شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٽيجھي جون رسمون، ايس ٽي پي چيئرمين لفظن جي ڀيٽا سان گڏ لڙڪن جي ڀيٽا ڏني. ماحول سوڳوار

شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٽيجھي جون رسمون، ايس ٽي پي چيئرمين لفظن جي ڀيٽا سان گڏ لڙڪن جي ڀيٽا ڏني. ماحول سوڳوار

شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٽيجهي جون رسمون ٿي گذريون.
شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي تڏي تي اڄ 3 ڏينھن به ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي ۽ شھيد الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن افضل جسڪاڻي ذيشان جسڪاڻي اسد جسڪاڻي سان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي استاد محمد راھمون سرور خشڪ حيدر شاھاڻي اعجاز سنڌي ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري ايڊووڪيٽ فاطمه منيب ايڊووڪيٽ اسلم لغاري ايدووڪيٽ غلام حسين مهيسر عبدالحفيظ ڏيرو ذوالفقار ميمڻ ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي برڪت ٻٻر نظير سومرو مجيب پنهور اصغر ڀرٽ فاروق ميمڻ ضياءالرحمن ميمڻ سڪيلڌو راھمون سميت قوم پرست سياسي سماجي ماڻھن تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ قادر چنا ڊاڪٽر سومار مڱريو محمد علي ابڙو ڊاڪٽر احمد نوناري عاشق سولنگي ڄام شوڪت علي ابڙو حيدر ملاح خدابخش درس اطهر شاه مبارڪ ڀٽي شاھنواز سيال گوتم چنا سميت ضلعي اڳواڻن پارٽي ڪارڪن شهيد الطاف جسڪاڻي جي عزيزن دوستن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ موجود ھئا

ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ الطاف جسڪاڻي شھيد سنڌ آھي ھو ھڪ بھادر سنڌ جوغيرتمند پٽ ھو ھن سڄي زندگي قومي جدوجھد کي ارپي ،سندس قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي اسان ڪنھن بہ صورت ۾ شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جو قتل رائيگان وڃڻ ڪونہ ڏينداسين اسان قاتلن کي ڦاھي تي ثنگائي ساھ پٽينداسين ان وقت جذباتي ٿيندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي لڙڪ ھاري ويٺو جنھن سان سڄو ماحول ڏکارو ٿي ويو

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *