عدالتي فيصلا ملڪي صورتحال جي سگيني-هوت خان گاڏهي

پاڪستان جي گذريل سموري اقتداري تاريخ تي سنجيده نظر وجهڻ سان چٽي معلومات ملي ٿي ته اصل ۽ مستقل حڪمراني ڪندڙ ڌريون. ملٽري سول بيورڪريسي. عالمي بااثر قوتون ۽ سول حصيداري رکندڙ قوتون. ملڪ اندر پنهنجي اندروني اقتداري حصي پتي وارن اختلافن جي بنياد تي ملڪ ۾ هٿرادو بحراني ڪيفيت پيدا ڪندا آهن ۽ عوام کي اليڪٽرانڪ ميڊيا. پرنٽ ميڊيا. سوشل ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان هيجان ۾ رکندا آهن. ۽ ان بحران جو اختمام بظاهر وڏين خوش خبرين تي پر اصل ۾ ۽ اندروني طور وڌيڪ عوام دشمن. جمهوريت دشمن ۽ آپيشاهي قوتن جي حاڪميت. ۽ مفادن جي تڪميل تي ٿيندو آيو آهي..
گذريل هفتي مولانا فضل الرحمان صاحب جي اسلام آباد ۾ هنيل ڏهن ڏينهن جي ڌرڻي جو اختتام ۽ پلين بي تحت ڪيل روڊ بلاڪ ڪرڻ جو وارو عمل جو خاتمو ٿيو آهي. مولانا فضل الرحمان ۽ جمعيت علماء اسلام جي تاريخ. جاگرافي ۽ پروگرام ۽ سڄي زندگي جي سياسي سفر کان ڪير واقف ناهي وري سوني تي سهاڳو ته ڌرڻي جو اختتام چوڌري برادران جي هٿ تي ٿيو ۽ چوڌري برادران جي سياسي تاريخ جي به سڀن کي ڄاڻ آهي ۽ کلي طور اهو چوندا رهيا ته اسين ڪنهن جي نمائندگي ڪندي اسان مولانا فضل الرحمان سان ڳالھيون ڪيون ۽ ڪنهن جي ڏنل ضمانتن ۽ ڪهڙين ضمانتن تي مولانا صاحب کان ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن جو ذڪر هن وقت مولانا صاحب کلي عام ۽ برملا اظهار ميڊيا ۽ جلسن ۾ ڪندو رهي ٿو. هي ساڳيا چوڌري برادران آهن. جن نواز شريف حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ عمران خان ۽ علاما طاهرالقادري جو اسلام آباد ۾ هنيل ڌرڻو ختم ڪرايو ھو ساڳين قوتن جي ضمانت تي ۽ عمران خان کي اقتدار تائين پهچايو ۽ نواز شريف ۽ زرداري کي جيل جي ڪوٺين تائين پهچايو نتيجي ۾ زرداري ۽ نواز جهڙين ڪرپٽ حڪمرانن مان جان آجي ڪرائي عمران جهڙو جاهل نااهل عوام دشمن. جمهوري روايتن کان انڪاري اصل ڌڻين جي وڌيڪ تعبيداري ڪندڙ ملڪ مٿان ان ٽيم سان ليس ڪري اقتدار تي رسايو جيڪا ٽيم عالمي ۽ ملڪي عوام دشمن قوتن جا ڄائي ڄم کان خدمت گار رهيا آهن هي ساڳيا چوڌري برادران آهن جيڪي شهيد بگٽي ۽ لال مسجد اسلام آباد واري واقعي ۾ به سهولت ڪاري وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن.
ڪلھ حڪومت جي وزير قانون ايم ڪيو ايم جي وزير فروغ نسيم جيڪو پرويز مشرف جو پراڻو اتحادي ۽ منظور نظر رهيو آهي ان پنهنجي نگراني ۾ ڪورٽ طرفان پرويز مشرف طرفان آئين ٽوڙڻ واري ڪيس جو 28 نومبر تي اچڻ واري فيصلي روڪائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. اڄ ٻارهين وڳي سپريم ڪورٽ طرفان سپريم ڪورٽ طرفان جناب جنرل قمر باجواجي ٽن سالن لاءِ موجوده حڪومت طرفان سروس ۾ ڪيل ٽن سالن جي واڌ وارو آرڊر عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو. ان نوٽيفڪيشن جي معطلي واري حڪم ۾ عدالت سڳوري جيڪي جواز ڄاڻايا ويا آهن انھن کي ڏسي کل ٿي اچي ته ملڪ مٿان حڪمراني ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جو انداز ڪهڙو آهي آھي. سوني تي سهاڳو ته وري وفاقي وزير تعليم شفقت محمود جي پريس ڪانفرنس آهي جنهن ۾ هن ملڪ سان لاڳاپيل انهن ايمرجنسي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن تحت جناب جنرل باجواجي سروس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ۽ وري مٿان وزير قانون فروغ نسيم جي استعيفا اچي وئي جنهن لاءِ به کل جهڙا جواز وري ريلوي جي وزير شيخ رشيد اچي پريس اڳيان پيش ڪيا. