وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 59 پيسا گهٽتائي آندي وئي جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 113 رپيا 24 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 7 رپيا 67 پيسا لاٿ آندي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 124 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 27 پيسا گهٽتائي ٿي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 99 رپيا 57 پيسا ٿي ويو ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پيسا جي گهٽتائي ڪئي وئي ۽ هاڻي ان جو نئون اگهه 91 رپيا 89 پيسا مقرر ٿي ويو