لکيو ته آمريڪا کان ” نظام مصطفيٰ تحريڪ“ ڊالرن جي بارش ٿيڻ لڳي هئي ، تاج حيدر چيو ته اسٽيبلشمينٽ جا آمريڪا اسان لاڳاپن جون ڪڙيون تمام پراڻيون آهن، لياقت علي خان ۽حسين شهيد سهروردي ٻنهي آمريڪا کان فوجي امداد ورتي، ان سان آمريڪي سامراج ۽ پاڪستان جي دفاعي قوتن وچ ۾ هڪ تعلق قائم ٿيندو ويو، اهو تعلق پوءِ ان قدر گهرو ٿيو ته پاڪستان ايئر فورس کي جيڪڏهن ڪنهن اسپيئر پارٽ جي به ضرورت پوندي هئي ته اهو به اتان وٺڻو پوندو هو ۽ شرطن سان گڏ وٺڻو پوندو هو، مظهر عباس چيو ته پي اين اي جي تحريڪ جي شروعات به فوجي اسٽيبلشمينٽ جي چرچ تي ٿي، ضيا مارشلا مڙهي ته دانشورن الطاف حسين قريشي، مجيب الرحمان شامي، مصطفيٰ صادق، مولوي صلاح الدين وغيره سڀني جنرل ضيا کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو، انهن ضيا کي چيو ته ڀٽو صاحب چونڊن ذريعي واپس اچي ويو ته وڏو مسئلو ٿي ويندو. هن چيو ته جنرل ضيا چونڊن کي التوا ۾ وجهي ڇڏيو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءُ کي سمجهوتو ڪري اقتدار ۾ اچڻو پيو

نيون چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون: فرخ حبيب

اسلام آباد (م ڊ) فرخ حبيب چيو آهي ته نيون چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون. هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مخالف ڌر ۽ منحرف  ميمبرن کي مخاطب ڪيو ۽ چيو ته غدار ۽ ضمير فروش عوام ۾ اچو، ٻاهرئين سازشن ۽ بند ڪمرن مان ٻاهر نڪرو.  هن چيو ته هاڻي توهان کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين،فرخ حبيب چيو ته ڪيئن لڳو سرپرائيز، ڪنهن به صورت ۾ غداري جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن جنهن سرپرائيز ڏيڻ جو چيو هو هي سرپرائيز پلس آهي، ٻاهرئين قوت جي اشاري تي سازش تحت حڪومت ڪيرائڻ آئين جي منافي آهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر ان غيرآئيني قدم تحت بي اعتمادي جي رٿ کي رد ڪري سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سرپرائيز سان غدار پريشان ۽ عوام خوش ٿي وئي آهي

عمران 15 ڏينهن وزيراعظم رهندو، صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ گهرجن: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن عمران خان کي مقبول بڻائي ڇڏيو، ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان ٻه ڀاڱي  ٽي اڪثريت ووٽن سان چونڊجندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هڪ مهيني کان چئي رهيو هئس ته چيري بلاسم وارن جون شيروانيون نيڪرون بڻجنديون، پاڻ ته اهي ان قابل نه رهيا ته پنهنجي تڪن ۾ وڃي سگهن، انهن 18،18 ڪروڙ رپيا ورتا اهي پناهگاهن کي ڏئي ڇڏين، هن چيو ته ٽي تجويزون هيون، ان ۾ وڏن جي راءِ به شامل هئي، نين چونڊن لاءِ مان ٻن مهينن کان روئي رهيو آهيان، مان ته ايمرجنسي جي ڳالهه ڪندو هئس، وزيراعظم راءِ رد ڪئي، پوءِ گورنر راڄ جو به وزيراعظم جو خيال هو ته ختم ٿي ويندو، سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊن جو رستو اختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ خوشي پاڪستان ۾ محسوس ڪئي پئي وڃي، خاص طور تي هندستان ۾ ماتم جون صفون وڇائجي ويون آهن، ڀارت جا 72 چئنل ماتم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اها منهنجي خواهش هئي ته حج کانپوءِ اليڪشن ٿي وڃن، منهنجي خواهش هئي ته صوبن ۾ به اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، اڃا وزيراعظم ان تي ڪو فيصلو ناهي ورتو، هن چيو ته قانون مطابق 15 ڏينهن عمران خان وزيراعظم رهندو، مون پننجي آفيس ڇڏي ڏني آهي، عدالت جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اکين تي هوندون، مون کي اندازو آهي ته مريم بي بي تي ڇا گذري رهي هوندي، نوازشريف لاءِ پاسپورٽ حاضر آهي، اچي وڃي

نگران وزيراعظم لاءِ غدارن کان نالا گهرڻ غداري ناهي؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نگران  وزيراعظم مقرر ڪرڻ لاءِ نالا غدارن کي موڪلڻ جو فيصلو  ڪيو آهي، هڪ طرف گڏيل مخالف  ڌر جي اڳواڻن کي غليظ لقب ڏيڻ کانپوءِ  پرڏيهي ايجنٽ ۽ غدار جا لقب ڏنا هاڻ انهن ئي غدارن کي نگران وزيراعظم مقرر ڪرڻ لاءِ نالا موڪلي رهيو آهي ته  ڇا ڪنهن غدار کي نگران  وزيراعظم ڪرڻ غداري ۽ بغاوت نه آهي.

