شھيد نورخان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ان جا ٻچا روڊن تي

ھن تصوير ۾ مارڪيٽ سانحي ۾ کلي عام قتل ٿيل شھيد نور خان ھنڱورو جي ٻن معصوم ٻچڙن جو پنھنجي بابا سائين جي قاتلـن کي گرفتاري لاء نٽھڻ اس تي ويھي بي وسي جو مظاھروڪري رھيا آھن .نورخان ھنڱورو جي کي داٻيجي ۾ ڏينھن ڏٺي جو صبح جو سرعام قتل ڪيو ويو. سوين ماڻھن سندس قتل جو تماشو ڏسندا رھيا. خبر ناھي اسان جي سماج کي چا ٿي ويو آھي جيڪڏھن اتي تماشو بيھي ڏسندڙ وڊيو ٺاھيندڙ، فوٽو وٺندڙ صرف گھوڙا گھوڙا ڪن ھا تڏھن بہ شايد نور خان ھنڱورو جو بچاءِ ٿي وڃي ھا. جنھن جاءِ تي شھيد نور خان ھنڱورو کي قتل ڪيو ويو ان کان صرف چنڊ فرلانگن جي مفاصلي پوليس اسٽيشن موجود ھئي. مسلسل 13 منٽن تائين مزاحمت ڪندڙ نور خان ھنڱورو جي ان مزاحمت جي انھن کي بہ ڪل ڪانہ پئي. ھڪ ھفتو گذري وڃڻ جي باوجود نورخان ھنڱورو جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن. پوليس مائيٽن تي سياسي تنظيمين،سماجي تنظيمن تي اھو تہ دٻاءُ وجھي رھي آھي تہ احتجاج نہ ڪريو پر جوبدارن جي گرفتار ڪرڻ ۾ اڃان تائين ناڪام آھي . پوليس انتظاميہ جي اھڙي نااھلي خلاف ٺٽو سراپا احتجاج بڻيل آھي اھڙو ڪو ڏينھن خالي ناھي جنھن ڏينھن تي ٺٽي ۾ احتجاج نہ ٿيندو ھجي پر چونڊيل نمائيندا ۽ پوليس تماشائي بڻيل آھي سندس ڪن تي جون بہ ڪانہ ٿي سُري.

وڌيڪ پڙھو

سگريٽ جي دونهي جهڙو عوام ۽ ايش ٽري جهڙي بجيٽ-حيدرملاح

سگريٽ جي دونهي جهڙو عوام ۽ ايش ٽري جهڙي بجيٽ-حيدرملاح

مانجهند جي ڇپرا هوٽل تي ڪٽ چانهه پيئندين صبح جو سويل اخباري سرخين تي بحث …