شھيد براد ڪلمتي ۽ حسن مگسي جون مختلف شھرن ۾ ورسي جون تقريبون ،ميڙاڪا

ملير ڪراچي
ڌہ جون جي شھيدن براد ڪلمتي حسن مڱسي جي ڳوٺ قادر ننگر ۾ مرڪزي اڳواڻ قادر چنا جي اڳواڻي ۾ ورسي ملھائي وئي جنھن ۾ مرڪزي اڳواڻ خير محمد مڱسي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ شبير چانڊيو سميت ڪارڪنن ۽ شھيدن جي وارثن شرڪت ڪئي

ڪراچي ۾ شھيد جي مزار تي حاضري


ڪراچي
شھيد حسن مگسي جي آخري آرامگاھ تي مرڪزي اڳواڻ قادر چنا ، خير محمد مگسي ،مبارڪ ڀٽي ، ضلعي اوڀر جي اڳواڻ رجب مگسي ، ضلعي ملير اڳواڻ شبير چانڊيو ، عابد رند سميت ڪارڪنن گلن جي چادر چاڙهي دعا گھري.

حيدرآباد ۾ ميڙاڪو


حيدرآباد.
شھيد براد ڪلمتي ۽ شھيد حسن مگسي جي 11 ورسي ضلع حيدرآباد طرفان مرڪزي اڳواڻ نصرت حسين چن جي صدارت ۾ ترقي پسند هائوس تي ملهائي وئي جنھن ۾ عي اڳواڻ سچل گوپانگ، عبدالجبار راهو سميت ورڪرن شرڪت ڪئي .

ڄامشورو ۾ ميڙاڪو


ڄامشورو
ايس ٽي پي ضلعي ڄامشورو پاران 10 جون جي شهيد حسن مگسي ۽ براد ڪلمتي جي 11 ورسي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا جي صدارت ۾ ملھائي وئي جنھن ۾ ضلعي اڳواڻ يونس اوٺو ابراهيم کامڙيو ارشاد پنهو، مصطفي شاهاڻي شاهد ميمڻ سميت ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

شھداد ڪوٽ ۾ ميڙاڪو


شھدادڪوٽ
ايس ٽي پي شھدادڪوٽ پاراث شھيد حسن مگسي ۽ شھيد براد ڪلمتي جي ورسي ضلعي اڳواڻ محمد حيات تنيو جي صدارت ۾ ٿي جنھن ۾ ضلعي اڳواڻن شبير مگسي، امداد سومرو، غني مگسي، فاروق سومرو، محرم مگسي، دادمحمد کنڊ، سجاد تنيو سميت ڪارڪنن شرڪت ڪئي

جيڪب آباد ٺل ۾ ميڙاڪو


جيڪب آباد
ايس ٽي پي جيڪب آباد پاراث شھيد حسن مگسي ۽ شھيد براد ڪلمتي جي ورسي ضلعي اڳواڻ عبدالرزاق سرواڻ، جي اڳواڻي ۾ ملھائي وئي جنھن ۾ ماما اميربخش سومرو، استاد عبدالغفور ٻرڙو، آدرش سنڌي، اصغر علي لاشاري، محمد بخش بروھي، ڪامريڊ خليل لاشاري, ڪامريڊ ظفر سنڌي, سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ م شرڪت ڪئي

بدين ۾ ميڙاڪو


بدين
سنڌ ترقي پسند پارٽي بدين پاران شھيد حسن مگسي شھيد براد ڪلمتي کي جي ورسي مرڪزي اڳواڻ شاهنواز سيال جي صدارت ۾ ملھائي وئي جنھن ۾ ضلع صدر اسلم مهندو سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …