شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جو ٺٽي ۾ تعزيتي ميڙاڪو- لفظن ۽ لڙڪن جو ڀيٽائون

شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جو ٺٽي ۾ تعزيتي ميڙاڪو- لفظن ۽ لڙڪن جو ڀيٽائون

ٺٽوسنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمن شھيد الطاف جسڪاڻي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لا۽ ترقي پسند ھائوس مڪلي ٺٽو ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو تعزيتي ميڙاڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي امتياز سمون، ضلعي صدر سيد جلال شاھ، ناٿوبروھي سميت ٺٽي جي سول سوسائٽي اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ آصف جوکيو. . صحافي ذوالفقارخاصخيلي. مٺڙي سنگت ٺٽي جي اڳواڻن غلام علي مگسي. سيد اسدالله شاھ، سماجي اڳواڻن انور ڪلمتي، وحيد حيدر زنئور، ،صحافي اقبال جاکرو، جبار ڀنڀرو، ٻين خطاب ڪيو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ الطاف جسڪاڻي کي ڪرايي جي غنڊن جي ھٿان شھيد ڪرائي سنڌ لا۽ جاري جدجھد کي خاموش ڪرائڻ جي سازش ڪئي وئي آھي پر ترقي پسند پارٽئ جي جاري جدوجھد کي ۽ ڊاڪٽرقادرمگسي کي ماٺو نٿو ڪرائي سگھجي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي خلاف ترقي پسندپارٽئ جي ڪراچئ ۾ لڳندڙ ڌرڻي کان پو۽ سنڌ دشمن ڌرين ڊاڪٽرمگسي جي قيادت ۾ ھلندڙ جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ لا۽ الطاف جسڪاڻئ کي شھيد ڪرايو ويو آھي، پر قاتلن ۽ سندن سھولرتڪارن کي سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻ جو خون ڦٻڻ نہ ڏنو ويندو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ سلمان جاکرو ۽ آفتاب گيت پيش ڪري شھيد الطاف جسڪاڻي کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي قرارداد منظور ڪندي شھيد الطاف جسڪاڻئ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ ۽ وفاق پاران ٻيٽن تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *