ٿي ويو گھوٽڪي جو ارڏو دلير صحافي نيٺ نصراللھ گڏجاڻي شھيد

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاج، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جاري

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پاران مختلف علائقن ۾ ميت کي سلامي ۽ گلن جون ورکائون ڪيون

ميرپور ماٿيلو جو صحافي جنھن کي ڪجھ ڏينھن اڳ گوليون ھڻي سخت زخمي ڪيو ويو نيٺ شھيد ٿي ويو. گولين جو کاڄ بڻيل شھيد نصرالله گڏاڻي جو مڙھ ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ نيو پيو وڃي. جتي شام پنجين وڳي سندس جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ٻڌندي سنڌ سڪتي ۾ اچي وئي مختلف شھرن ۾ سندس قتل خلاف احتجاج جاري آھن ھوڏانھن سندس مڙھ کي مختلف شھرن ۾ سلامي ڏني وئي ۽ گل نڇاور ڪيا ويا.

ھي بہ پڙھو

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار …