عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي

پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو

تنھنجا ويڙھا ء وستيون سدا پيا وسن،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن

بي لڄن لالچين تنھنجو سودو ڪيو،
توکي ڪرسيءَ جي لالچ ۾ وڪڻي ڇڏيو،
ماء وڪڻي به لڄ ڪين آئي لچن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

جن کي انصار بڻجي تو جايون ڏنيون،
تن چڪن سان تنھنجون ئي ٻوٽيون ڇنيون،
لوڻ کائي لڄ ڪين آئي بي لڄن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

تنھنجي کيتن تي ڌارين جا قبضا ٿيا،
نالي اسلام جي توسان دوکا ٿيا ،
توکي پيرن، وڏيرن ڦريو ء ملن
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

تنھنجا سانگي ھوا سخت سڪرات ۾ ،
تنھنجا مارو ھا واڳن سندي وات ۾ ،
توکي شب روز کاڌو ٿي مانگر مڇن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

تنھنجي ٻوليء تي ڌارين جي يلغار ھئي
تنھنجي لوليء تي گوليء جي وسڪار ھئي،
سر ڏيئي ساک تنھنجي بچائي ٻچن،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

رياض ميمڻ جئي،ڀيڻ اختر جئي،
شال اقبال،يوسف ۽ قادر جئي ،
جن جي سختيون سھي آ ورايو وطن،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا .

تنھنجا ھوشو ،درياء خان دودا جيئن،
توتي صدقي ٿين،توتي قربان ٿين ،
سن جو سائين ،قريشي ء حيدر جيئن،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن .

آ مبارڪ جو ٻيھر تون آزاد ٿئين ،
پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي وري شاد ٿئين،
تنھنجي ڌرتيءَ تي سارنگ ٿا ساٺ ڪن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن .

تون جو واپس ملين مون کي جنت ملي،
منھنجي دل جي مئل آھ مکڙي کلي ،
تنھنجا مارو خوشين مان پيا ناچ ڪن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن .

تنھنجا مورا، ڇلا ۽ جمالا جيئن ،
بيت ،لوڙائو ،ڪافيون ء لاڏا جيئن،
توتي ھر دم محبت جا ميلا مچن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا .

تنھنجي سر تي ڀٽائيء جو سايو رھي،
تنھنجي ٻچڙن جو لايو سجايو رھي ،
تنھنجي کيتن تي کنوڻيون سدا کيج ڪن،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

توتي رحمت سندي شال برسات ٿئي،
تنھنجي ڌرتيءَ تي ڪڏھن نه شل رات ٿئي،
تنھنجا ويري مرن ۽ مري مات ٿئين ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا .

منھنجا مٺڙا وطن شال آباد ٿئين،
ھر طرح ھي غلاميء کان آزاد ٿئين،
توتان قربان گدائي ڪري جان و تن ،
منھنجي سک جا چمن سنڌ پيارا وطن.

           2

خبردار ھاري جو ڀوتار آيا
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
ورھين بعد تو وٽ وري يار آيا،
سگھڙن بکين جا کڻي بار آيا،
کڻي سبز نوٽن جا انبار آيا ،
ڌتارڻ وري توکي زردار آ يا،
خبردار ھاري………

وٺي پير مرشد ۽ قرآن آيا،
خريدڻ غريبن جو ايمان آيا،
بکين جي درن تي لنگھي خان آيا،
سگھڙن جي پيرن تي پڳدار آيا،
خبردار ھاري………

اھي جن اوھان کي ڍگي جان وھايو،
اھي خون جن آ اوھان جو سڪايو ،
اھي جن اوھان کي آ جاھل بڻايو ،
اھي اڄ اوھان جا ٿي غمخوار آيا،
خبردار ھاري جو ………

ڏٽا جن ڏنا ھا،وفادار ٿيندا،
سدا سور ڀائي ۽ غمخوار ٿيندا،
غريبن جا همدرد ۽ يار ٿيندا ،
ڦري سي غريبن جا غدار آيا
خبردار ھاري………

اڳي آزمائيہ ھي ڪوڙا قرآني،
انھن کان اڳي ڀي ٻڌي لن تراني،
کسي آ اوھان کان انھن ئي ته ماني،
بڻي اڄ جي ھاري جا حقدار آيا،
خبردار ھاري……..

گدائي جي گفتن تي ويچار ڪر تون،
پلائڻ ۽ پيسن تي ھرگز نه مر تون ،
جو ٻٻرن کان ٻيرن جو وٺندين نه ڦر تون،
وڃائج نه اڄ ووٽ پنھنجا اجايا
خبردار ھاري جو ڀوتار آيا،
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

3
سو سج اڀاري وينداسين

ھيء رات کٽڻ تي آئي آ باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي ھيء سينڌ سنواري وينداسين.

جي ناء پراڻي آھ ته ڇا،طوفان به جي آ ساگر ۾ ،
پر پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي ھيء پار اڪاري وينداسين.

ھي رات اڙانگي اوکي آ،۽ روھ جبل ڀي راھن ۾ ،
پر پيار وطن سان پختو آ،سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين

آ تڙ تڙ تي طوفان متل،دم دھشت ڀي آ درياء ۾ ،
پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي،اڄ ٻيڙي تاري وينداسين.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر،پر پنھنجي رت جو تيل ڏئي،
ھر موڙ مٿان آزاديءَ جي ھڪ مشعل ٻاري وينداسين.

ڳھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ نه آ،ھي محلون آھن مڙسن لئه
ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦٽي ھي منزل ماري وينداسون
سڀ راز اوھان جي طاقت ۾ آ يار سمايل ايڪي ۾ ،
جي ڇڙ ڇڙ گابا ٿينداسين،ھيء بازي ھاري وينداسين.

ھيء جان ته اچڻي وڃڻي آ،ھڪ ڏينھن ته آخر مرڻوآ
پر ويندي ويندي پوين لئه ڪا واٽ سنواري وينداسين.

ھي آھ ڀٽائي جي ڌرتي ھت اونده مور نه اچڻي آ،
ھت پنھنجي رت جو ريج ڏئي سو سج اُڀاري وينداسين.

سڀ راز اوھان جي طاقت جو آ يار سمايل ايڪي ۾
جي ڇڙ ڇڙ گابا ٿينداسين،ھيء بازي ھاري وينداسين.

آنيٺ گدائي مرڻو پر ھي ساھ سنڌين ۾ آ جيسين،
ھت حب وطن جو پوين ۾ ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

4

اگر بخت بگڙيو سنواري ڇڏيوسين،
سڄو وقت کلندي گذاري ڇڏيوسين.

مري دل جي مکڙي جي وئي ته ڇا غم ،
وطن جو ته گلشن سنواري ڇڏيوسين.

نه وانجھي رکيو سون شراب محبت،
پياسو جي آيو ته پياري ڇڏيوسين.

ھئي زنده و تقوي تي زاھد کي دعوي،
مگر کيس ڪنھن پر پياري ڇڏيوسين.

وسامي وئي شمع گر زندگيء جي
ھزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.

وڙھي تيز طوفان ۽ موجن سان ھمدم
وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين .

سمايو جڏھن درد انسان جي دل ۾ ،
غم عشق جانان وساري ڇڏيوسين.

خوشيون زندگيء جون کسيون ويون جڏھن کان،
ته پوء خواھشن کي به ماري ڇڏيوسين.

سفر زندگيء جو ڪٺن ھو گدائي ،
بحر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين

5

اڃا رات آھي ،نہ آيو سويرو،
اڃا دور منزل،اڃا دور ديرو .

مسلط فضائن تي راڪاس جنگي،
اڃا امن وارو نه ڦڙڪيو ڦريرو .

اڃا آدمي آدمي تي مسلط
اڃا پنڌ انسانيت جو پريرو.
سسئي پئي رڙي ٿي اڃا روہ بر ۾ ،
پنھل جو اڃا ڪين ڏسجي ٿو پيرو.

لکين لاڏليون ٿيون وڪامڻ ھٽن تي،
اڃا عصمتن کي لٽي ٿو لٽيرو .

عمر ڀي اڪيچار ۽ ماريون ڀي،
اڃا باز ڏاڍو ۽ ڪمزور ڳيرو .

اڃا صنف نازڪ ستائي وڃي ٿي،
اڃا مرد جو مرتبو آ مٿيرو .

فقط ٿوري ھمت ۽ محڪم ارادو،
نظام تشدد ۾ آڻيندو ڦيرو .

نه گھٻراء ھمدم ! سحر دور ناھي !
اجھو دور اوڀر کان اڀريو سويرو .

6
اي بخت ڀريا شعبان ادا ،
ھي ڇاٿو چوين،ڪجھ سوچ ذرا؟
ٿودرس ڏئين ڪمزوريءَ جو ،
ھيء ڪھڙي يار نصيحت آ،
يا قول سياڻن جو شايد ،
اي بخت اوھان کي ياد نه آ،
الخاموشي آ نيم رضا،
ڇو ڪجھ نه ڪڇون خاموش رھون؟
خاموش رھڻ مان ڇا ٿيندو ؟

فرعونن کان گھٻرايون ڇو ؟
تڪليفن کان ڪترايون ڇو ؟
ڪنھن وقت جي ظالم جابر کان،
لھرايون ڇو گھٻرايون ڇو ؟
احساس خودي کي ختم ڪري،
ھت ظلم جو زور وڌايون ڇو؟
يلغار ڪري اڄ ڪوٽن تي ،
ظالم جو زور ڀڃڻ گھرجي ،
ڇو ڪجھ نه ڪڇون ڇو خاموش رھون؟
خاموش رھڻ مان ڇا ٿيندو ؟

اي سقراطو ! اي منصورو !
ھن ڌرتيءَ ماء جا فرزندو !
اي مسڪينو اي مجبور رو !
تنظيم ڪريون پنھنجي قائم،
اڄ عزم ڪريون گڏجي باھم ،
ھر ظلم جي پاڙ پٽينداسون ،
ھن ڌرتيءَ ماء جي سيني تان،
اڄ ھرھڪ پاپ ڪٽينداسون ،
خاموش نه ھرگز رھنداسون ،
ڇو ڪجھ نه ڪڇون،خاموش رھون؟
خاموش رھڻ مان ڇا ٿيندو ؟

7
ڪراڙيون رات جو ويھي ،جڳن جا راز کولينديون،
نڪن تي آڱريون نيئي،نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويھي جيڏيون،جوئان ھڪٻئي جون ڳولينديون،
جڏھن ھو پنھنجي سيني تي ،سيھ واسينگ کولينديون،
ته عاشق بيقرار ايندو،
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا،سنگھارن ۾ سڪار ايندو،
بھار ايندو بھار ايندو

8
نوجوان ساٿيو سنڌ جا وارثو
ڏات ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي.
جيئي سنڌ جيجل جو آھي قسم،
ته جيسين آھي سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم ،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي.

ڪير آھي جو ڪوپن جو رستو جھلي،
نه گولي نه بندوق جن کي پلي ،
قافلو ڪر کنيو،شان سان پيو ھلي،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي.

نه جيلن کان دھليا ھي جوڌا جوان،
نه ھٽندا ھي ساڻيھ جا پاسبان ،
ڪپي ڪير آ،جو اسان جي زبان ؟
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي .

ڀيڻ اختر جي عصمت جو آھي قسم،
ته ساڻيھ ھاڻي نه سھندو ستم ،
نه جھڪندو جيئي سنڌ جو ھي علم
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي .

ڪر کڻي ٿو ڀٽائي اوھان کي ڏسي،
ڏسي ھمتون کيج مان ٿو کلي ،
درازن مان دولھ دعا ٿو گھري ،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي .

وسيو اڄ وري مارئي جو وطن ،
سڀئي ڳوٺ وستيون ڇمر ٿا ڇلن،
جتي ڏس اتي،اڄ وڄون ٿيون وسن،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي .

ڀيڻ اختر جئي ،لالا قادر جئي،
يوسف،اقبال،قاضي ۽ پنھور جئي،
سن جو سائين،قريشي ۽ حيدر جئي،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي.

شيخ اياز جي ڄرڪي آ ڄڀي ،
جوانن ۾ آندي نئين زندگي ،
سڄي سنڌ آ روشني روشني
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي

گدائي غلاميءَ جون راتيون کٽيون،
ڏسو ھاڻ اوڀر کان باکون ڦٽيون ،
اجھو ھاڻ زنجير زيريون ٽٽيون ،
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي

9
ھيء ڌرتي مالا مال رھي ،
ھي ڌرتي سون اپائي ٿي،
۽ سڀ ڪنھن کي کارائي ٿي،
ھت سانوڻ جي برساتن ۾ ،
ڇا قدرت رنگ رچائي ٿي ،
ھي سنڌ سدا خوشحال رھي،
ھي ڌرتي مالا مال رھي .

ھيء ڌرتي مونکي پياري آ ،
ھيء ڀونء ته ڀاڳن واري آ،
ھن ديس تي پنھنجي جان فدا،
ھن ديس تي سڀ ڪجھ واري آ،
ھيء سنڌ سدا خوشحال رھي ،
ھيء ڌرتي مالا مال رھي .

ھيء شاھ سچل جي وستي آ،
ھڪ جنس محبت سستي آ،
ھر وستي وستي شھر شھر ،
ھڪ روپ سينگار جي مستي آ،
ھيء سنڌ سدا خوشحال رھي !
ھيء ڌرتي مالا مال رھي !

ھر عورت ديس جي نوري آ،
ھر ماڻھو ديس جو راڻو آ،
ھت پيار جي ريت پراڻي آ،
ھي ملڪ مٺو من ڀاڻو آ ،
ھيء سنڌ سدا خوشحال رھي
ھيء ڌرتي مالا مال رھي .

ھن ديس جو اونچو شان رھيو،
ھن ملڪ جو ھر دم مان رھيو،
ھا ھوشوء جھڙا مرد ھتي ،
ھت دولھ درياء خان رھيو ،
ھي سنڌ سدا خوشحال رھي،
ھيء ڌرتي مالا مال رھي .

ھن ديس تي تن من واريندس،
ھن ديس جا دشمن ماريندس،
گھر ٻار ٻچا قربان ڪري ،
ھن ديس تي خون به ھاريندس
ھيء سنڌ سدا خوشحال رھي،
ھيء ڌرتي مالا مال رھي .

ھن درتيء خاطر مرنداسون،
ھن ڌرتيءَ خاطر جيئنداسون،
سقراط جيان جي شھر مليو،
ته به کلندي کلندي پيئنداسون،
ھيء سنڌ سدا خوشحال رھي !
ھيء ڌرتي مالا مال رھي !
۰10

جي سھڻا اوھان ۾ وفائي ھجي ھا،
ته جنت خدا جي خدائي ھجي ھا .

شب وصل ۾ عيد ٿئي ھا اسانجي،
ستمگر جي تو ۾ سچائي ھجي ھا.

وٺي دل کي ڦرندو رھين ھا پريشان،
جي تو ڀي ڪٿي دل ڦرائي ھجي ھا.

عمر پنھنجي گذري ھا عيش و خوشيء ۾ ،
طبيعت جي ڪنھن تي نه آئي ھجي ھا.

پرين قرب واري نظر جي ڪرين ھا ،
مقدر ۾ ڇو ھي گدائي ھجي ھا .

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي قومپرستن کي اتحاد ڪرڻ گهرجي

سنڌ جي قومپرستن کي اتحاد ڪرڻ گهرجي

عظيم دانشور فرانز فينن جو چوڻ آهي ته “هو متحد انڪري آهن، جو اوهان منتشر …

Leave a Reply

Your email address will not be published.