عمران خان ملڪ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو:قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي آئيني ۽ سياسي بحران طرف وٺي ويو آهي. هن ملڪ جي قانون ۽ آئين بدران پنهنجي مرضي ۽ منشا تحت فيصلا ڪرايا آهن.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير قانوني ۽ غير آئيني هئي. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سميت هن ۾شامل سمورن فردن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ان ۾ صدر عارف علوي ۽ عمران خان کي به شامل ڪيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن  قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي کڻندڙن خلاف قدم نه کنيو ويو ته ملڪ اندر جمهوريت هلي نه سگهندي نه وري ملڪ جو ڪو بهتر مستقبل ٿي سگهندو. هن چيو ته عمران خان مان چڱائي جي اميد رکڻ اجايو آهي، هو مڪمل طور غير سياسي ۽ غير مهذب ماڻهو آهي، جيڪو ذاتي ضد ۽ انا لاءِ ملڪ کي ڪنهن حد تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، کيس ڪلهي تي کڻي آڻڻ وارا هاڻي خود شرمسار هوندا. عمران خان جي  اهڙن غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن سان ملڪ اندر جمهوري نظام خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ ملڪ اندر انارڪي ۽ خانه جنگي ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن غير آئيني قدم کڻندڙن خلاف فوري طور  سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

عمران خان پنهنجي مٿان آپگهاتي حملو ڪيو: مريم نواز

اسلام آباد(م ڊ)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قاسم سوري طرفان وزيراعظم عمران خان خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ رد ٿيڻ کان پوءِ  مريم نواز جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.مريم نواز پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پنهنجي ڪرسي کي بچائڻ خاطر پاڪستان جي آئين جي شڪل بگاڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته هن ڏوهه تي جيڪڏهن ڪنهن چرئي ۽ جنوني ماڻهو کي سزا نه ڏني وئي ته اڄ کان پوءِ هن ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هلندو، هن چيو ته طاقت جي نشي ۾ ڌت عمران خان اڄ پنهنجي مٿان آپگهاتي حملو ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان جو ڊرامو ۽ ڪهاڻي هاڻي هميشه لاءِ ختم ٿيندي، انشاءَ الله

اياز صادق اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهي رهيو، بي اعتمادي تي 197 ووٽ

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس ختم ٿيڻ تي گڏيل اپوزيشن اياز صادق کي اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهاري پنهنجو اجلاس ڪوٺايو ۽ 197 ميمبرن جي حمايت سان بي اعتمادي رٿ منظور ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ اپوزيشن ميمبرن بئنچن تي ڌرڻو هنيو، جنهن جو انگ 190 کان وڌيڪ هو. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ اپوزيشن ايوان ۾ پنهنجو اجلاس شروع ڪري ڇڏيو ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اياز صادق اسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺو ۽ ان ظاهري طور اجلاس جي اسپيڪر شپ سنڀالي. فرضي اجلاس ۾ اياز صادق مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي شهباز شريف چيو ته 14 ڏينهن اندر بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻي هئي، اسان او آءِ سي ڪانفرنس جي ڪري پنهنجو لانگ مارچ ملتوي ڪيو پر حڪومت کي ڪهڙي پريشاني هئي جو 14 ڏينهن ۾ به رٿ تي ووٽ نه ڪري سگھي، عمران نيازي ۽ سندس ساٿين آئين ٽوڙيو ۽ اهي آرٽيڪل 6 جي پڪڙ ۾ ايندا، اسپيڪر خلاف به آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ٿيندي.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هال جون لائيٽون بند ڪيون ويون، جن کي ٻيهر آن ڪيو ويو، اياز صادق اپوزيشن ميمبرن کي لابي ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني، ان بعد اياز صادق ايوان کي هلايو ۽ بي اعتمادي رٿ تي ووٽ شروع ڪرائي، جيڪا 197 ميمبرن سان منظور ڪئي وئي.03

ڪپتان واقعي سرپرائز ڏنو آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته معاملو هاڻي عدالت ۾ هليو ويو آهي ۽ عدالت ئي فيصلو ڪندي، ڪپتان چيو هو ته سرپرائز ڏيندس هن يقينين سرپرائز ڏنو آهي، اسٽي آرڊر نٿو ٺهي، ڇو ته حڪومت جو عمل جاري رهي ، وڪيل ضرور تياري ڪري ايندا،اٽارني جنرل کي به گهرايو ويو آهي، هن چيو ته  شايد عدالت اهو به چئي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن،

روزانہ عوامي آواز جي ٿورن سان

وڌيڪ پڙھو

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

سيالڪوٽ: (ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سيالڪوٽ جي سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ بنا اجازت جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published.