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته چيف جسٽس سعيد کوسا صاحب جو هي پهريون ورتل ازخود نوٽيس آهي جيڪو ان وقت فوري طور ورتو ويو جنھن وقت جنرل باجوا آرمي چيف جي وڌايل مدي خلاف درخواست ڏيندڙ وڪيل پنهنجي درخواست واپس وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو ته ان درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ يا واپسي واري درخواست منظور ڪرڻ بجاءِ ڪورٽ سڳوري اهڙو فوري طور ڪيس ازخود نوٽيس ۾ تبديل ڪري ورتو.
اڄ ئي تڪڙ ۾ سڏايل مخالف ڌر جي آل پارتيز ڪانفرنس ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ماضي جي روايتن خلاف بلاول ڀٽو زرداري صاحب پاڻ شريڪ ٿيو آهي ۽ اڳواٽ پارٽي کان اختيار به وٺي ايو ته اي پي سي ۾ جيڪو ٿيندو ان ۾ هر حال ۾ شريڪ ٿبو هڪ بااثر صحافي رات پنهنجي پيج تي رکيو ته 30 نومبر تي پ پ جي رکيل يوم تاسيس جي تقرير مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي گڏيل ٽيم تيار ڪئي آهي ۽ ان ۾ وڌ کان وڌ لفظ سليڪتد وزير اعظم هوندو ۽ مک گهر نين چونڊن جي هوندي رات مون اها صحافي جي رکيل خبر بلڪل نارمل سمجهي پر جڏهن اي پي سي جا فيصلا ظاهر ڪيا ويا ۽ اڄ جون سموريون سرگرمين کي سامھون رکيو ته صورتحال واضح ٿي وئي
گذريل ويهن ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سرگرمين تي نظر وجهڻ سان جنهن ۾ حڪومتي اتحادين. چوڌري برادران جون سرگرميون ۽ بيانيو. ايم ڪيو ايم جو. اختر مينگل ۽ جي ڊي اي جون سرگرميون ۽ بيانيو. عمران خان جنرل باجواجي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ عمران خان جو موڪل تي وڃڻ ۽ ملاقات ۾ تلخي ٿيڻ جون خبرون ٻاهر نڪرڻ جنرل باجوا صاحب جو ايران. چين جو تڪڙو دورو. سي پيڪ منصوبي جي ڪمان حاضر سروس جنرل جو مقرر ٿيڻ ۽ عمران خان جو واپسي تي اختيار ڪيل لهجو ۽ باجوا صاحب جي ايڪسٽينشن ۽ نئين آرمي چيف طور نون نالن جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ انهن سمورين ڳالهين کي جوڙي ڏسڻ سان هڪ ڳالھ بلڪل واضح آهي ته بحران هڪ ڌر يا هڪ جاء تي ناهي بحران گھڻين ڌرين جو اندروني به آهي ته اقتداري ٽرائڪا جي وچ ۾ به ساڳي وقت معاشي. علاقائي ۽ عالمي پڻ ان ڪري ان جو حل به گهڻ طرفو ۽ پيچيده پڻ صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جا واڳ ڌڻي ملڪ جي اصل خرابيون جيڪي سندن شعوري منصوبي ۽ خصوصي مفادن جي حاصلات تحت پيدا ڪيل آهن انهن جو جائزو وٺي ڪيل فيصلن تحت ٿيل ملڪي تباهڪارين جو نيڪ نيتي سان جائزو وٺي ملڪ جي اصل مسئلن مان نڪرڻ ۽ عوام لاءِ ڪا بهتري جي بنياد رکڻ طرف ويندي نظر نٿا اچن.
بنيادي سوال آهي بحران مان اڳتي نڪرڻ جا حڪمرانن وٽ ساڳيا آپشن آهن.

  1. هن وقت موجوده پوزيشن ۾ موجود رجيم جي حصي پتي پگهار ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار ڪري. ۽ سول. ملٽري. عالمي قوتن جي اندروني تضادن ۾ ساڳي سسٽم کي برقرار رکڻ.
  2. پارليامينٽ اندر انگ اکرن ۾ ڦير ڦار آڻي پارليامينٽ ذريعي تبديلي آڻڻ..
  3. گڏيل تيڪنوڪريٽ حڪومت جو قيام.
  4. ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرن لاءِ قانون سازي وارو رستو اختيار ڪرڻ ۽ ايندڙ وقت ۾. صدارتي نظام تحت. يا موجوده اسيمبلي کي گڏيل اڪثريت راءِ سان تحليلي طرف وٺي نيون چونڊون ڪرائڻ.
  5. , پياري هم وطنو. اسلام عليڪم
    ……… هوت خان گاڏهي ………..

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …

Leave a Reply

Your email address will not be published.